21 پیر , جنوری 2019

نئين حڪومت جون اوليتون عالمي ترقياتي ايجنڊا سان ڳنڍيل آهن: مليحا لوڌي

Regional tensions, power politics in Middle East can trigger conflict: Lodhiنيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته پاڪستان جٽادار ترقي جي سمورن رخن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  جنرل اسيمبلي جي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته پائيدار ترقياتي ايجنڊا مڪمل ڪرڻ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده اقتصادي ۽ ماحولياتي ماحول 2030 جي ترقياتي ايجنڊا مڪمل ڪرڻ لاءِ سازگار ناهي، اسان گلوبل ڀائيواري ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ  ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته ايجنڊا مڪمل ڪرڻ لاءِ وسيلن جي دستيابي ۽ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. مليحا لوڌي چيو ته جٽادار ترقي جي سمورن رخن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت ايندڙ ٽن سالن دوران 10 ارب ٻوٽا پوکڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪستان جي نئين حڪومت جون اوليتون عالمي ترقياتي ايجنڊا سان ڳنڍيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپال ۾ جهنگلي هاٿي عورت کي ماري وڌو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ هاٿي عورت کي سندس گهر سامهون ئي ماري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے