21 بدھ , نومبر 2018

پنجاب حڪومت ميٽرو بس جي ڀاڙي تي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ميٽرو بس جي ڀاڙي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ن ليگ جي گذريل حڪومتي دور ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ميٽرو بس سروس جي شروعات ڪئي هئي، جڏهن ته بس مسافرن لاءِ پهرين اسٽاپ کان آخري اسٽاپ تائين هڪ ئي ڪرايو رکيو ويو هو. پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ميٽرو بسن جي ڀاڙي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي جي ميٽرو تي ساليانو 12 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، هاڻ شاهدرا کان گجو متا هلندڙ ميٽرو بس جا ڀاڙا اسٽاپ ٽو اسٽاپ مقرر ٿيندا، ڀاڙا ريشنلائز ڪرڻ سان عوام تي ٻوجهه به نه پوندو ۽ ان سان حڪومتي سبسڊي ۾ به گهٽتائي ايندي. مخدوم هاشم جوان بخت موجب ننڍين امپورٽڊ گاڏين جي رجسٽريشن ۾ گهٽتائي ۽ وڏين گاڏين جي فيس وڌائي آهي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ گڏيل پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو، عوام کي مفت علاج لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏنا ويندا. هوڏانهن پنجاب جي سياحت کاتي به ڊبل ڊيڪر بس جي ڀاڙي ۾ واڌ ڪئي آهي، جيڪو 50 کان 100 رپين تائين آهي. سياحت کاتي موجب قذافي اسٽيڊيم کان گريٽر پارڪ تائين ڀاڙو 3 سئو رپيا ورتو ويندو، قذافي کان واهگا بارڊر تائين ڀاڙو 300 کان 400 ڪيو ويو آهي ۽ شاگردن لاءِ نئون ڀاڙو 150 کان 200 رپيا آهي، ذهني معذور ۽ بزرگ شهرين لاءِ سفر مفت هوندو. سياحت کاتي جو چوڻ آهي ته نوان ڀاڙا ايندڙ مهيني کان وصول ڪيا ويندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے