18 جمعہ , جنوری 2019

خاشقجي معاملو: آمريڪي پرڏيهي وزير جي سعودي کانپوءِ ترڪ اختيارين سان ملاقات

انقرا + رياض (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي ترڪ هم منصب مولود چاوش اولو سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ صحافي جمال خاشقجي ڪيس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي وزير ان کان اڳ سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري ترڪي پهتو. سعودي عرب جي دوري دوران هن شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان کانسواءِ پرڏيهي وزير عادل الجبير سان به ملاقات ڪئي. هوڏانهن آمريڪي ڪانگريس جي سينيئر سينيٽر لنڊسي گراهم الزام هڻندي چيو آهي ته جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڏنو هو. ٻئي پاسي ترڪي جي جاچ ٽيم استنبول ۾ سعودي قونصل جنرل جي رهائش گاهه جي تلاشي وٺي ڇڏي آهي، ان کان اڳ ترڪ اختيارين استنبول ۾ سعودي قونصل خاني جي تلاشي پڻ ورتي هئي. ٻه آڪٽوبر کان گم ٿيل صحافي جمال خاشقجي جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو. ان ڪيس جي حوالي سان رياض حڪومت تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي پر سعودي عرب واقعي بابت لاتعلقي جو اظهار ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت بئنڪن مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ختم ڪرڻ تي راضي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اوڳاڙين بابت ممڪلتي وزير حماد اظهر ٽيڪس باقيدارن لاءِ بئنڪن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے