18 جمعہ , جنوری 2019

عليم خان جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ نيب جو برطانيا ۽ دبئي سان رابطو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان جي اثاثن جي جاچ لاءِ قومي احتساب بيورو برطانيا ۽ گڏيل عرب امارتن جي حڪومتن کي خط لکي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب عليم خان جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ خط نيب لاهور طرفان لکيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب لاهور عليم خان جي اثاثن ۽ آف شور ڪمپنين بابت جاچ ڪري رهيو آهي. نيب چيئرمين جي تازي لاهور جي دوري دوران کيس عليم خان جي اثاثن بابت به بريفنگ ڏني وئي. عليم خان جي ملڪيت بابت ڪيس جي جاچ جي نگراني ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم ڪري رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشهور اداڪار گلاب چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ اردو ۽ سنڌي ڊرامن جي حوالي سان شهرت رکندڙ نامور اداڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے