20 منگل , نومبر 2018

اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نيب طرفان ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڄام خان شوري جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن. گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ڄام خان شوري سنڌ هاءِ ڪورٽ سان حفاظتي ضمانت لاءِ رابطو ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ڄام خان شوري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڄام خان شوري جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب سندس اصيل کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته کيس جون ۾ ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.  نيب اختيارين ٻڌايو ته ڄام خان شوري خلاف ڪي ڊي اي پلانٽس ۾ ڪرپشن جو معاملو آهي. عدالت نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن گرفتاري وارنٽ آهن ته ڇا عدالت مان گرفتار ڪيو ويندو. دليل ٻڌڻ بعد عدالت 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض 8 نومبر تائين ڄام خان شوري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے