11 منگل , دسمبر 2018

ديوسائي ۾ برفباري سبب رابطو ڪاٽا، پرڏيهي سميت ڪيترائي سياح ڦاسي پيا

گلگت بلتستان ( ويب ڊيسڪ ) اترين علائقن ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي برفباريءَ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ديو سائي، ناران، ڪاغان ۽ بابو سر ٽاپ ۾ ڦاسي پيا آهن.  اسڪردو ۾ دنيا جي بلند ترين برفاني ميدان ديوسائي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪ فوج پاران امدادي آپريشن ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي اسڪردو موجب سويڊن جو هڪ سياح، 4 مقامي سياح ۽ جهنگلي جيوت جي پنجن اهلڪارن سميت 10 ماڻهو ٽن ڏينهن کان ديوسائي ۾ ڦاٿل آهن.  آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر ذريعي کين ديوسائي مان ڪڍي شهر آندو ويندو. برفباري کانپوءِ سمنڊ جي سطح کان 14 هزار فلٽ بلند تفريح گاهه جو اسڪردو ۽ استور کان زميني رستو ڪٽجي ويو آهي. پوليس موجب برفباري ۽ خراب موسم سبب گذريل ڏينهن امدادي آپريشن نه ٿي سگهيو ۽ موسم ڪجهه بهتر ٿيڻ تي اڄ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Overseas Pakistanis to pay duty for bringing more than one cellphone: Chaudhry

سمنڊ پار پاڪستاني فون آڻي سگهن ٿا، اضافي فون تي ٽيڪس ڏيڻو پوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے