21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | پکو: وائيلڊ لائيف کاتي جي ڪارروائي، 8 شڪاري گرفتار، ناياب پکي هٿ

پکو ڀرسان وائيلڊ لائيف کاتي قمبر طرفان پرديسي پکين جو شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف ضلعي اندر ڪريڪ ڊائون ۽ ڇاپن جي سلسلي کي تيز ڪندي پنجاب واسي 8 شڪارين کي شڪار ڪيل ناياب باز  ۽ پکين سميت سوگھو ڪري ورتو

وائيلڊ لائيف ريڊ ٽيم انسپيڪٽر  شير محمد مغيري ۽ قربان لاشاري جي اڳواڻي ۾ وارھ جي مختلف علائقن ڪاروھر , حمل ڍنڍ  بچاءّ بند جي ڍنڍن ڍورن تي ڇاپا ھڻي ميانوالي سان تعلق رکندڙ 8 شڪارين پڪڙي ورتو

ڇاپي دوران ٽيم شڪار ۾ استعمال ٿيندڙ ڄار , ونجھر ۽ ٻيو سامان پڻ ھٿ ڪري گرفتار جوابدارن کي پکو شھر ۾ واقع قديمي لنگھ ڍنڍ تي آندو جتي وائيلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر جي موجودگي ۾ ھٿ ڪيل پرديسي پکين کي لنگھ ڍنڍ ۾ آزاد ڪيو ويو

گرفتار پنجاب واسي شڪارين ميڊيا کي ٻڌايو ته هو سنڌ جي ڍنڍن , جابلو ۽ ھيٺانھين وارن علائقن مان ناياب باز ۽ ٻيا پکي شڪار ڪري غيرقانوني طريقي سان ٻاھرين ملڪن ۾ موڪليندا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے