15 جمعرات , نومبر 2018

”غربت“ جو هي ”بم“ ڪڏهن به ڦاٽي سگهي ٿو! هر ٽيون پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي جڏهن ته انهن مان مجموعي طور تي 74 سيڪڙو ماڻهو روزانو ٻه آمريڪي ڊالر آمدني تي گذارو ڪري رهيا آهن :زاهد ميراڻي

دنيا جي تقريبن هر سماج ۾ وڌندڙ غربت جو تعلق سڌو سنئون ان ملڪ جي معاشي سرگرمين ۽ معاشي طرز عمل ۽ طرز فڪر سان هوندو آهي، جڏهن ته معاشي طور تي ڪنهن به سماج ۾ غربت جي اضافي جا ٻيا به ڪيئي ضمني سبب ٿي سگهن ٿا، جيڪي بنيادي نوعيت جا نه سمجهڻ گهرجن، جن کي حل ڪرڻ سان غربت ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي،  پر ان جو مدار به ان ڳالهه تي آهي ته لاڳاپيل حڪومتون غربت جي خاتمي لاءِ ڪيترا ۽ ڪهڙا سنجيده  قدم کڻي رهيون آهن  ۽ معيشت کي ڪهڙي طرز عمل ۽ طرز فڪر جي بنياد تي جوڙڻ لاءِ جتن ڪري رهيون آهن. معاشري ۾ غربت جي وڌڻ متعلق اصل سوال معيشت کي نئين سر تشڪيل ڏيندڙ فڪر جو آهي، معيشت جي پيداوري عمل، پيداواري ذريعن، پيداواري اوزان جو نه آهي ۽ نه ئي مجموعي طور تي معاشي سرگرمين سان آهي، اهي سمورا عمل معيشت کي جوڙڻ واري طرز فڪر بعد ئي جنم وٺن ٿا ۽ اهميت اختيار ڪن ٿا.

17- آڪٽوبر 1919ع   جي انقلاب بعد دنيا جي ڪروڙين ماڻهن تاريخ ۾ پهريون دفعو ڏٺو ته معاشي طور تي هڪ نئين طرز فڪر جي بنياد تي دنيا ۾ هڪ اهڙي معيشت جنم ورتو آهي جيڪا وسيع تر عوامي مفادن جو خيال رکندڙ هُئي ۽ ان سماج جون سموريون اقتصادي سرگرميون ان طرز فڪر جي آڌار تي ٿي رهيون هيون جن جي آڌار تي معيشت جنم وٺي ڪا نئين شڪل اختيار ڪئي هُئي. 1919ع کان وٺي 2018ع تائين دنيا ۾ ڪيئي انقلاب آيا ۽ دنيا مان بک، غربت ۽ اڻبرابريءَ جي خاتمي لاءِ وجود ۾ ايندڙ اهو سوشلسٽ سماج به ڪيئي بحرانن جي ور چڙهي پنهنجي شڪل مٽائي ويٺو، پر اڄ به دنيا ۾ انهيءَ سوشلسٽ فڪر تحت تقريبا ويهن ملڪن ۾ حڪومتون قائم آهن جتي عوام ترقيءَ جون منزلون طئه ڪري رهيو آهي، چين، ويٽنام ۽ وينزويلا انهن ملڪن جا شاندار مثال آهن.

پاڪستان جو قيام 1947ع ۾ هڪ وفاقي رياست طور تي ٿيو جنهن ۾ وفاقي ايڪن طور تي پنجاب، خيبرپختون خواهه ( ان وقت جو سرحد ) ، سنڌ ۽ بلوچستان شامل آهن، اهي چارئي ايڪا وفاق ۾ مختلف صورتن ۽ حالتن ۾ شامل پئي ٿيندا رهيا آهن، هن وقت پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ جي حيثيت ۾ قائم آهي ۽ ڪيئي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان جو قيام 1947ع ۾ ٿيو ۽ ويٽ نام ست سو سالن جي فرانسيسي حاڪميت ۽ بعد ۾ آمريڪي تسلسل کي منهن ڏيندي هڪ ڊگهي جنگ بعد 1976ع ۾ آزادي ماڻي، چين 1958ع ۾ آزادي ماڻي ۽ بنگلاديش 1973ع ۾ اولهه پاڪستان مان بنگلاديش ٿي ويو، جڏهن ته گذريل ٽيهن سالن کان افغانستان هڪ بدترين جنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ذڪر ڪيل اهي سمورا ملڪ مختلف مذهبن، سماجي فڪرن، سماجي ۽ سياسي نظرين تحت زندگي گذاري رهيا آهن، پر انهن سڀني ملڪن ۾ جيڪا ڳالهه اڄوڪي هن مضمون جي حوالي سان هڪ جهڙي آهي اها هي ته، انهن ملڪن جون معيشتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي يافته آهن، دنيا ۾ معيشتن جي ترقيءَ جو هڪڙو ئي بين الاقوامي معيار آهي ته ان ملڪ جو سڪو ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڪيترو  سگهارو آهي ۽ ڄاڻايل ملڪن جي ڪرنسي ڊالرز جي مقابلي ۾ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڪيئي دفعا وڌيڪ سگهاري آهي، جيڪا ڳالهه پاڪستان جي حوالي سان انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڇو جو پاڪستان انهن سڀني ملڪن جي آزادين کان اڳ آزاد ٿيو آهي ۽ هن وقت سمورن ملڪ کان ترقيءَ ۾ پوئتي آهي.

پاڪستان ۾ هن وقت ڊالر تقريبا 140 روپين جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪو هڪ هفتو اڳ تائين اوچتو ئي اوچتو 10  روپين جي واڌ سان 136روپيه تي پهتو هو، جنهن ۾ گذريل ڏينهن تائين تقريبا ٻن روپين جو اضافو پڻ نوٽ ڪيو ويو هو.

غربت جو وڌڻ نه صرف پاڪستان جو مسئلو آهي پر اهو سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوال اهو نه آهي ته سڄي دنيا ۾ غربت آهي تنهنڪري پاڪستان ۾ به غربت آهي، پر اصل ۾ سوال هي آهي ته پاڪستان ۾ هر ايندڙ حڪومت جي دور ۾ غربت ۾ واڌارو ڇو ٿو ٿئي، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن جي حوالي سان ائين نه ٿو ٿئي، پوءِ ڀل اهي سرمائيدار ملڪ ڇو نه هجن، سوشلسٽ ملڪن جي حوالي سان ته اهڙي صورتحال جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي ان جو مثال چين جي حوالي سان پيش ڪري سگهجي ٿو.

1978ع ۾ جڏهن کان چين اقتصادي سڌارا آندا ان ڏينهن کان وٺي چين جي معيشت ترقيءَ جون منزلون ٿئي ڪري رهي آهي. 1990ع کان 2005ع جي وچ وارن 15 / هن سالن دوران چين جي معيشت جي واڌ 8.7/ سيڪڙو رهي آهي. اڄوڪن ڏينهن ۾ مجموعي طور تي چيني معيشت مسلسل ترقي ڪري رهي آهي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته چين ۾ شهري غربت جهڙوڪر ختم ٿي وئي آهي ۽ ٻهراڙين جي عوام جي زندگيءَ جو معيار پڻ بلند ٿي رهيو آهي. گذريل 25 کان 30 سالن جي اندر تقريبا 500 ملين چين ماڻهو بدترين غربت واري سماجي معيار مان ترقي ڪري خوشحال گهراڻن جي سماجي حيثيتن تائين پهچي چڪا آهن ۽ باقي به ٻهراڙين جي عوام جي غربت جو معيار ايترو ڪريل نه آهي جيترو پاڪستان يا دنيا جي ٻين ملڪن جي عوام جو آهي.

پاڪستان ۾ هڪ بدقسمتي اها به آهي ته ملڪي ادارن وٽ ملڪي عوام جي اقتصادي حيثيت متعلق ڪي به تصديق جوڳا انگ اکر نه آهن جن کي بنياد بڻائي چئي سگهجي ته ملڪ ۾ هيترا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ رکن ٿا ۽ هيترا ماڻهو خوشحال زندگي گذرين ٿا، ۽ ٻي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي سماجي ترقيءَ جي ادارن اڃان اهو به طئه نه ڪيو آهي ته اهي ڪهڙا معيار آهن جن سان ڪنهن ماڻهو يا خاندان کي غربت جي معيار کان هيٺ سمجهيو وڃي ۽ اهي ڪهڙا معيار آهن جن سان اهو سمجهو وڃي ته هي ماڻهو يا خاندان هاڻي غريب نه رهيو آهي،  اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي هر ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ غربت جي شرح ۽ انگ اکر ٻڌائڻ کان لنوائيندي رهي آهي جنهن متعلق وٽن ڪيترائي دليل ۽ جواز موجود هوندا آهن.

25 مارچ 2008 تي جڏهن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني حلف کنيو تڏهن پاڪستان ۾ 47.1 ملين ملڪي شهري غربت جي زندگي گذاري رهيا هئا ۽ انهن ۾ ٽن 3 سالن اندر 25 / سيڪڙو جي نسبت سان اضافو ٿيو جنهن بعد ملڪ ۾ غريبن جو انگ وڃي 72.9 ملين تائين پهتو. معنى  وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ جي 3 سالن جي حڪومتي دور ۾ ملڪ ۾ غريبن جي انگ ۾ 25.7 ملين جو اضافو ٿيو. جنهن جو مقصد آهي ملڪ جي ڪُل آبادي جو 41.2 سيڪڙو عوام انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيو آهي ۽ پنهنجي آمدنيءَ جو 70 سيڪڙو خوراڪ تي خرچ ڪندو آهي. حڪومت جي شماريات واري وفاقي کاتي موجب گذريل 3 سالن ۾ کنڊ جو مُلهه 152 سيڪڙو، مهري جي دال جو مُلهه 122 سيڪڙو، گوشت جو مُلهه 88 سيڪڙو، کير جو مُلهه 86 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جو مُلهه 46 سيڪڙو وڌيو.

سال 2008 ۽ 2009 ۾ پاڪستان ۾ 26.6 سيڪڙو مهانگائي هئي سال 2008 کان 2011 ۾ اِها شرح خطرناڪ حد تائين يعني 57 سيڪڙو تائين پهچي وئي ڪنهن کي به ڳڻتي ناهي ته غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي شرح 2008 ۾ 28.4 سيڪڙو، 2011 ۾ وڌي ڪري 41.2 سيڪڙو ٿي وئي جڏهن ته سال 2000 ۾ پاڪستان ملينيم ڊيڪلريشن تي صحي ڪري اهو وعدو پڻ ڪيو هو ته “پاڪستان اتفاق ڪري ٿو ته ملڪ ۾ موجوده 26.1 واري غربت جي شرح کي گهٽائي 2015 تائين 13 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪارروائي ڪئي ويندي”، پر عملي حقيقتون اهي آهن ته پاڪستان ۾ غربت ۾ گهٽائيءَ بجاءِ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ رڪارڊ واڌ تحريڪ انصاف جي ٻن مهينن واري حڪومت ۾ ٿي آهي.

پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو غربت آهي، جنهن جو مُکيه سبب مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو، وسيلن جي کوٽ، بيروزگاري ۽ وڌندڙ آبادي آهي. گڏيل قومن جي تازي رپورٽ مطابق پاڪستان جي آبادي جو 40 سيڪڙو حصو غربت جو شڪار آهي. صوبائي لحاظ کان غربت جي سب کان وڌيڪ شرح بلوچستان صوبي ۾ 55.03 سيڪڙو، سنڌ ۾ 53.05سيڪڙو، خيبرپختونخواهه صوبي۾ 50 سيڪڙو ۽ پنجاب۾صرف 48.04سيڪڙو آهي.

سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي جنهن وٽ بيشمار وسيلا موجود آهن. پئٽرول، گئس، تيل، ڪوئلو، درياءَ، سمنڊ، مٺو پاڻي، ذرخيز زمين، ٻيلا، بندرگاهه ۽ ڪاروباري شهر پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن سڀني وسيلن جي هوندي به سنڌ انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70.77 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح ملڪي تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 56.36 سيڪڙو کان مٿي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪوئلي جي ذخيرن مان وڏي ۾ وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ ڪوئلو 88.7 سيڪڙو، گئس جو ذخيرو 58 سيڪڙو ۽ تيل جو ذخيرو 40 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح ملڪ جي روينيو پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70 سيڪڙو آهي نه فقط معدني وسيلن پر سنڌ کي پنهنجي بندرگاهن جي اُپت کان به محروم ڪري سنڌي ماڻهن جي نڙيءَ تي لت ڏني وئي آهي.

جيڪڏهن پاڪستان ۾ غربت جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي ڪجهه تلخ حقيقتون هن طرح سان معلوم ٿينديون،

2007-08ع جي مالي سال جي رپورٽ مان اندازو ٿيو ته پاڪستان ڊرامائي انداز ۾ غربت جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي. ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو 17.2  سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان انتهائي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ملڪ ۾ غربت جي بدترين شروعات 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪي کان ٿئي ٿي جنهن ۾ وري 1990ع جي ڏهاڪي ۾ تيزي اچي ٿي. ملڪ ۾ غربت جو وڌڻ وفاقي پاليسين جو ناڪاره هجڻ ۽ بي انتها ڪرپشن آهن جن مجموعي طور تي ملڪ ۾ هڪ ” غربت بم“ کي جنم ڏنو آهي جيڪو ڪڏهن به ڦاٽي سگهي ٿو.

پاڪستان جي مجموعي آبادي 187،342،721 آهي جيڪا 1.57 سيڪڙو جي حساب سان مسلسل وڌي رهي آهي

هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس جي رپورٽ موجب هن وقت پاڪستان ۾ تقريبا 185  ملين شهري غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته غربت جي حوالي سان پاڪستان جو نمبر دنيا جي 188 ملڪن مان 147 نمبر تي آهي.

هر ٽيون پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي جڏهن ته انهن مان مجموعي طور تي 74 سيڪڙو ماڻهو روزانو ٻه آمريڪي ڊالر آمدنيءَ تي گذارو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 17 سيڪڙو ماڻهو1.25 آمريڪي ڊالرن جيتري آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۾ غربت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ نوڪرين جو نه هجڻ آهي جنهن جو اثر خاص ڪري عورتن تي وڌيڪ پوي ٿو . پاڪستان ۾ دولت جي ونڊ ورڇ جو نظام انتهائي غير منصفاڻو آهي جنهن ڪري فقط ملڪ جي 10 سيڪڙو ماڻهو ملڪ جي 27.6  سيڪڙو دولت تي قابض آهن.

عالمي اقتصادي مظهرن ۽ اندازن موجب پاڪستان جو ڳاڻيٽو اڄ به ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته هن وقت دنيا جي 180 ملڪن مان 97 ملڪ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا جن ۾ ايشيا ۽ پيسفڪ علائقي جا 32 ملڪ، آفريڪا جا 41 ملڪ ۽ لاطيني آمريڪا جا 24 ملڪ شامل آهن.

پاڪستان ۾ غربت جي سببن ۾ تعليم جو نه هجڻ، طلاقن جو وڌيڪ ٿيڻ، غربت متعلق مخصوص سوچ ۽ فڪر جو هجن، آباديءَ ۾ بي انتها واڌ، وبائي بيماريون، جيئن ايڊز ۽ مليريا، ۽ ماحولياتي سبب جن ۾ بارش جو نه پوڻ.

پاڪستان ۾ غربت جو هڪ سبب افغانستان ۾ ڊگهي عرصي کان جاري جنگ پڻ آهي، جنهن ڪري پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ڌانچي تي بدترين اثر پيا آهن ۽ پيداواري عمل پڻ متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ۾ تاريخي طور تي شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺڻ ۾ غربت جي شرح انتهائي وڌيل رهندي پئي آئي آهي.

ايڪيهين صديءَ جهڙي اڄوڪي جديد دور ۾جتي هڪ طرف انسان ارتقا جون منزلون طئي ڪندي وڃي چنڊ تي پهتو آهي ۽ سائنس جي ميدان ۾ حيرت انگيز ايجادون ڪري دنيا ۾ انقلاب پربا ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف اڄ به دنيا جا ڪروڙين، اربين ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ کان به محروم آهن.ان حوالي سان پاڪستان تي جڏهن نظر ڦيرائبي ته هن ملڪ کي آزاد ٿيندي 70 سال ٿيا آهن پر اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جي زندگي ۽ سندن رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪا واضع بهتري ڪو نه آئي آهي البته سندن تڪليفن ۽ اهنجن ۾ اڻ کٽ اضافو ٿيو آهي. ملڪ ۾ هر روز جنم وٺندڙ نِت نوَن مسئلن جي ڪري عوام جي مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ ٻيڻ تي واڌارو آيو آهي. بدامني ۽ دهشتگردي، بيروزگاري، نااِنصافي، ڪرپشن ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان گڏوگڏ غربت ۾ واڌ هن ملڪ جي ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.

ملڪ ۾ ڪمزور مالياتي ادارن، اڍنگن حڪومتي خرچن، حڪمرانن جي قومي خزاني مان لٽُمار، ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن سبب ملڪ جي معيشيت ڪمزور ٿي رهي آهي جنهن ڪري مهانگائيءَ جي شرح ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي رهيو آهي. غربت ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سبب عام ماڻهو ٻه ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي جڏهن ته زندگيءَ جون ٻيون سهولتون پنهنجي جاءِ تي آهن. هن وقت هڪ عام غريب ماڻهوءَ پنهنجي آمدنيءَ جو 70 سيڪڙو صرف خوراڪ جي حاصلات تي خرچ ڪري ٿو، باقي ٽيهه سڪڙو آمدني زندگيءَ جي ٻين گهرجن جي پورائي تي خرچ ڪري ٿو. جيڪڏهن ملڪ ۾ اها صورتحال ايندڙ ڏهن پندرنهن سالن تائين لڳاتار رهي ته عوام صحت، تعليم ۽ رهائش هڪ خواب بڻجي ويندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهريائن ملڪي معيشت جو جائزو ورتو  وڃي ۽ ان بعد هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪرپشن جا سموران دڳ بند ڪيا وڃن، غير پيداواري خرچن کي ختم ڪيو وڃي، پيداواري ذريعن کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي، ملڪ جي مجموعي اپت کي وڌائي پرڏيهي واپار کي هٿي ڏني وڃي.

ملڪ کي درپيش مسئلن مان غربت پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏنو آهي. هتي غربت جي خاتمي توڙي خوشحال امير ۽ ضرورتمند غريب ماڻهن جي وچ ۾ طبقاتي فرق ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به سنجيدا قدم ناهن کنيا ويا جنهن سبب ڳوٺاڻي غربت 32 سيڪڙو کان وڌي 42 سيڪڙو تائين پهتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے