21 بدھ , نومبر 2018

جعلي ڊگري ڪيس: ڪي پي مان ن ليگ ايم پي اي ضياءُ الرحمان نااهل قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪي پي ۾ مسلم ليگ ن ايم پي اي ضياءَ الرحمان کي ڊگري جعلي ٿيڻ جي بنياد تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ مسلم ليگ ن ڪي پي جي ايم پي اي ضياءَ الرحمان جي جعلي ڊگري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران تنهن وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن ضياءَ الرحمان عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان ڪهڙي مدرسي مان ڪهڙو مواد نصاب پڙهيو آهي؟ ضياءَ الرحمان ٻڌايو ته مان حديث ۽ فقه ۾ پڙهيو آهي ان تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان کي  پنج حديثون عربي ۾ ٻڌايو. ن ليگي ايم پي اي عدالت جي چوڻ تي هڪ به حديث نه ٻڌائي سگهيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان 1996ع ۾ ميٽرڪ ڪئي ۽ ساڳي سال مدرسي جو ڪورس ڪيو، اهو ڪئين ممڪن آهي، مدرسي جي مهتمم به بڌايو ته توهان اتان ڪو به ڪورس نه ڪيو آهي. چيف جسٽس ضياءَ الرحمان سان ڳالهائيندي چيو ته خدا جي واسطي پنهنجي عمر جو خيال ڪيو، توهان کي پنهنجي عزت جو ئي خيال ناهي، 16 ورهين ۾ ميٽرڪ به ڪئي ۽ شهادت العالميه به ڪري ورتو.  عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ضياءَ الرحمان جي ڊگري جعلي قرار ڏيندي کيس نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے