17 ہفتہ , نومبر 2018

اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب ترجمان موجب سنڌ جي اڳوڻي مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري خلاف لوڪل گورنمينٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ڄام خان شوري جي گرفتاري لاءِ ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن ۽ ڇاپن جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي. ڄام خان شوري تي اختيارن جي ناجائز استعمال جو به الزام آهي. نيب اڳوڻي صوبائي وزير خلاف سرڪاري زمينن تي قبضي جي جاچ شروع ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے