15 جمعرات , نومبر 2018

ڄام خان شورو الزامن مان آجو ٿيندو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي ماڻهن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڄام خان شورو الزامن مان آجو ٿيندو، انهن شين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان انهن کي منهن ڏينداسين. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18 آڪٽوبر جي سانحي کي 11 سال گذري چڪا آهن.  سانحي جو الميو هر ڪارڪن محسوس ڪندو آهي، پيپلز پارٽي جا ئي ڪارڪن آهن جن قربانيون ڏنيون. ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ئي هئي جيڪا سانحي جي زخمين جي گهر وئي، پيپلز پارٽي جي ماڻهن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. ڄام خان شوري جي حوالي سان پ پ اڳواڻ چيو ته ڄام خان شورو الزامن کان آجو ٿيندو، هن ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي، پيپلز پارٽي کي شروع کان ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ جا نيب آفيسر هجن يا پهرين جا ڪارروائي هڪ جهڙي آهي، انهن شين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان انهن کي منهن ڏينداسين، اسان کي عدالت مان پوري اميد آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے