17 ہفتہ , نومبر 2018

عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري قانون جي منظوري……. هڪ ساراهه جوڳو عمل

سنڌ ڪابينا عورتن کي ڪم ڪرڻ واري هنڌ هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ واري وفاقي حڪومت جي 2010ع واري قانون اختيار ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جمهوري حڪومت جي ڪنهن به بهتر عمل جنهن سان عوام پنهنجي مالي، جسماني، عزت نفس جي حفاظت سمجهندو ته اهو نه صرف عوام کي ذهني تشدد واري پريشانيءَ مان ڪڍڻ آهي بلڪه جمهوريت جو حسن ۽ جمهوري عمل جو برقرار رهڻ به چئي سگهجي ٿو، عورت جي وجود جو مقدس تصور آهي، جتي هوءَ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ زال آهي، اتي عزت عصت جو لفظ به عورت لاءِ سونهين ٿو، ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته معاشرو مرد جي تسلط تي قائم آهي، ڌرتي ماءُ آهي، عورت جي پيرن  هيٺان جنت آهي، مرڻ کانپوءِ ماءُ جي نالي انسان جي شناخت هوندي، اهي تصور به هن سماج ۾ قائم ڪيا ويا آهن.

جڏهن عورت ڪنهن اداري ۾ ڪم ڪري ٿي ته ان کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ٿو وڃي، پهرين محبت جي دعويٰ ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، عورت مضبوط ارادي واري هوندي ته ان جي ڪم ڪار تي بار بار تنقيد ٿيندي ان کي ناتجربيڪار ۽ پاڻ کي مٿاهون سمجهندا، اهڙو ڪريز خاص طور پڙهيل لکيل ادارن ۾ ڪافي آهي، دفتر ۾ ڪم ڪندڙ عورت جي رهنمائيءَ کي پنهنجي شان جي خلاف سمجهندي مختلف بهانن سان اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪندا، مثلا وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ، هرو ڀرون جا جملا دوستن سان ڳالهائڻ، سامهون بار بار لنگهي وڃڻ، غير ضروري پنهنجي ڳالهين ڏانهن متوجهه ڪرائڻ، ڪنهن به ڪم ۾ ان جي راءِ کي بي ڌيانيءَ سان ٻڌي ٻي عزتي ڪرڻ، شڪايت ڪرڻ تي تمام خوبصورتيءَ سان سٺن جملن جي سيڙهي ٺاهي وري به عورت کي نشانو بڻائي، پاڻ کي صاف رستو ڏيندا.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پوليس ۾ جيڪڏهن ڪا ليڊي پوليس آفيسر آهي ته ان کي هيٺيون عملو سلوٽ نه ڪندو ڇو ته مرد معاشري ۾ عورت کي سلوٽ ڪرڻ مرد جي شان جي خلاف آهي، جڏهن ته ڪيترا ڀيرا ايڪشن ٽيم انڪواري به ڪندي رهندي آهي پر وري به مختلف طريقن سان ڳالهين کي گول مٽول ڪري خاموشي اختيار ڪئي ويند ي آهي.

بئنڪن، ايجوڪيشن، نرسنگ، گارمينٽ فيڪٽرين پرائيوٽ تجارتي ادارن مطلب هن سماج ۾ جتي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عورت هر جڳهه ڪم ڪري سگهي ٿي اتي عورت پنهنجي همت ۽ حوصلي سان چاهي رت جا ڳوڙها ڳاڙي نوڪري بچائي وقت گذاري ٿي، پر معاشري جو مرد دفتر ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو ڪو به نالو هجي سندس گهر ۾ ويٺل ماءُ ڀيڻ جي رشتي جي اهميت ان گهٽ نه آهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي هڪ شهر ۾ ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو هو ته ان ڪيس جي جوابدار جي هڪ طرف عورت وڪيل هئي ته ٻئي طرف مرد، مرد وڪيل ڏٺو ته عورت مضبوط دليلن سان ڪيس کٽي رهي آهي ته هن پنهنجي انا کي بچائيندي عورت وڪيل جي چوٽي کي پڪڙي ان کي مارڪٽ ڪرڻ لڳو، سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن عورت جي ڪاميابي سماج جي ستل عورت جي ڪاميابي ناهي ؟

پر مرد جي ڏاڍ ۽ انا پرستيءَ جي ديوار تي بيٺل معاشري ۾ مرد پاڻ کي ڪمزور سمجهڻ نهني بيغرتي ٿو سمجهي، عورت ڪاڏي وڃي گهر ۾ ويهي بهادريءَ سان حق ٿي وٺي ته ڪاري ڪري ماري ٿي وڃي ۽ ملازمت ڪندڙ عورت کي استعمال ڪري مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي وڃي، اهڙو ئي واقعو بئنڪ ۾ هڪ عورت جو آهي، آفيس ۾ ويٺي هئي ڪو ڪلائينڊ سامهون ويهي بئنڪ جي مستعلق پڇي رهيو هوس ته سندس گهر واري بئنڪ ۾ اهو ڏسي ته ڪو مرد ويٺو آهي اتي ئي ڊيوٽي دوران کيس مارڪٽ شروع ڪري ڏني، اهو به خيال هن نه ڪيو ته سندس گهر واريءَ جي بئنڪ ۾ ڪيتري عزت آهي.

آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت جتي مردن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ ڪا عورت پنهنجي ذميداريءَ سان ڪم ڪري ٿي ته ان کي غيرت جو مسئلو ٿو بڻايو وڃي، ڇا هوءَ جڏهن گهر ۾ پگهار کڻي ٿي اچي ۽ مڙس سڄو حساب ڪتاب ٿو وٺي ته انهيءَ وقت نٿو سوچي ته پئسا ڏيڻ وارا مرد جا هٿ هوندا ۽ هر نوٽ تي قائداعظم جي تصوير آهي تنهن هوندي به سخت تاڪيد ڪندو ته پئسا سنڀالي کڻي اچجان ڪٿي ڦر نه ٿي وڃي، ڀلا ڦربو ته ڪاغذ تي ٺهيل قائداعظم ويچاري عورت جي محنت جو معاوضو ان جي احساس ۽ وقت جي قيمت ته شايد ايتري ناهي هوندي جيتري هوءَ پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ان قيمت جي اهميت سمجهندي آهي، ڪيس داخل ٿيندو ته اهو چيو ويندو ته پئسن جي ڦر ٿي آهي، عورت جي عزت ڪيتري مجروح ٿي ان جي اهميت تمام گهٽ شخص آهي، ٻيو رجحان تعليمي ادارن ۾ جيڪا حراسمينٽ پيدا ڪئي ٿي وڃي ته علم جي مشعل کڻن وارين شاگردياڻين جي اجهايل دل جي ڪير وارثي ڪندو،

تازو بينظير يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي همت ڪري حراسمينٽ خلاف آواز اٿاريو ته سڄي سنڌ احتجاج ڪري شاگردياڻيءَ سان سهڪار ڪيو ۽ ساراهڻ جوڳو عمل آهي ته متعلقه وي،سي ۽ استاد تي ايڪشن کنيو ويو، جنهن سان شاگردياڻين جو نه صرف حوصلو بلند ٿيو پر ويساهه به بحال ٿيو.

شاگردياڻين ۾ اها خوشي هئي ته مٿان لياري يونيورسٽيءَ جو واقعو آڏو آيو آهي جيڪووري تڪليف ڏيندڙ عمل آهي، ڇا شاگردڻيون صرف احتجاج سان ئي پنهنجو حق وٺي سگهن ٿيون، جڏهن ته هنن لاءِ پرسڪون ماحول ئي  تي سڀ ڪجهه آهي جتي هو صحت مند ذهن مطابق سٺي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿيون، اڪثر ڪاليج اسڪول ۾ ايندڙ شاگردياڻيون بس اسٽاپ تي بيٺيون هونديون ته انهن کي حراسان ڪيو ويندو، جنهن جو مثال پهرين ڏينهن ۾ ڇري چاڪونءَ واريون وارداتون آهن، يا وري رستي ۾ ڇوڪرين تي تيزاب هاري انهن جي جي شڪل بگاڙي ويندي، مطلب ته اهي سڀ واقعا نوجوان ڇوڪرين سان ٿيڻ عام معمول آهن،

ننڍڙين ٻارڙين کي قتل ڪري لاش اڇلائڻ به هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي، ڪهڙي ماءُ جو جگر هوندو جيڪو انهيءَ خبر ۽ لاش کي ڏسي سگهندو، انهيءَ ڪري حڪومت مان اها اميد رکڻ گهرجي ته 2010ع واري پيش ڪيل عورت جي تحفظ واري بل تي عمل ڪري باقائدي ادارن کي ذميداري ڏني وڃي ته عورت جو بچاءُ ڪيو وڃي ته جيئن عوام مان ٽٽل اعتماد بحال ٿي سگهي پر اهو به انهيءَ انصاف پسند سمجهو ذميدارن جي ڊيوٽي لڳائي ته جيئن عورت پنهنجي ڪنهن  به ڏاڍائي جو اظهار ڪري انصاف جي اميد رکي سگهي،

ڏٺو وڃي ته خود پاڪستان جا وڏا ايوان قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ماضيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو تعداد موجود آهي. ڪنهن به پارٽيءَ سان ڪا به عورت تعلق رکي چاهي مخالف ڌر ۾ هجي يا حڪومت ۾ پر هر عورت جو آواز عورت جي تحفظ لاءِ بلند ٿيندو انهيءَ ڪري توڻي جو کڻي 8 سالن کانپوءِ يعني 2010ع واري بل جو عمل 2018ع ۾ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. دير آئي پر درست آئي، انهيءَ دوران ڪافي حادثا ٿيا آهن، پر سٺي جمهوري حڪومت جو پهريون عمل ماڻهن جي اعتماد کي بحال ڪرڻ هوندو آهي انهيءَ ڪري ان جي منظوري کي آخري شڪل ڏني وڃي ته جمهوريت جو عمل سگهاري حيثيت ۾ نظر اچي، بهرحال اڄ جي عورت جتي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهي آهي ان جو اعتماد بحال ٿيڻ سان هر عورت پنهنجي صلاحيتن پٽاندڙ اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪندي.

خميس 18 آڪٽوبر  2018ع، 8 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے