11 منگل , دسمبر 2018

23 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ورسي جي حوالي سان مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري ۽ قربانيون:حميده گهانگهرو

دنيا جي تاريخ ۾وڏا بهادر سياسي سماجي ادبي ڪردار  پيدا ٿيا آهن، اهي ڪردار صرف مردن تائين محدود ناهن پر عورتن کي ڏسبو ته بي مثال ۽ ڇرڪائيندڙ تڪليفن واري جدوجهد سان ڀرپور شعور جي منزل تي رسڻ کان ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين انهن ڪڏهن به آڻ نه مڃي آهي. اهڙن ڪردارن ۾ ايران اصفحان ڄائي سفر ڪري ڪراچي اچي ٿي ۽ سندس دل، سنڌ ڄائي هڪ سياسي مدبر جي ذهانت کان متاثر ٿي ساڻس جيون جو ناتو جوڙي ٿي. جيون جا خواب ڪيڏا نه خوبصورت هوندا آهن پر سندن منزل ڏانهن ويندڙ رستن تي ڪيترا ڪنڊا ڪهڙا ڪهڙا ڏکيا،  پيچرا ڪڏهن ٿاٻڙجندا ته ڪڏهن نهوڙي ڇڏيندا پر آڻ نه مڃڻ سندن ڪردار جي مهانتا هميشه جيئرو رهڻ جو درس ڏيندي رهي آهي. انهن آڻ نه مڃيندڙ زندهه رهڻ ۽ حق خاطر وڙهندڙ نصرت ڀٽو جڏهن ذوالفقار ڀٽو سان نينهن جو ناتو جوڙي ٿي ته هن لاءِ پاڪستان جي سرزمين ڄڻ پنهنجي ٿي وڃي ٿي ۽ هتان جي غريب عوام لاءِ سندس ور جا عوام کي ڏنل واعدا ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ ڄڻ هن جي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو. محترمه نصرت ڀٽو گلن جي سيج تي ڪنڊن جهڙي زندگي گذاري هوءَ هڪ بهادر ۽ تمام ڏاهي سياسي عورت هئي.

23 مارچ 1929ع تي ايران جي شهر اصفهان ۾ هن جو جنم ٿيو، جوانيءَ جي جوڀن ۾ سندس شادي 1951ع ۾ ڀٽو صاحب سان ٿي.

ڀٽو صاحب جڏهن 1973ع ۾ ملڪ جو سربراهه ٿيو ته نصرت ڀٽو کي خاتون اول پاڪستان جو اعزاز مليو. هن خاتون اول پاڪستان جي حيثيت ۾ ملڪ جي عورتن کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ملازمت ڪرڻ تي نه صرف همٿايو بلڪه نوڪريون ڏياريائين. سندس خاتون اول وارو دور 1973ع کان 1977 تائين رهيو.  1975ع ۾ عورتن جو عالمي سال ڪري پوري دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي ته بيگم نصرت ڀٽو باقائدي ان ۾ شموليت ڪري پاڪستان کي به شامل ڪري عورتن کي اڳڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀٽي صاحب جو وڏو ڪارنامو پاڪستان اسٽيل کي ترقي ڏيارڻ جو آهي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪري غريب مزدورن ۽ تمام ملازمن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ اسٽيل ٽائون ۾ ادارا قائم ڪرائڻ واري بهترين ڪالوني ٺهرائڻ جو خواب هئو پر وقت جي ويرين سندس سوچ کي عوام کان الڳ ڪرڻ چاهيو ۽ هڪ من گهڙت ڪيس ۾ کيس ڦاهي ڏئي سندس زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو، جنهن کي سياسي سماجي ڌريون جڏهن به ياد ڪنديون آهن ته بي ساختا ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تي لفظ ياد ايندو اٿن، عدالتي قتل. هن ملڪ ۾ ڪيترا عدالتي قتل ٿيا آهن، ڪيترا بي ڏوهي ڦاسيءَ جي ڦندي کي چمي ڏئي، هن خوبصورت دنيا کي الوداع چون ٿا ته ڪن کي گولين جو کاڄ ڪيو ٿو وڃي مطلب انسان جي بي ڏوهي زندگي کي ڏوهي قرار ڏئي ختم ڪيو ٿو وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ محترمه نصرت ڀٽو ڪيئن خاموش ٿي ويهي سگهي ها. هن جڏهن ڀٽي صاحب سان آخري ملاقات ڪئي هئي ته سندس چهري جي مايوسي نه پر ٻرندڙ لاٽ ڄڻ آخري پيغام ڏنو هجيس ته تون همٿ نه هارجان، هن منزل جي زهر آلود هر تڪليف کي منهن ڏئي مقصد جي ساڀيان ڪنديس. 4 اپريل 1979ع تي جڏهن ڀٽي جي سرد جسم کي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ رکي الوداع ڪيو ويو ته بيگم نصرت ڀٽو پارٽيءَ جي واڳ سنڀالي ۽ پارٽي جي چيئرپرسن ٿي عوام سان وچن ڪيو ته هوءَ ان مقصد کي ڪڏهن به مٽائڻ نه ڏيندي، هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي شريڪ حيات هئي سندس ور کي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو جيڪو در اصل عوام جي نظرن ۾ هميشه امر ٿي ويو.

نصرت ڀٽو ، ڀٽي صاحب جي چئن پيارن ٻارن جي ماءُ هئي، هوءَ ڀلا ڪيئن عام رواجي عورت ٿي ڏهاڳ جو جوڙو پائي ويهي سور سانڍي سو هن پنهنجي سورن کان وڌ عوام جي درد کي سڃاتو ته کيس مارشل لا جي دور ۾ تمام گهڻيون اذيتون ڏنيون ويون. مزدورن جي حقن لاءِ ڳالهائيندي مٿس ڪيترا دفعا لاٺي چارج ڪئي وئي، انتهائي شرمناڪ عمل آهي ته هن اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ سندس لٺيون هڻي مٿو ڦاڙيو ويو، هوءَ پوءِ به پوئتي نه هٽي ۽ ڪارڪن امڙ کي بچايو چئي کيس اسپتال کڻائي ويا پر ڊڪٽيٽر حڪومت ۾ هميشه جيل جون ڀوڳنائون ڀوڳيندي رهي، جنهن کي هن همٿ ۽ حوصلي سان نڀايو.

سندس جوان ڌيءُ بينظير ڀٽو جنهن لاءِ ڪنهن خوبصورت شهزادي جوا نتخاب ڪري ڪنهن محل جي راڻي بڻائڻ بجاءِ عوام ۽ قوم جي سجاڳي ۽ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو هار سندس ڳلي ۾ وڌو ۽ محترمه بينظير به ماءُ جي ساٿ کي نه ڇڏيو. هنن هر پل هر گهڙي ڄڻ عوام جي لاءِ سوچيو ۽ پاڪستان جا جيل هنن خوبصورت محلن وانگر قبول ڪيا. کين خبر هئي ته جيل جون اذيتون ڪهڙيون آهن پر هنن ڪڏهن به نه ڪيٻايو. آخر هنن بهادر ماءُ ڌيءُ کي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويو. سندس ٻه شهزادا مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو اڳ ئي ملڪ کان ٻاهر هئا.

هنن نوجوانن ۾ غيرت مند پٽن وانگر هميشه پيءُ جي سياسي انتقام جي تڙپ رهي. ڪيڏو نه تڪليف ڏيندڙ مرحلو آهي هڪ عورت لاءِ جڏهن مڙس کي وڃائي ٿي ۽ پوءِ سندس ٻچا به وڇڙي ٿا وڃن، جنهن کي تڙپ پنهنجي ڏيهه جي هجي ۽ کيس جبرن پرڏيهه اماڻيو وڃي. نصرت ڀٽو صاحبه پنهنجي چئني ٻارن سان بي انتها محبت ڪندي هئي.

سياسي طور بينظير ڀٽو سان گڏ هئي، مرتضيٰ ۽ شاهنواز جيئن ته الذوالفقار ۾ هئا، ان ڪري کيس ساڻن اختلاف به هو، بينظير ڀٽو پورب ڄائي ڪتاب به لکي ٿي ته ”مرتضيٰ ۽ شاهنواز سان منهنجي سخت ڪلامي ٿي ته امان ڏاڍو پريشان پئي ٿئي ۽ مون کي چوي پئي ته پنڪي تون خاموش ٿي وڃ، جڏهن ته امان جي به دل ۾ وڏو آڙاهه پيو ٻري ته هوءَ ڪيئن به پنهنجي ملڪ واپس وڃي پيپلز پارٽي کي اڳتي واڌائڻ ۾ اڳڀري ٿئي. هيءُ مارشل لا جو دور هو، هتي عوام کي ايذايو پئي ويو، ورڪرن کي ڪوڙا جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن. ڦاسيون ڏنيون پيون وڃن، مون امان کي ايترو روئيندو ڪڏهن نه ڏٺو، جڏهن ڪا تڪليف ڏيندڙ خبر ملندي هئس، هوءَ تڙپي پوندي هئي ۽ سڄو سڄو ڏينهن ماني نه کائيندي هئي.“

واقعي بيگم نصرت ڀٽو پاسيري ٿي ڪنهن به ملڪ ۾ رهي پنهنجي ٻچن سان آرام ۽ آسائش جي زندگي گذاري پئي سگهي. هن هميشه جمهوريت ۽ آئين لاءِ جاکوڙڻ پئي چاهيو. آخر جنرل ضياءَ جي ڊڪٽيٽراڻي دور جو خاتمو ڪجهه اهڙيءَ طرح ٿيو جو هوائي حادثي ۾ سندس موت ٿيو ۽ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي اميد نظر آئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي اقتدار ماڻيو. بينظير جي دور ۾ نصرت ڀٽو ڪيبينيٽ منسٽر به رهي. پاڪستان اسٽيل مل جنهن کي قائم ڪرڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي، اسٽيل مل جي ڪالوني اسٽيل ٽائون ۾ اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو پر ڪيترن استادن کي جن ۾ عورت استادن جو تعداد گهڻو هئو. ڪانٽريڪٽ ۽ والنٽئر طور ڪم ڪري رهيا هئا، جن کي نصرت ڀٽو ذميداري سنڀاليندي فورن پڪو ڪرايو ۽ ڪيترا استاد کيس دعائون ڏيندا هئا پر ظلم جي زنجير ڪجهه وقت لاءِ وري ڪڙيون ڪڙين سان ملايون ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي پورا پنج سال به پورا نه ڪرڻ ڏنا ويا ۽ سندس اقتدار ختم ڪيو  ويو. حالانڪه محترمه نصرت ڀٽو جي صحت ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وئي.

بينظير ڀٽو کي وري ٻيهر اقتدار مليو ۽ سندس ڌيءُ جي اقتدار دوران سندس موڀي پٽ جو بي درديءَ سان قتل ٿيو، ڪنهن ماءُ جي نظرن اڳيان پٽ خوش ٿي موڪلائي وڃي ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سندس لاش گهر جي چانئٺ تي رکيو وڃي، پهاڙ ٽٽڻ يا آسمان ڦاٽي پوڻ کان هڪ ماءُ جي لاءِ اها خبر گهٽ نه هئي. جڏهن هوءَ مٿو پٽيندي پٽ جي لاش کي ٿي ڏسي ته سندس ننڍو پيارو پٽ به ڄڻ ٻي سيج تي ستل کيس نظر ٿو اچي، گمنام طريقي سان سندس پياري پٽ شاهنواز جي زندگي جو ڏيئو به اجهاميو هو ۽ هوءَ پٽ جي آخري رسمن ۾ به شريڪ نه ٿي سگهي هئي.

هن وقت هوءَ جوان پٽ جي جنازي سان ڪراچي جي ڪلفٽن مان هيلي ڪاپٽر ۾ اڏام ڪري رهي آهي پر ڄڻ سندس سڀ ڪجهه لٽجي ويو هئو. هوءَ عوام جي جدوجهد جي اميد مان آسرو ته نه پئي ختم ڪري سگهي پر هن ڏکن جي سمنڊ ۾ اهڙي ٽٻي هنئي جو سندس نڪرڻ محال هو.  پٽن ۽ مڙس جي جسماني قتل هن جي ذهن جو قتل ڪري ڇڏيو، هيءَ هماليا کان به مٿانهون حوصلو رکڻ واري بهادر سياسي رهنما آخر بيماريءَ اڳيان شڪست کائي وئي ۽ کيس بينظير ڀٽو دبئي واري گهر ۾ علاج لاءِ مستقل رکيو. محترمه هڪ انٽرويو ۾ چيو هئو ته مان ڪمري جي در تي بيهي زور زور سان روئي چوندي رهيس، امان مرتضيٰ کي ماري ڇڏين پر امان غم جي سمنڊ ۾ اهڙي ٽٻي هنئي هئي جو هن کي هن دنيا جي ڪنهن به خوشيءَ غميءَ سان تعلق نه هو. پر وري ڪڏهن مون کي امان جي پرسڪون چهري مان محسوس ٿيندو هو ڄڻ هوءَ سڀني کي ڏسي خوش ٿي ٿئي. هن پنهنجي سوچ جي آخري گهڙيءَ ۾ ڪنهن کي به مايوس نه ڏٺو. سندس اهو ويساهه ايڏي ڏک ۽ بيماريءَ جي تڪليف ۾ به کيس جيئاري ويو.

ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ۽ جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته 1997ع جي اها گهڙي جڏهن هوءَ بيماري وگهي بلڪل هوش ۾ نه هئي پر سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو. ڪيڏا نه هن ملڪ ۾ انصاف پسند رهن ٿا جو ڪنهن کي قبر جي ڪنڌيءَ تائين به بخشش ناهي هوندي پر الائي ڪهڙين ڪرامتن سان اين آر او تحت الزامن مان کيس آزاد ڪيو ويو.

هڪ ماءُ ٻن پٽن ۽ پنهنجي ور جو لاش کڻي هيڻي ٿي ٿئي ته سندس لاڏلي بهادر پنڪي به دهشت گرديءَ جي ور چڙهي قتل ٿي ٿي وڃي. پر ان مهل اها امڙ نه روئي ٿي سگهي نه ٻڌي ٿي سگهي ۽ نه پنڪي جو انتظار ٿي ڪري، سڄو ملڪ ماتم ٿو ڪري محترمه نصرت ڀٽو بلڪل خاموش آهي. در اصل هن جو ماتم خاموشيءَ سان سماج جي ظالم لٽيرن خلاف زهر جا ڍڪ پي اندر ئي اندر ۾ پڄرجي رهيو هو.

سياسي سوچ ۽ نظرياتي ماڻهو مقصد، جدوجهد ۽ پارٽي جي آئين منشور سان گڏوگڏ اختلافن جي باوجود حق ۽ سچ کان ڪڏهن به انڪاري نه رهندا آهن. اهو ئي سبب هو جو جڏهن محترمه بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو تي لاٺي چارج ڪري کين قيد ڪيو ويو هو ته نذير عباسي پنهنجي سياسي ۽ نظرياتي سوچ جي مهانتا کي نظر ۾  رکندي عورت تي تشدد کي بزدلي قرار ڏئي مذمت ڪئي هئي وري بلڪل جڏهن نذير عباسي کي 1980ع ۾ 9 آگسٽ تي نامعلوم جڳهه تي تشدد ڪري شهيد ڪري لاش وارثن کي به نه ڏنو ويو ۽ خاموشيءَ سان سخي حسن قبرستان  ۾ دفنايو ويو ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو ٽيلي گرام ذريعي محراب پور منهنجي بابا جي گهر تعزيتي پيغام موڪليو ۽ جنگ اخباري لنڊن مان شايع ٿيندي هئي. ان ۾ 30 آگسٽ تي اظهار غم جي خبر شايع ٿي. انهيءَ مان سندس سياسي مدبر هئڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهڙين ڏکين حالتن ۾ جتي ساهه کڻڻ سان به ٻوسٽ ٿئي اتي همت ڪري سچ ڳالهائڻ ۽ حوصلو ڏيڻ ڪنهن بهادر ڪردار جو ئي ڪارنامو آهي.

چئي سگهجي ٿو ته 82 سالن جي عمر ۾ سڀني کي ويڳاڻو ڪري وڇڙي ويل نصرت ڀٽو نه صرف خاتون اول هئي بلڪه نظريي، سوچ فڪر تي ويساهه رکندڙ غريب ڏتڙيل عوام۽  بي سهارا عورتن لاءِ آٿت نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا کولي ڏيڻ واري قوم جي امڙ هئي. اڄ هوءَ ناهي پر سندس يادون تاريخ جي. ويڙهيل ورقن ۾ ياد رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے