14 جمعہ , دسمبر 2018

عورتن کي هراسان ڪرڻ جا وقعا ۽ تحفظ وارو سيل

مهوش عباسي

سنڌ اندر عورتن تي ٿيندڙ جسماني تشدد، ذهني تشدد، جبري پورهئي، ڏاڍ، نا انصافي، هراسان ڪرڻ جي واقعن، تعليم کان منع ڪرڻ ۽ نوڪريءَ جي اجازت نه ڏيڻ ۾ ڏينهن و ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، ايترو نه بلڪه هاڻي ته تعليمي ادارن ۾ پڻ شاگردياڻيون توڙي پروفيسرز ۽ ليڪچرار حراسمينٽ جو شڪار ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن سبب نياڻين کي تعليم ۽ روشن مستقبل جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي پريشانيون آڏو اچي رهيون آهن. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ حراسمينٽ ۽ تشدد کان تنگ اچي آپگهات ڪندڙ نائلا رند کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي شاگردياڻي فرزانه جماليءَ کي هڪ استاد طرفان تنگ ڪرڻ جهڙا واقعا سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي اهڙا سوين مسئلا منظر عام تي نه ٿا اچن جنهن جو سبب ان تعليمي اداري جي بدنامي کان بچڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪرڻ آهي يا وري شاگردياڻيون تعليم جي حاصلات ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچڻ ۽ والدين جي عزت جو تحفظ ڪرڻ سبب خاموشي اختيار ڪن ٿيون، اهو هڪ وڏو الميو آهي ڇو ته سندن خاموشي سبب ٻيون به ڪيتريون ئي نياڻيون انهن بگهڙن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.

ڏٺو وڃي ته فرزانه جماليءَ جو مثال اهڙن بگهڙن لاءِ هڪ ڪامياب جواب آهي، سندس جدوجهد ۽ پنهنجي آبروءَ لاءِ اٿاريل حق سچ جي آواز ڪنهن حد تائين کيس انصاف ميسر ڪيو ۽ کيس هراسان ڪندڙ استاد جي شڪل ۾ موجود بگهڙ عامر خٽڪ مڪمل طور نوڪري تا هٿ ڌوئي ويٺو آهي، هن نه صرف پنهنجي معزز پيشي جو احترام ڪيو نه وري هڪ نياڻيءَ جي مرتبي جو جنهن سبب کيس ايتري وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي آهي. اهڙي انصاف کانپوءِ اها توقع ضرور رکي سگهجي ٿي ته تعليمي ادارن ۾ هاڻي ڪو به بگهڙ شاگردياڻي توڙي پروفيسرز کي تنگ ڪرڻ کان اڳ ضرور هڪ دفعو سوچيندو ۽ شاگردياڻيون به هاڻي ضرور ان اعتماد ۾ اچي ويون هونديون ته جيڪڏهن کين ڪير هراسان يا تنگ ڪري ٿو ته ان جو انجام ڇا ٿي سگھي ٿو، ان لاءِ خاموشيءَ کان بهتر انصاف لاءِ آواز اٿارڻ آهي. .

ٻئي پاسي عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت وفاقي محتسب جي 4 سالن واري تفصيلي رپورٽ به سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي آهي، ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 4 سالن ۾ هراسان ڪرڻ جا 220 واقعا رپورٽ ٿيا، 50 جون لاڳاپيل کاتن طرفان جاچ ڪرائي رپورٽون وفاقي محتسب کي ڏنيون ويون. رپورٽ موجب عورتن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث 49 ماڻهن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. 2 واقعن ۾ ملوث ماڻهو ملازمت تان فارغ ڪيا ويا، 7 واقعن ۾ ملوث ملازمن کي موڪلن تي موڪليو ويو جڏهن ته 15 واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي ترقين ۽ پگهارن ۾ واڌ روڪي وئي.

وفاقي محتسب جي رپورٽ ڪيل انگ اکرن ۽ حقيقي انگن اکرن ۾ تمام وڏو فرق آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ادارن کان انصاف نه ملڻ ۽ اڍنگي ريت ڪارروائي ٿيڻ سبب ڪيترائي ڪيس يا ته رپورٽ نه ٿيا آهن يا وري انهن تان هٿ کنيو ويو آهي. هن معاشري ۾ عورت تي پنهنجي ڪاوڙ، طاقت ۽ زور آزمايو ويندو آهي, عورتن تي ٿيندڙ  گهريلو تشدد هتي جي ڪوڙهيل قدرن جي پردي ۾ ٿئي ٿو. اهڙا تشدد جا واقعا آهن، جيڪي معمول بڻيل آهن ۽ رپورٽ ئي نٿا ٿين. مٿان وري اهڙي تشدد کي نصيب جو لکيو سمجهي برداشت ڪرڻ جا ڀاشڻ به جاري رهن ٿا.

سنڌ ۾ عورتن جا قانوني حق ته پري جي ڳالهه انهن کي بنيادي انساني حق به حاصل نه آهن، کين ذهني ۽ جسماني تشدد مان گذرڻو پوي ٿو، گهريلو تشدد ته گهر جي لوڙهن، حويلين ۽ ڪوٽن جي اوچين ديوارن پٺيان لڪل رهي ٿو. قومي اسيمبلي مان عورتن تي تشدد جا ڪيترا بل پاس ڪيا ويا آهن جنهن ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي. پر پوءِ به ان برائي کي جڙ کان ختم نه ڪيو ويو آهي.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عورتن تي ان ظلم ۽ تشدد کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. ڪيتريون ئي سماجي ۽ انساني حقن جون تنظيمون عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ڪم ڪري رهيون آهن جنهن سبب ڪنهن حد تائين عورتن کي پنهنجي حقن ۽ تشدد خلاف آواز اٿارڻ جي سگهه ملي آهي. گذريل ڏيڍ سال کان سنڌ اندر عورتن جي تحفظ وارو سيل (women protection cell – Sindh) ان ڏس ۾ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي اهو سيل سنڌ پوليس ۽ رورل ورڪ فائونڊيشن جي گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين عورتن تي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جا 600 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان 564 ڪيس عورتن جي تحفظ واري سيل حل ڪيا آهن ۽ ٻيا ڪيس به جلد حل ڪيا ويندا.

ياد رهي ته انهن مان ڪيترائي رپورٽ ٿيل ڪيس تعليمي ادارن ۾ هراسان ڪرڻ جا به آهن جن جو انگ 16 آهي جڏهن ته گھريلو تشدد جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جو انگ 25 آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يقينن عورتن جي تحفظ واري سيل ۾ درج ٿيل ڪيسن جو انگ وفاقي محتسب جي 4 سالن ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن جي نسبت وڏو آهي. هڪ طرف پوري ملڪ ۾ 4 سالن اندر عورتن جي هراسان جا 220 ڪيس ظاهر ڪيا ويا آهن ته ٻئي پاسي عورتن جي تحفظ واري سيل موجب ڏيڍ سال ۾ صرف سنڌ اندر عورتن جي هراسان ڪرڻ ۽ گهريلو ۽ جسماني تشدد جا 600 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، هاڻي ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قومي ادارا ڪهڙي ريت عورتن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ اندر قائم ٿيل هڪ سيل عورتن کي ڪيئن تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي.

هونئن ته عورتن جي تحفظ وارو سيل هن وقت حيدرآباد ۽ ان جي آس پاس ۾ وڌيڪ سرگرم آهي ان کان سواءِ سکر ۾ به اهو سيل قائم ڪيو ويو آهي ۽ جلد ڪراچي ۾ به اهو ادارو قائم ڪيو ويندو، جنهن مان اها اميد لڳائي سگهجي ٿي ته سنڌ جا وڌ کان وڌ ڪيس بهتر نموني هن سيل ۾ حل ڪيا ويندا. جڏهن ته دادو، سانگھڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه سميت سنڌ جي ٻين شهرن جا ڪيس به ان سيل ۾ درج ٿي چڪا آهن. ان سيل بابت لکڻ جو مقصد ان پيغام کي عوام تائين پهچائڻ آهي،

منهنجي جاچ مطابق ان سيل پاران ڪيس حل ڪرڻ جو طريقو تمام سنجيده آهي جنهن ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ عورتن جي تحفظ، رازداري ۽ ذاتي سڃاڻپ جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ۽ سندن سڃاڻپ ۽ رازداري ٻين ادارن توڙي ماڻهن کي نه ٿي ٻڌائي وڃي، ٻئي پاسي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ ايندڙ عورتن سان سيل جي آفيس ۾ ڳالهه ٻولهه به اتي موجود اسٽاف جون عورتون ڪن ٿيون. اڄڪلهه سائبر ڪرائم ۽ سوشل ميڊيا تي هراسان ۽ هيسائڻ جا ڪيس به سامهون اچي رهيا آهن جيڪي پڻ هي سيل حل ڪري رهيو آهي. ملڪ اندر اهڙي ادارن جي تمام گھڻي ضرورت آهي جيڪي شفاف طريقي سان جاچ ڪري عورتن کي فوري تحفظ ۽ انصاف ميسر ڪري سگھن، اهو ڪم صرف نجي ادارن جو نه آهي ان ڏس ۾ سرڪاري ادارن کي پاڻمرادو اڳتي وڌڻ گهرجي.

عورتن جي تحفظ وارو سيل جيتري قدر فوري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي جڏهن ته اها به ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته اهو سيل مستقبل ۾ تعليمي ادارن اندر پڻ پنهنجي ڊيسڪ کولڻ سميت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ عورتن جي تحفظ ۽ حقن بابت آگاهي واري مهم جي شروعات ڪندو جيڪا يقينن ان کان اڳ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، پر جيڪي حڪومتون عورتن کي قانوني حق فراهم نه ڪري سگھيون اهي گھر گھر وڃي حقن جي تعليم ڪيئن ڏينديون؟

ٿيڻ ايئن گهرجي ته اسان جا ادارا پاڻمرادو ان ڏس ۾ اڳتي اچي پٺ پيل علائقن جي عورتن، خاص ڪري ٻهراڙي جي عورتن کي پنهنجي تحفظ ۽ حقن بابت آگاهه ڪري، اها سموري تعليم انهن عورتن تائين پهچائي وڃي جيڪي تعليم جي زيور کان محروم آهي. وڏن شهرن ۽ فائو اسٽار هوٽلن ۾ ويهي پروگرام ڪرائڻ سان ڪڏهن به ٻهراڙي جي عورت کي پنهنجا حق نه ملي سگهندا.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها قوم ترقي جي راهن تي هلڻ شروع ٿئي ٿي جيڪا پنهنجي عورتن کي تعليم ۽ تحفظ مُهياڪري ٿي، هڪ نسل ۽ سماج جي بهتر جوڙجڪ ۽ ڪاميابيءَ جو ذريعو عورت ئي آهي، جيستائين اسان جا ادار، حڪومتون ۽ عام ماڻهون عورت کي ان جو حقيقي مقام ۽ تحفظ فراهم نه ڪندا ايستائين اسان دنيا سان مقابلو ڪندڙ قومن ۾ شامل نه ٿي سگهنداسين. هاڻي عورتن سان ٿيندڙ صدين جي ظلم ۽ ڏاڍ کي پاڙ کان پٽڻ گهرجي ۽ پنهنجي پنهنجي گهر جي عورتن جي خواهشن ۽ تعليم جو خيال رکڻ گهرجي. اها ذميواري صرف رياستي ادارن يا وري عورتن جي تحفظ واري سيل جي نه آهي اها ذميواري هن سماج ۾ موجود هر هڪ فرد جي آهي ته هو پنهنجي گهر، پاڙي، تعليمي اداري يا وري آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ عورت کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ان جي پريشاني جي وقت ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ سندس ڳالهه ٻڌي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ڇو ته اڄ به ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي ڀائرن ۽ والدين جي ڊڄ کان پنهنجا مسئلا گهر ۾ نه ٿيون ڏسين، جيڪڏهن اسين پنهنجي گهرن ۾ بهتر ماحول ڏينداسين ته پوءِ عورتن جي تحفظ جي شروعات پنهنجي گهر مان ئي ٿيندي جنهن بعد انهن عورتن کي قانوني حق ڏئي ڪنهن به قسم جي قانوني ڪارروائي پڻ ٿي سگهي ٿي، پر ان سان گڏ اها پڻ توقع ڪجي ٿي ته سنڌ حڪومت ماضيءَ ۾ سنڌ اسمبليءَ مان عورتن جي حقن جي حوالي سان پاس ڪرايل بلن کي پڻ عملي جامو پارائي عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ لاءِ جلد عملي قدم کڻندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي ڪابينا جي وزيرن سان گڏجاڻي

ربنواز راز  ڄامڙو اڄ ڪالھه جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون انهن ۾ چسڪو ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے