21 بدھ , نومبر 2018

ٿرڪول بجلي منصوبو: سپريم ڪورٽ طرفان منصوبي جي آڊٽ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ ٿرڪول بجلي منصوبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي تجويزون پيش ڪيون، عدالت آڊيٽر جنرل کي ٿرڪول گيسي فڪيشن منصوبي جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته رپورٽ 15 ڏينهن ۾ طلب ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ ٿرڪول رٿا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي معاون، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي تجويزون پيش ڪيون.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ان ۾ 2 طريقا آهن، هڪ ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ٻيو طريقو بندرگاهن تي پلانٽ لڳايا ويندا آهن، ڏسڻو آهي ته ڪٿي رٿائن ۾ خرد برد ته نه ڪئي وئي آهي. نيب چيو ته پشاور جي انجنيئرن چيو ته زمين هيٺ گيسي فڪيشن سان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي. چيف جسٽس چيو ته تنهن وقت تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو. عدالتي معاون چيو ته جن رٿا جي منظوري ڏني تنهن کي به ڏسڻ گهرجي ها،. رميش ڪمار چيو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙن کي پگهار نه ملي آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي انجنيئر جنرل شاهد نياز سان ملاقات ڪئي آهي، ماهرن موجب منصوبي سان زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيندي،  ماحوليات تي به اثر پوندو. چيف جسٽس چيو ته ڪٿي آهن ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جون دعوائون، معاملي کي ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون يا وري نئين سر جاچ ڪرائي وڃي.، گوڙ ڪيو ويو ته اهڙو ڪم ٿيو آهي جيڪو اڄ تائين ڪنهن سائنسدان نه ڪيو آهي، 100 ميگا واٽ جي منصوبي مان 3 ميگا واٽ بجلي نه ملي رهي آهي. عدالتي معاون چيو ته ڪميٽي چيو ته هي ناڪام منصوبو آهي، وڌيڪ رقم نه ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته  پاڪستان غريب ملڪ آهي، ڇا ان جو پئسو ايئن ظاهر ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته وفاق ۽ سنڌ جي ڇا پوزيشن آهي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته منصوبي جو سمورو پئسو وفاقي حڪومت ڏنو، زمين سنڌ جي آهي. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته منصوبي سان ڪابه ماحولياتي آلودگي نه ٿي آهي، وڪيل منصوبي بابت نه ٿا ٻڌائي سگهن. چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان اهو ئي چوندا، عدالت منصوبي جي جاچ نيب حوالي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته چيو ويو ته مفت بجلي ملندي، 4 ارب رپين جو نقصان ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته آسٽريليا جي هڪ ڪمپني به زمين هيٺ گيسي فڪيشن ڪري رهي هئي، چيف جسٽس چيو ته پهريون ان منصوبي جي آڊٽ ڪرايون ٿا. سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل کي ٿرڪول گيسي فيڪشن منصوبي جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فارنزڪ رپورٽ 15 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته چيف سيڪريٽري منصوبي جون شيون تحويل ۾ وٺي.  چيف جسٽس چيو ته اڄ اربين رپيه گڏ ڪرڻ مصيبت بڻجي ويو آهي، هڪ سائنسدان جي دعويٰ تي کيس اربين رپيه جاري ڪيا ويا، جيڪي چار ارب ضايع ٿيا تنهن جو ذميوار ڪير آهي، ڇا داڪٽر ثمر مبارڪ رقم واپس ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته غلط گائيڊ لائين تي رٿا شروع ڪئي وئي، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ رٿا بابت غلط بياني ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے