21 بدھ , نومبر 2018

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن جنسي زيادتي، قتل، سندن ٻارن کي اغوا ڪرڻ يا تشدد جو نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون وصول ٿيون آهن. يورپي يونين جي ميمبر رياستن سان واسطو رکندڙ سياستدان عورتن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي جنسي هراسمينٽ ۽ موجود تشدد جي خطرن تي اها رپورٽ ڪالهه 16 آڪٽوبر تي جاري ڪئي وئي. رپورٽ موجب سروي ۾ شامل 85 سيڪڙو عورتن ڪڏهن نه ڪڏهن نفسياتي دٻاءَ ۽ ذهني تشدد کي منهن ڏنو. 68 سيڪڙو عورتن جو چوڻ هو ته لباس، جنس ۽ رنگ توڙي نسل سبب اسان کي سخت جملا چيا ويا، جڏهن ته 25 سيڪڙو عورتن دعويٰ ڪئي ته کين جنسي طور هراسان به ڪيو ويو. يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ”انٽر پارليمينٽري يونين“ ۽ ”پارليمينٽري اسيمبلي آف ڪائونسل آف يورپ“ جي رپورٽ ۾  يورپ جي مختلف ملڪن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ سرڪاري عورت ملازمن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ کين موجود مسئلن تان پردو کنيو ويو آهي. سروي ۾ 45 يورپي ملڪن جي 123 عورتن کان راءِ ورتي وئي، جن مان 81 پارلياماني ميمبر ۽ 42 پارلياماني عملي جون ميمبر هيون. نتيجن موجب 40 ورهين کان گهٽ عمر جي عورتن کي سڀ کان ڪمزور سمجهيو ويندو آهي. عملي جي ميمبر 49 سيڪڙو عورتن دعويٰ ڪئي ته کين آفيس ۾ ئي هراسان ڪيو ويو، 70 سيڪڙو ڪيسن ۾ اهڙو عمل ڪندڙ مرد سياستدان هئا. پارليامينٽ ميمبر عورتن جي 23 سيڪڙو انگ ۽ عملي جي 6 سيڪڙو عورتن هراسان ڪرڻ جي باقاعدي طور دانهن ڪئي. ان رپورٽ جي نتيجن تي روشي وجهندي ”انٽر پارليمينٽري يونين“ جي صدر گابريئيلا ڪيواس چيو ته هڪ عورت هجڻ جي لحاظ سان مان انهن نتيجن سبب ڏاڍي پريشان آهيان، انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته اهو مسئلو اسان جي اندازي کان به وڌيڪ آهي، اهو عمل نه رڳو عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر جمهوريت لاءِ به نقصانڪار آهي. اها رپورٽ اهڙي موقعي تي جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن هڪ هفتي کانپوءِ يورپي پارليامينٽ ۾ هڪ بلاگ شروع ڪيو پيو وڃي، جتي متاثر پنهنجا تجربا بيان ڪري سگهندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے