21 بدھ , نومبر 2018

وفاقي حڪومت ٿر جي مسئلن بابت چڱي ريت واقف آهي: عمران اسماعيل

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ٿر واسين لاءِ 35 هزار صحت ڪارڊ، 2 موبائل ڪلينڪ ۽ 8 ايمبولينسون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ٿر جي مسئلن بابت چڱي ريت واقف آهي، عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ پاليسين تي غور جاري آهي. عمران اسماعيل وفاقي وزيرن ۽ قانون سازن سان گڏجي اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول فيلڊ سميت ٻين منصوبن جو دورو ڪيو. سنڌ ڪول مائن ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شمس الدين احمد شيخ کيس منصوبن بابت تفصيل ٻڌايا، عمران اسماعيل ڪول مائن، پاور هائوس ۽ گرين پارڪ سميت ٻين هنڌن جو به دورو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اهڙن منصوبن سان ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، مون کي کاڻن ۾ ڪم جي حوالي سان ڪارڪردگي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، توانائي تي ٻڌل منصوبو جلد بجلي پيدا ڪري سگهندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے