21 بدھ , نومبر 2018

جهانگير ترين وري سرگرم، آزاد ايم پي اي بلاول اصغر پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي ۽ آزاد اميدوارن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.  ننڍي چونڊ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 35 سيٽن تي چونڊ ۾ 2 آزاد اميدوار پنجاب اسيمبلي جي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي ۽ آزاد اميدوارن کي گهيري وزيراعظم هائوس آڻي رهيو آهي.  ٽوبا ٽيڪ سنگهه مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل ايم پي اي بلال اصغر وڙائچ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري ۽ باقاعده تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته لال اصغر جي شموليت سان تحريڪ انصاف وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے