11 منگل , دسمبر 2018

اسان تحقيق ۽ جدت ۾ باقي دنيا کان پٺتي ڇو آھيون؟:ڪامران جتوئي

ويجهڙ هلندڙ سال 10 جولاءِ تي گلوبل انووئيشن انڊيڪس (Global Innovation Index) وارن هر سال جيان هن سال به سالياني رپورٽ پڌري ڪئي آھي. سڄي دنيا مان 126 ملڪن کي مختلف 80 انڊيڪيٽرس جي بنياد تي پرکيو ويو جنهن ۾ پاڪستان جدت آڻيندڙ 126 ملڪن مان رينڪنگ ۾ 109 نمبر تي آيو آھي. جن 126 ملڪن جي ان انڊيڪس لسٽ لاءِ چونڊ ڪئي وئي انهن ملڪن جي آبادي ڪل دنيا جي %90.8 ٿئي ٿي ۽ سندن جي ڊي پي (Gross Domestic Product) ڪل دنيا جي %96.3 ٿئي ٿي. اها رپورٽ جانسن ڪارنيل يونيورسٽي (Johnson Cornell University)، INSEAD ۽ ورلڊ انٽليڪچئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (World Intellectual Property Organization) وارن گڏجي پڌري ڪئي آھي. ياد رهي ته گزريل سال پاڪستان رينڪنگ ۾ 113 نمبر تي هو ۽ هلندڙ سال چار ڏاڪا ترقي ڪري 109 نمبر تي پهتو آھي. ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن مان انڊيا 57 نمبر سان ليڊ پيو ڪري جڏھن ته سريلنڪا 88، نيپال 108، بنگلاديش 116 نمبر تي آھي.

مسلم دنيا ۾ نئين سوچ، نون خيالن، تحقيق ۽ جدت ۾ ملائشا 35 نمبر سان سڀني کان اڳتي آھي، ترڪي 50 نمبر تي آھي ۽ ايران 65 نمبر تي آھي. گزريل ٻن سالن جي رينڪنگ ۾ ايران حيرت انگيز طور 90 نمبر کان ترقي ڪندي 65 نمبر تي پهتو آھي جڏھن ته عرب ملڪن ۾ يو اي اِي 38 نمبر سان سڀني کان اڳڀرو آھي. گلوبل انووئيشن انڊيڪس جي 2018 جي رينڪنگ لسٽ ۾ سئزرلئنڊ پهرين نمبر تي آھي. ياد رهي ته گزريل اٺن سالن کان سئزرلئنڊ رينڪنگ ۾ لڳاتار پهرين پوزيشن تي آھي. سئزرلئنڊ ۾ %50 کان وڌيڪ ريسرچرس ٻاهرين ملڪن مان اچي ريسرچ/ڪم ڪن ٿا. سائنس، ٽئڪنالاجي، صنعت، معيشت، تعليم، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ چين لڳاتار جدت آڻيندي اڳتي وڌندو ٿو رهي جڏھن ته دلچسپ صورتحال اها آھي ته آمريڪا ٻه درجا تنزلي ڪري رينڪنگ ۾ ڇهين نمبر تي هليو ويو آھي. انساني ترقي توڙي انفرا اسٽرڪچر ۾ ته آمريڪا پوئتي آھي پر ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ (Research & Development) ۾ ۽ يونيورسٽين جي معياري تعليم ۾ اڳتي آھي.

گلوبل انووئيشن انڊيڪس (Global Innovation Index) :

گلوبل انووئيشن انڊيڪس سالياني رينڪنگ جو نالو آھي جنهن جي شروعات 2007ع ۾ ٿي هئي. دنيا جي مختلف ملڪن جي مختلف شعبن ۾ جدت جي ليول کي جانچڻ ۽ انهيءَ ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ گلوبل انووئيشن انڊيڪس وارا هر سال پڌري ڪندا آھن. هر سال جانسن ڪارنيل يونيورسٽي، انسيڊ، ورلڊ انٽليڪچئل پراپرٽي آرگنائيزيشن وارا ۽ ٻيون ڪجھ تنظيمون گڏيل سهڪار سان جدت آڻيندڙ ملڪن جي رينڪنگ رپورٽ پڌري ڪندا آھن. اهي تنظيمون مختلف ذريعن جهڙوڪ ؛ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن، ورلڊ بئنڪ ۽ ورلڊ ايڪنامڪ فورم وارن کان مختلف ملڪن جي ڊيٽا گڏ ڪنديون آھن ۽ مختلف انڊيڪيٽرس جي مدد سان ملڪن جي رينڪنگ جوڙينديون آھن. انهن انڊيڪيٽرس ۾ سياسي ماحول، تعليم، انفرا اسٽڪچر، انساني ترقي (Human Development)، مارڪيٽ، بزنس، مختلف ادارا ۽ ٻيا پلرس (ٿنڀا) اچي وڃن ٿا. انهن شعبن ۾ جدت آڻي قومون معاشي واڌ ويجھه (Economic Growth) ۽ خوشحالي (Prosperity) جا ڏاڪا طئي ڪنديون آھن.

تحقيق بمقابلا جدتResearch vs Innovation

ڇا تحقيق ۽ جدت ساڳي ڳالھه آھي ؟ ڇا ريسرچ صرف اڪيڊمڪ مقصدن لاءِ ٿيڻ گھرجي يا مارڪيٽ پراڊڪٽس ۾ جدت جي صورت ۾ ٿيڻ گھرجي؟ ڇا ريسرچ صرف انفرادي فائدن لاءِ ٿيڻ گھرجي يا معاشراتي ڀلائي لاءِ ٿيڻ گھرجي؟ ريسرچ ۽ جدت تي ڊيبيٽ ڪافي عرصي کان هلندو پئي رهيو آھي. مختلف اسڪالرس جي راءِ ريسرچ ۽ جدت جي حوالي سان ورهايل ملندي، ڪجھه اسڪالرس جو چوڻ آھي ته ريسرچ ۽ جدت ساڳي ڳالھه آھي ته ڪن جو چوڻ آھي ته تحقيق ۽ جدت ۾ ڏينهن رات جو فرق آھي. ڪجھه جو چوڻ آھي ته ريسرچ صرف اڪيڊمڪ مقصدن لاءِ هئڻ گھرجي ته اتي وري اڪثريت ان راءِ جي آھي ته ريسرچ نه صرف اڪيڊمڪ مقصدن لاءِ بلڪه معاشري جي ڀلائي لاءِ هئڻ/ٿيڻ گھرجي.

ريسرچ درحقيقت سائنسي طريقي سان ڪنهن مسئلي کي ڊگھي مطالعي ۽ دماغي وسعت سان ڄاڻڻ، پرکڻ ۽ ان جي حل ٻڌائڻ جو نالو آھي. ريسرچ جا مختلف قسم آھن. ريسرچ اڪيڊمڪ (تدريسي) يا نان اڪيڊمڪ (غير تدريسي) شين جي به ٿي سگھي ٿي. تحقيق ڪنهن به شي جي ٿي سگھي ٿي، تحقيق دراصل ڪنهن به اشو کي سوال بڻائي ان جي جواب ڳولڻ جي جستجو جو ئي ته نالو آھي.  اسان کي خبرن جي چئنلن يا اخبارن ۾ ڪنهن نئين ريسرچ متعلق روز ڪا نه ڪا خبر پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. دنيا جون تقريبن سڀ ايجادون تجربي جي بٺي ۾ گزرڻ کان اڳ ڪنهن نه ڪنهن ريسرچ جو نتيجو هونديون آھن.

جدت (Innovation) ان کي چئبو آھي جڏھن ڪو تصور (Idea) يا ايجاد (Invention) گوڊز (سامان)/ سروسز ۾ تبديل ٿي ڪري مارڪيٽ جي ذينت بڻجي. يا ڪو تصور جيڪو معاشي طور فائده مند هجي ۽ مخصوص ضرورتن جو پورائو ڪري ان کي جدت چئجي ٿو. مارڪيٽ ۾ ڪا نئين شي/ايجاد متعارف ڪرايو، ڪنهن نئين ويزن سان، نون لاڙن (New Trends) سان گراهڪن کي متاثر ڪيو ته اها ان شي يا پراڊڪٽ ۾ جدت چئبي. (جدت جي حوالي سان ڀارتي ليکڪه راشمي بنسل (Rashmi Bansal) جا ڪتاب; Connect the Dots, Stay Hungry Stay Foolish, Follow Every Rainbow ۽ ٻيا ڪتاب پڙھڻ وٽان آھن. انهن ڪتابن ۾ انهن نوجوانن جا پروفائيل انٽرويوز ڏنا ويا آھن جيڪي اليڪٽرانڪس، سولر پئنلس، سيمي ڪنڊڪٽرس، ريفريجريٽرس، انورٽرس ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻي اڄ جي شائننگ انڊيا جا بزنس ٽائيڪون بڻجي ويا.

تحقيق ۾ پٺتي پوڻ جا سبب :

2015 ع ۾ جڏھن گلوبل انووئيشن انڊيڪس پنهنجي سالياني رپورٽ پڌري ڪئي هئي تڏھن پاڪستان جي رينڪنگ ڪل 141 ملڪن مان 131 نمبر تي هئي، تڏھن قومي اسيمبلي ۾ پڇاڻي ڪرڻ تي منسٽري آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پنهنجي رپورٽ ۾ جدت ۾ پٺتي هئڻ جا ٻه سبب ڄاڻايا هئا.

¤ سائنس ۽ ڊولپمئنٽ لاءِ گھٽ بجيٽ

¤ تعليمي ادارن ۾ سائنس جي تعليم جو گھٽ معيار

جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته تحقيق/جدت ۾ پٺتي هئڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آھن جن ۾ مدي خارج سليبس، سائنسي ليبارٽرين جي کوٽ، سائنسي سوچ جي حوصلا افزائي نه ٿيڻ، صرف ڊگري يا اسڪيل وڌڻ جي چڪر ۾ ريسرچ ڪرڻ (ڪٽ ۽ ڪاپي پيسٽ)، معاشري جي اجتماعي ڀلي کي ڇڏي ڪري صرف انفرادي فائدن لاءِ ريسرچ ڪرڻ وغيره اچي وڃن ٿا.

هن وقت پاڪستان ۾ 12000 هزار کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي (PHD) جي ڊگري رکندڙ اسڪالرس ۽ 62000 کان وڌيڪ ريسرچرس آھن. ماهرن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ هجڻ باوجود سائنس ۽ ڊولپمينٽ ۾ سندن ڪنٽريبيوشن ”ٻڙي” آھي ! ها انفرادي طور اسڪالرس آھن جن جو ملڪ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ سائنسي ترقي ۾ جوڳو حصو آھي پر مجموعي طور گڏيل حصو/ڪم (Collective Contribution) ڏسڻ لاءِ نٿو ملي، آئوٽ پٽ بلڪل نه هئڻ جي برابر آھي.

هائر ايجوڪيشن ڪميشن (Higher Education Commission) 2002 ع کان وٺي هن وقت تائين ٻاهرين ملڪن ۾ هزارين ريسرچرس کي ڪروڙين اربين روپين جا گرانٽس/اسڪالرشپس ڏئي ٻاهر موڪليو ويو، جيڪي ڊگريون ڪري واپس آيا سندن ريسرچ جو هن ملڪ کي ته ڪو فائدو نه ٿيو پر سندن اسڪيل وڌي ويا، وڏن عهدن تي پهچي ويا، غير تدريسي سرگرمين ۾ ويهي لابيون جوڙڻ ۾ مصروف ٿي ويا…تڏھن ته ملڪ جي نامور سائنسدان ڊاڪٽر پرويز هودڀائي کي به مجبورن چوڻو پيو ته ”ملڪ ۾ پي ايڇ ڊي ڊگرين جي لنڊا بازار لڳائي وئي آھي”.

سڌريل ملڪن ۾ ريسرچرس پنهنجن پنهنجن ملڪن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ لاءِ  هر وقت ڪوشان هوندا آھن، فڪرمند ھوندا آھن، ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ جاکوڙ ڪندا آھن، ڪو نئون تصور يا خيال ڏيندا آھن انهيءَ تي کٗلئي دل ۽ ذھن سان بحث ڪندا آھن، هر ڪنهن جي راءِ کي اهميت ڏيندا آھن ۽ اخلاقي طرح آجيان ڪندا آھن چاهي اها راءِ سندن خيال يا نظريي جي خلاف کڻي ڇو نه هجي پر وري گڏجي ان تصور کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن نه ڪي اسان جي پروفيسرن وانگر هر ٻئي ٽئين مهيني هڪ ٻئي تي ذاتي قسم جا سرعام الزام هڻي پنهنجي پاڻ تي ۽ ان اداري تي جڳ کلائيندا آھن. اهو صرف اسان وٽ ئي ٿئي ٿو جو پروفيسر صاحبان بجاءِ ڪنهن نئين ڄاڻ ڏيڻ، ريسرچ، جدت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ نؤن لاڙن جي هڪ ٻئي تي ذاتي حملا ڪندا، الزام تراشيون هڻندا ۽ ٻين غير تدريسي شين ۾ دلچسپيون وٺڻ لڳندا. اوهان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي تقريبن سڀني يونيورسٽين ۾ ڏسندا ته جيڪي ريسرچرس ملڪي يا غيرملڪي يونيورسٽين مان ريسرچ ڪري آيا آھن انهن جي دلچسپي نئين ڄاڻ/ريسرچ شيئر ڪرڻ بدران انتظامي عهدن؛ هاسٽل وارڊن، ٽرانسپورٽ انچارج، هاسٽل پروؤسٽ، ايگزم ڪنٽرولر، رجسٽرار، چئرمين، پي وي سي يا وي سي ٿيڻ ۽ پي اسڪيل ۾ نظر وڌيڪ هوندي آھي.

هيڪ (HEC) طرفان ِ ٽينئر ٽريڪ سسٽم (Tenure Track System) تحت پي ايڇ ڊي وارن لاءِ وڏا پي اسڪيل ۽ ٻيون مراعتون به رکيون ويون پر بجاءِ پرفارمنس جي پروفيسر صاحبان شارٽ ڪٽ ذريعي اسڪيل وڌائڻ يا ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ تدريسي سرگرمين کان هٽي ڪري غير تدريسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا، ظاھر آھي ته ان جو سڄو اثر دير سوير شاگردن ۽ تعليمي ادارن تي ئي پوڻو آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته گزريل ڏھاڪي کان هلندڙ ڏھاڪي تائين هيڪ جو سڄو زور معيار (Quality)  بدران مقدار (Quantity) تي پئي رهيو آھي. پبليڪيشن جو معيار هجي نه هجي بس ريسرچ پيپرس ڇپائيندا رهو ۽ پروموشن وٺندا رهو. هن وقت عالمي معياري جرنلس/پبليڪيشن ۾ پاڪستاني ريسرچرس جا ريسرچ پيپر ورلي پڙھڻ لاءِ ملندا پر ان جي جاءِ تي لوڪل (پاڪستاني) غير معياري پبليڪيشن ۾ معيار کان گھٽ ريسرچ پيپرس جام پڙھڻ لاءِ ملندا ۽ ٻي ڳالھه ته هيڪ جي پاليسي تحت پروموشن وٺڻ يا پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ريسرچرس وٽ ڪو چارو ئي ڪونهي سواءِ جڳاڙي پبليڪيشن ۾ ريسرچ پيپرس ڇپرائڻ جي. ( ياد رهي ته اسان وٽ ريسرچ پيپرس تقريبن ڪاپي پيسٽ ڪري ڇپرايا وڃن ٿا ويندي يونيورسٽي جي گريجوئيشن ٿيسز رپورٽس به %95 گوگل تا ڪاپي ڪري جمع ڪرايون وينديون آھن. دلچسپ ڳالھه اها آھي جو ويجهڙ سنڌ جي هڪ انجنئرنگ يونيورسٽي جي پروفيسر جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ڪوريا جي هڪ پروفيسرياڻي جي نقل (Plagiarise) ثابت ٿي جنهن تي هيڪ طرفان انقوائري ٽيم به جوڙي وئي يا ان کان اڳ قاعد اعظم يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر تي ٻين اسڪالرس جون پي ايڇ ڊي ٿيسز نقل ڪري پنهنجي سپروائزري ھيٺ شاگردن کي ڊگريون ڏياريون ويون، اڳتي هلي اهو ساڳيو پروفيسر ھڪ ٻي يونيورسٽي جو ڊين مقرر ٿيو !)

تعليمي ماهر (Educationist) اين. اي جعفري جو چوڻ آھي ته ”پاڪستان جو سائنسي ريسرچ ۾ پٺتي هجڻ جو سبب اهو ڪلچر آھي جيڪو هڪ آزاد ۽ تخليقي/ڪريٽيڪل ٿنڪنگ کي همٿائي نٿو، ڪنهن به فرد کي انفرادي طور اجازت هجي ته ڀلي پنهنجا نوان خيال، نظريا پيش ڪري يا انهن تي کلي ڳالهائي پوءِ ڀلي انهن سان اسان سهمت هجون يا نه هجون پر ان فرد جي همت افزائي ضرور ڪريون، پر افسوس سان اسان وٽ انهيءَ لاءِ ٽالرنس بلڪل زيرو آھي.”

اسٽيونسن هڪ جاءِ تي چيو هو ”هڪ آزاد معاشرو (Free Society) اهو معاشرو  آھي جتي هڪ غير معروف فرد به ايترو ئي محفوظ هجي جيترو ڪو معروف فرد”، افسوس سان اسان اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي چاهي اسان گھر ۾ هجون، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا ورڪنگ پليس تي پر اسان کان گھر جو وڏو يا سينئر ڪڏھن به غلط ٿي ئي نٿو سگھي ۽ اسان ۾ اها مجال/همٿ ناهي جو انهن آڏو سوال اٿاريون يا کين چئلينج ڪيون…! سو اهڙي معاشري ۾ ڪنهن جي نئين تصور، نئين سوال، نئين ٿيوري کي سولائي سان هضم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. سائنس تي گفتگو ۽ مذھب تي سوال ڪرڻ ممنوع بڻيل آھي، فتوائن جي فيڪٽرين مان جلد فتوائون صادر ٿيو وڃن. اسان وٽ قابليت بجاءِ مذھبي شناخت کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. اسان جي ادارن ۾ به دقيانوسي سوچ رکندڙ ويٺا آھن جيئن ويجھڙ ۾ قائد اعظم يونيورسٽي جي فزڪس ڊيپارٽمينٽ مان فزڪس جو نوبل پرائز حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالسلام جي تصوير هٽائي وئي يا تازو اقتصادي ڪائونسل جي صلاحڪاري بورڊ تان ميان عاطف کي هٽرايو ويو. سو اهڙي ماحول ۾ نئين ڳالھه ڪرڻ، سوال اٿارڻ، نئون نظريو ڏيڻ  ڏکيو ته آھي پر اسان کي ان فرسوده سوچ جو مقابلو ڪرڻو آھي، اهڙي گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۽ مائينڊسيٽ کي تبديل ڪرڻو آھي.

ڪجھه تجويزون/حل :

¤ بنيادي تعليمي نظام ۾ تبديليون آڻڻيون پونديون.

¤ هيٺين ليول کان مٿين ليول تائين سليبس کي UptoDate ڪرڻو پوندو. (ملڪ جي نامور سائنسدان ڊاڪٽر پرويز هودڀائي ته ايترو به چيو هو ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سائنسي ڪتابن کي رديءَ ۾ ته ڇا پر باھ ڏئي ساڙڻ گھرجن !

¤ جهڙي طرح مذھبي تعليم لاءِ والدين ٻارن تي زور ڀريندا آھن اهڙي طرح سائنسي تعليم لاءِ به زور ڀريو وڃي.

¤ سائنسي سيمينار ڪرايا وڃن، سائنس ٽاڪ ڪلب (Science Talk Clubs) کولرايا وڃن جتي سائنس جي شاگردن توڙي استادن وچ ۾ ڊيبيٽ ٿين.

¤ انفرادي فائدن بجاءِ معاشري جي اجتماعي فائدن لاءِ ريسرچ واري سوچ کي هٿي ڏني وڃي.

¤ ريسرچرس لاءِ خاص فنڊ مختص ڪيا وڃن. انهن ريسرچرس کي مختلف ورڪشاپن ۾ ٽريننگ لاءِ موڪليو وڃي. سيمينار منقعد ڪيا وڃن جنهن ۾ ٻاھرين اسڪالرس کي به مدعو ڪيو وڃي.

¤ يونيورسٽين ۽ انڊسٽرين جي گئپ کي گھٽائي سهڪار وڌايو وڃي.

¤ هيڪ جي پروموشن پاليسي عالمي پبليڪيشنس/جرنلس ۾ ريسرچ پيپرس ڇپجڻ جي شرط تي هئڻ گھرجي.

¤ سائنسي ميلن (Science Festivals) کي هٿي ڏني وڃي. ( تازو SUPARCO طرفان پاڪستان ائرفورس ميوزم ڪراچي ۾ سائنسي ميلو لڳرايو ويو جنهن ۾ شاگردن طرفان مختلف پروجيڪٽس جهڙوڪ بايونڪ آرمس، ڊرون پلينس، ڪار سميوليٽرس ۽ ٻيا نمائش لاءِ رکيا ويا يا ان کان اڳ ٿر فائونڊيشن الائنس وارن الف اعلان ۽ ٻين تنظيمن جي سهڪار سان ”ٿر سائنس فيسٽيول” نالي سان سائنسي ميلو لڳرايو ويو هو جنهن ۾ 73 اسڪولن جي شاگردن 120 ماڊلس/پراجيڪٽس نمائش لاءِ رکيا جنهن ۾ ھزارين شاگردن توڙي ٻين طبقن جي فردن شرڪت ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سندن دلچسپي ڏسڻ وٽان هئي. اهڙي طرح سنڌ سميت ٻين صوبن جي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽرس ۾ اهڙا سائنسي فيسٽيولس ڪرايا وڃن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے