17 جمعرات , جنوری 2019

ڳائڻي شويتا پنڊت جو موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار انو ملڪ به ”مي ٽو“ مهم جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي ۽ ڳائڻي ٽوئيتا پنڊت مٿس الزام هڻندي چيو آهي ته انو ملڪ مون کي 15 ورهين جي عمر ۾ جنسي هراساني جو نشانو بڻايو. بالي ووڊ لاءِ ڪيترائي سپر هٽ گيت ڳائيندڙ شوئيتا پنڊت پنهنجي ”مي ٽو“ مهم ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته 2001ع ۾ جڏهن انڊسٽريءَ ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هيس، ان وقت انو ملڪ جي مئنيجر جي فون آئي ۽ گيت جي آڊيشن لاءِ گهرايو ويو. آڊيشن کانپوءِ انو ملڪ مون کي چيو ته توکي سنيڌي چوهاڻ ۽ شان سان ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويندو پر ان لاءِ کيس مٺي ڏيڻي پوندي، ان وقت منهنجي عمر رڳو 15 سال هئي ۽ مان اسڪول ۾ پڙهندي هيس، مان موسيقار کي ”انو انڪل“ چئي سڏيندي هيس، اهو منهنجي حياتيءَ جو سڀ کان خراب تجربو هو. شوئيتا پنڊت ٽوئيٽر تي سڀني ڇوڪرين کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته مان توهان کي انو ملڪ کان پري رهڻ جي صلاح ڏيان ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”تماشه“ کان پوءِ دپيڪا ۽ رنبير ٻيهر گڏ نظر ايندا يا نه مداحن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جي حوالي سان اڳڪٿيون آهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے