20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون ڪاميابي سان اڳتي وڌڻ لڳيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ وياج جي شرح تي قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ طويل مدي ۾ ادائيگي جي قرض تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن چين به آءِ ايم ايف پروگرام کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب، چين، يو اي اِي سان مالي سهڪار تي ڳالهين جو سلسلو به جاري آهي. ذريعن موجب پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 1 ارب ڊالر ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي ڪري خريدي ۽ وڪري ۾ واڌ ٿي. ذريعن موجب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، بهتر مالي پاليسيون ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون، آگسٽ سيپٽمبر ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان موڪليل رقم ۾ به واڌ ٿي آهي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ وڪري ۾ 6 سيڪڙو واڌ ٿي، خريداري ۾ واڌ جو بنيادي سبب عالمي منڊين ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) پروگرام جي حوالي سان آمريڪي مالياتي اداري موڊيز تبصرو ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف کان ملڻ وارو فنڊ نئين حڪومت جي مدد ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے