20 منگل , نومبر 2018

نيوز | نواب شاهه: سخي ڄام ڏاتار جي ميلي جي تيارين بابت اجلاس

نواب شاهه ۾ سنڌ جي مشهور بزرگ سيد اصغر علي شاهه المعروف سخت ڄام ڏاتار جي ميلي جي تيارين بابت اجلاس ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر جي صدارت هيٺ درٻار هال ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ حيسڪو، پوليس، صحت ۽ مڪاني کاتي جي آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ جي صوفي درويشن ۽ بزرگن جي ڏنل پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جئين معاشري مان نفرت جو خاتمو آڻي سگهجي.

هن ٻڌايو تـه سخي ڄام ڏاتار جي ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي سگهڙ ڪانفرنس، ملاکڙو، گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻين مختلف راندين کان علاوه راڳ رنگ سميت ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن

ڊي سي چيو ته ميلي جي حوالي سان مينيجمينٽ ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي.جيڪا ميلي دوران نگراني ڪندي.

ابرار احمد جعفري واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي تـه عرس مبارڪ جي موقعي تي ايندڙ عقيدتمندن لاءِ سمورين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻن.

سندس چوڻ هو ته ميلي دوران سيڪيورٽي انتظامن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ميلي دوران عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪرڻ ۽ انٽيلجنس نيٽ ورڪ کي اثرائيتو بڻايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے