21 پیر , جنوری 2019

نيوز:نواب ولي محمد: آبادگارن جي پاڻي جي کوٽ خلاف بک هڙتال جاري

* نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جي 25 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري  رهي.

دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن محمد هاشم ٻگهيو، ظفرعلي چانڊيو خميسو خان ڀنڊ انور علي ٻگهيو ،نور احمد انڙ ، اعجاز سنگراه ، عمران انڙ ، حافظ زين ڀٽو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي.

ڍان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته جيسيتائين دولتپور شاخ بچل پور تائين نه ٿي وهي ايستائين اسان جي بک هڙتال جاري رهندي

 هنن چيو ته  دولتپور شاخ ۾ 26 سالن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي اسان جي پاڻي تي منڍ جا بااثر  زميندار ڌاڙو هنيو ويٺا آهن

 آبادگارن چيف جسٽس آف پاڪستان ، سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس  ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي  ته دولتپور شاخ تي مستقل رينجرز مقرر  ڪري کين پاڻي فراهم ڪيو وڃي …………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو

خيرپور ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صوفائي سهتا جي رهواسين عورتن بااثر  جي ظلم خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے