10 پیر , دسمبر 2018

لطف پيرزادي جي چاليهي جي حوالي سان پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان:عنايت لطف پيرزادو

لطف پيرزادو، هن شخصيت لاءِ ڪيترائي ماڻهو مونجهاري جو شڪار آهن ته هن کاهوڙي ڪردار ۽ گهڻ پاسائين شخصيت کي ڇا ڪوٺجي ؟ ڪنهن هن کي “ پنگهي ۾سورن سان پيچ پائيندڙ” ته ڪنهن “ دردن جو ٺهيل انسان” ڪنهن هن کي “ ماءُ جي پيار لاءِ پياسو ” لکيو آهي ته ڪنهن “ سرجين تان سور، سامايس تان سک ويا ” وارين ڀٽائي جي سٽن جي جيئري جاڳندي تصوير، ته ڪنهن وري هن کي ڀٽائي جو کاهوڙي ڪردار لکيو آهي، ڪن هن کي ڀٽائي جو پارکو لکيو آهي ته ڪن ڀٽائي جو فقير ته ڪنهن وري کيس ڀٽائي جو تمر فقير ڪوٺيو آهي، ڪنهن هن کي فقراءُ جي ماءُ ڪوٺيو آهي ته ڪنهن عوامي خدمت جو اهڃاڻ، ڪن کيس ارڏو انقلابي سڏيو آهي ته ڪن مسلسل جدوجهد جي علامت، ڪنهن هن کي سماجي اڳواڻ لکيو آهي ته ڪنهن ٽريڊ يونينسٽ، ڪنهن هن کي سچو صحافي ڪوٺيو آهي ته ڪنهن مهين جي دڙي جو مالڪ، ڪن هن کي غريبن جو هڏڏوکي چيو آهي ته ڪن بي سهارن جو سهارو، ڪنهن هن کي معصوم ٻارڙن جو دوست لکيو آهي ته ڪن عورتن جي آزادي جو علمبردار، ڪنهن هن کي آرڪيالاجسٽ لکيو آهي ته ڪنهن تاريخدان، ڪنهن عالم ته ڪنهن ڊاڪٽر ته نفسياتي ماهر، ڪنهن اديب ته ڪنهن ليکڪ چيو.

ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لک هزار،

پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان،

لطف پيرزادي کي مٿين تعارفن سان سڃاڻيندڙ سڀئي ماڻهو به پنهنجي جاءِ تي درست آهن، ڇو ته هن کي جنهن جيئن ڏٺو تيئن لکيو آهي، مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته هن ايترن ڏکي زندگي، ڪيترن ئي مسئلن، مالي پريشانين، ڏکن، سورن ۽ تڪليفن باوجود ٿوري عرصي ۾ادب، صحافت، لطيفيات، سياست، سماجيات، تاريخ، آرڪيالاجي، سوشلاجي ۽ ڊاڪٽري سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ايتري مهارت ڪيئن حاصل ڪئي آهي ۽ انهن سڀني ڪمن سان سڄي حياتي بيباڪي سان اهڙو ته نڀايو جو اهو ٻڌي ئي ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو.

جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،

مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،

جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين. شاهه

هن مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد به ڪئي ته، انقلاب، عوامي خوشحالي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي 15 ڪوڙا به کاڌا ۽ سزائون به ڪاٽيون، هن ڪيترن ئي مريضن جا ڪراچي مان آپريشن ڪرائي ۽ سندن علاج ڪرائي کين صحتياب به ڪرايو ته ڪيترن ئي مريضن جي پاڻ به دوا ڪئي، هن ڪيتريون ئي پورهيت تنظيمون به ٺاهيون ته ڪيترائي ڳوٺ پڻ آباد ڪرايا ۽ انهن کي سهولتون به ڏياريون، هن موهن جي دڙي جي حفاظت به ڪئي ته هر دور ۾ان جي بچاءُ جو ڪيس به وڙهيو، هن ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون به وٺي ڏنيون ته ڪيترن ئي شاگرد کي تعليم به ڏني، ڪي هن کان دوا لکرائڻ ايندا هئا ته ڪي ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ درخواست، ڪي هن کان ڀٽائي جي بيتن جي معنيٰ پڇندا هئا ته ڪي خوابن جو مطلب، ڪي هن کان موهن جي دڙي بابت ڄاڻ وٺندا هئا ته ڪي سنڌو نديءَ بابت، ڪي هن سان ڪنهن مرض جي علاج بابت صلاح ڪندا هئا ته ڪي وري ڪا سماجي تنظيم رجسٽرڊ ڪرائڻ بابت، ڪي هن کان ڪتاب ڇپرائڻ بابت مشورو ڪندا هئا ته ڪي صحافتي ڪيريئر بابت، مطلب ته هي شخص هر فن مولا ماڻهو هيو جيڪو هر قسم جي ماڻهو سان اهڙو ته رلي ملي ويندو هو جو ڄڻ ورهين جو واسطو هجين :

جي ايندي چون آ، ويندين چون ويهه،

ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي ان جي،

بابا جيئن ته فقير يار محمد جي گهر ۾پليو هو، ان ڪري هو ننڍپڻ کان فقير سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ ان سان گهڻو وقت گڏ گذاريندو هو، فقير يار محمد ان وقت سخي شاهه جمال جو ڊيوٽي دار فقير هو ۽ سندس مئخاني تي سڄو ڏينهن ڪچهري متل ۽ راڳ رنگ پيو هلندو هو، فقير جي محبت، قرب سندس دانائي ۽ ڪچهري لاءِ اهو مشهور آهي ته جيڪو مسافر درگاهه تي دعا گهرڻ ايندو هو ته فقير جي محبت ۽ ڪچهري جو ماحول ڏسي ٻه ٽي ڏينهن ترسي پوندو هو، فقير وٽ انسانيت جي خدمت وارو اصول ئي سڀ کان اهم هو، هو خلق جي خدمت کي ئي عين عبادت سمجهندو هو، بابا فقير سان گڏ فقراءُ جي خدمت ۾مصروف هوندو هو، جيڪو سلسلو لطف پيرزادي سموري حياتي جاري رکيو، لاهوت جو اڙانگو سفر هجي يا ڀٽائي صاحب توڙي سچل سرمست جو ميلو، هي همراهه فقراءُ جي خدمت ۾مصروف هوندو هو ۽ مڙس جا ور کنيل هوندا هئا، ڀٽائي جي ميلي ته تي هفتو کن اڳ ۾وڃبو، اتي مور فقير جي مڪان تي ڪراچي يا ڳوٺ مان آندل سامان، راشن يا رلهي گودڙي هٿيڪي ڪري رکبي، ڀٽ شاهه تي گهڻو وڃڻ ڪري سندس ايترا واسطا هئا جو کوٽ واڌ ۾اتان به هنڌ بسترا هٿ ڪري وٺندو هو ۽ سياري جي ميلن ۾ڪنهن پارڪ ۾ستل پانڌيئڙي کي ڏڪندي ڏسندو يا سمجهندو ته همراهه کي گودڙي جي ضرور آهي ته پنهنجي رلهي يا پڇاڙيءَ لوئي به ان کي ڏبي پوءِ پاڻ کي ڀل رات جاڳي گذارڻي پئي، اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪيترن ئي ماڻهن فقراءُ جي ماءُ سڏيو آهي.

هن 1970 ع ۾مئٽرڪ جي تياري دوران ئي مضمون لکڻ جي به شروعات ڪئي، سندس پهريون مضمون اديون رسالي ۾ڇپيو ۽ پوءِ هلال پاڪستان ۾هلال پاڪستان ۾ڪافي مضمون ڇپيا، ان وقت انور صاحب پڻ هلال پاڪستان ۾ڪم ڪندو هو، 74 ، 1973 ع ۾ موهن جي دڙي تي ڪم جي شروعات ٿي ته هي همراهه ڪراچي مان سرڪاري ماستري ڇڏي اچي موهن جي دڙي کان هلال پاڪستان جو نمائندو ٿيو، پوءِ هن موهن جي دڙي تي ٿيندڙ ڪم بابت رپورٽنگ به ڪئي ته آثارن جي تحفظ ۽ بچاءُ لاءِ ڪيترائي مضمون به لکيا، هن موهن جي دڙي جي آثارن جي حفاظت لاءِ ميڊيا ۾ڀرپور نموني ڪيس وڙهيو ۽ ڪامورن سان بحث مباحثا ڪري موهن دڙي تي لڳندڙ ٽيوب ويلن جو هنڌ پڻ تبديل ڪرايو، ان کانسواءِ هن مقامي ماڻهن کي به پنهنجي قديم ثقافت ۽ تهذيب جي بچاءُ جو قائل ڪيو ۽ کين اهيو سمجهايو ته اسان لاءِ موهن جي دڙي جي هڪ هڪ سر مقدس آهي ۽ انهن آثارن جو بچاءُ اسان جي ذميواري آهي ڇو ته اهي آثار ئي اسان جي مهذب پڻي، ڀائيچاري، برابري ۽ عظيم قوم هجڻ جو ثبوت آهن، انهيءَ سان گڏوگڏ هن موهن جي دڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن جي مزدور يونين ٺاهي ۽ سندن ڪيترائي مسئلا حل ڪري کين حق ڏياريا.

1978 ع ۾سنڌي ادبي سنگت پاران ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ڪرايل ڀٽائي جي ورسي واري پروگرام ۾به سندس اهم ڪردار رهيو، جنهن پروگرام ۾سموري سنڌ جي اديبن شرڪت ڪئي هئي، ان تقريب جي صدارت تاج بلوچ ڪئي هئي ۽ خاص مهمان شمشيرالحيدري هو، جنهن پنهنجو اهيو مشهور نظم پهريون ڀيرو ان تقريب ۾پڙهيو هو ته :

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

ڪجهه سالن کانپوءِ بعد وري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جو پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾وري چئني صوبن جي اديبن ۽ دانشورن سميت ڪامريڊن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، ان پروگرام جي صدارت ڪنڌڪوٽ واري مور ماڇي ڪئي هئي ۽ ڄام ساقي جو پيغام بابا پڙهيو هو، اهي ٻئي پروگرام ئي هئا جن ٻلهڙيجي کي صوبائي، ملڪي توڙي عالمي سطح تي مقبوليت ڏياري ۽ ڳوٺ ٻلهڙيجي علم، ادب، سياست، روشن خيالي توڙي باشعور ماڻهن جي ڳوٺ طور سڃاپجڻ لڳو، انهن ٻنهي پروگرام ۾سڄي سنڌ جي اديبن ۽ ڪامريڊن کي دعوتون ڏيڻ ۽ چندو گڏ ڪرڻ جي ذميواري گهڻي ڀاڱي لطف پيرزادي مٿان هئي ۽ هن همراهه رات ڏينهن هڪ ڪري انهن پروگرامن کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ڪابه ڪسر نه ڇڏي.

هاڻ بابا ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن ڳوٺ رهڻ لڳو، ڪراچي ۾رهائش دوران لطف پيرزادي جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي رهي ۽ هو گهڻو وقت ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو، هڪ ڀيرو ته کيس جيل ۾هوندي به پرپٺ کيس ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو، ان ئي عرصي دوران هن جا ڀٽائي بابت ريڊيو پاڪستان توڙي پي ٽي وي تي پڻ مختلف پروگرام پڻ ٿيا، لطف پيرزادي جي شهيد نظير عباسي ۽ ڄام ساقي سميت ڪامريڊن سان پڻ سنگت هئي، هو باضابطا طور ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنهن به عهدي ته نه رهيو پر پارٽي اندر سندس اهميت ڪيترن ئي اڳواڻن کان به وڌيڪ هئي، اهو ئي سبب جو ڪيترائي ڪميونسٽ اڳواڻ پنهنجي جنهن قيادت جي ملڻ لاءِ سڪندا هئا اها پارٽي قيادت هن فقير سان مهيني ڏيڍ بعد ملاقات ڪندي رهندي هئي.

بابا سائين ٻڌائيندو هو ته شهدادڪوٽ ۾ٿيل پارٽي جي هڪ اهم گڏجاڻي ۾موجوده وقت جي هڪ سينيئر ۽ ان وقت جي نوجوان ۽ جونيئر ڪميونسٽ اڳواڻ اعتراض ڪيو ته پارٽي جي هن اهم گڏجاڻي ۾لطف پيرزادي کي ڇو ويهاريو ويو آهي، هي ته پارٽي جو ميمبر به ناهي؟ جنهن تي سينيئر اڳواڻن کيس ٻڌايو ته بابا هي گڏجاڻي شهدادڪوٽ ۾رکي ئي لطف جي ڪري وئي آهي جيڪڏهن هي شخص ڪراچي هجي ها ته هي گڏجاڻي به اتي ئي ٿي ها.

لطف پيرزادي کي پهرين جنوري 1979 ع تي ڪراچي ۾“ جمهوريت بحال ڪرو، ڄام ساقي ڪو رها ڪرو” جي چاڪنگ ڪندي زلف پيرزادي، ڪامريڊ الطاف ۽ زبير الرحمان سان گڏ گرفتار ڪيو ويو، چار ئي ڄڻا ڊينشن تي هئا ۽ پوءِ کين 7 مهينن بعد آزاد ڪيو ويو، وري 1980 ع ڌاري سندن ڊرگ روڊ واري گهر تي ڇاپو لڳو جنهن ۾لطف پيرزادو، ڪاڪو عبدالرحيم، زلف پيرزادو، لاهوتي اعجاز، غلام حسين شر، لياقت شر، سڪندر جهنجهي “ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڀاڻيجو ” گرفتار ٿيا، جن مان لطف پيرزادي ۽ ڀائو زلف کي ڇڏي ٻين سڀني کي آزاد ڪيو ويو، ان ڪيس ۾کين مارشل ڪورٽ ۾پيش ڪيو ويو جتي لطف پيرزادي کي 10 ڪوڙا ۽ زلف پيرزادي کي 5 ڪوڙن جي سزا تجويز ڪئي وئي پر زلف پيرزادي جي عمر ننڍي هجڻ ۽ اين جي وي اسڪول مان اهڙو سرٽيفڪيٽ گهرائڻ بعد زلف پيرزادي کي صرف قيد جي سزا ڏئي ان لاءِ تجويز ڪيل 5 ڪوڙا به لطف پيرزادي کي هنيا ويا.

لطف پيرزادي جي گرفتاري ۽ 15 ڪوڙن جي سزا جو ٻڌي سڄي ڳوٺ جو ساهه مٺ ۾اچي ويو ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو 15 ڪوڙا ڪيئن برداشت ڪري سگهندو ۽ پوءِ نيٺ هن کي ڪوڙا لڳل جو ڏينهن آيو ۽ سندس ڪمزور جسم تي 15 ڪوڙا هنيا ويا، اتي جيل ۾جنهن کي 10 ڪوڙا به لڳن پيا ته ان کي ميڊيڪل عملو اسٽريچر تي کڻي پيو وڃي پر هي همراهه 15 ڪوڙا کائي به پاڻ پنڌ ڪري آيو ۽ اتي موجود ساٿين پاران سندس آجيان تاڙيون وڄائي ۽ گلن جا هار پارائي ڪئي وئي. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته ان ڪيس ۾هو ڪراچي، سکر ۽ خيرپور جيل ۾رهيا، جتي سندن ملاقاتون رضا رباني، راشد رباني، رسول بخش پليجو، مامو يوسف لغاري، نواب يوسف ٽالپر ۽ الطاف حسين سميت مختلف سياسي اڳواڻن سان پڻ ٿيون ڇو ته ان وقت ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽ جيل ڀرجي رهيا هئا، بدر ابڙو به ساڻن گڏ جيل ۾رهيو جنهن پنهنجي جيل ڊائري ۾پڻ لطف پيرزادي جو ذڪر ڪيو آهي، بابا سائين ٻڌائيندو هو ته بدر ابڙي جيل ۾مونکي چيو ته يار “ جيڪڏهن منهنجي ڀٽائي جي شاعري پڙهيل نه هجي ها ته مان جيل ۾پيالو ڪري وڃان ها ” لطف پيرزادي جي گرفتاري ۽ کيس ڪوڙا لڳڻ جو ٻڌي سندس ناني جو کٽ ورتي ته سندس صحت نه سڌري نيٺ هو لاڏاڻو ڪري وئي، لطف پيرزادي کي ڪوڙا لڳڻ جو ٻڌي ٻلهڙيجي ۾مختلف ڳالهيون شروع ٿي ويون ته وڃي همراهه سان ڪا ملاقات ڪجي ڪوڙن سندس ارادن کي ضرور ڪمزور ڪيو هوندو، اڃا ٻلهڙيجي وارا هن جي ملاقات تي پهتا ئي ڪو نه ته سندس خط اچي وٽن پهتو، ته “ موهن جي دڙي تي ڪنهن آمريڪي سامراج جي نمائندي اچي افتتاح جي تختي هئين آهي ۽ توهان خاموش ٿي ٻلهڙيجي ۾ويٺا آهيو وڃي اها تختي پٽيو موهن دڙي تان ”. جنهن تي ٻلهڙيجي واسين چيو ته همراهه تي سزا ۽ ڪوڙن ته ڪو اثر ئي ناهي ڪيو.

لطف پيرزادو سزا ڪاٽي ۽ ڪوڙا کائي 1982 ع ۾آزاد ٿي ڳوٺ پهتو، ان وقت ڪاڪي عبدالرحيم ۽ انور صاحب به ڪراچي ڇڏي اچي ڳوٺ وسايو هو، جتي انور صاحب ڊان جي رپورٽنگ پيو ڪري ۽ ڪاڪي عبدالرحيم هوٽل کوليو  هو، ڳوٺ ۾رهڻ ڪري هنن سماجي تنظيم ٺاهي ڳوٺ کي سهولتون ڏيارڻ جي صلاح ڪئي ۽ 2 آگسٽ 1982 ع تي ڪاڪي عبدالرحيم جي هوٽل تي ئي ميٽنگ ڪوٺائي “ ڳوٺ سڌار سنگت” جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو فائونڊر جنرل سيڪريٽري لطف پيرزادي کي چونڊيو ويو ڇو ته هن جون اڳ ئي ڪيتريون ئي مزدور يونينون ۽ پورهيت تنظيمون ٺاهيل هيون ۽ کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ هاري ڪاميٽي سميت جلسا جلوس آرگنائيز ڪرڻ جو گهڻو تجربو هو، پوءِ هنن ڪنهن وزير مشير يا سياسي ڀوتار جي مدد وٺڻ بنا ڇو ته هو ان جي سخت خلاف هئا ان ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ ڳوٺ لاءِ ۽ “ ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري ” قائم ڪئي وئي، جتي شروعاتي ڏينهن ۾انور صاحب ۽ لطف پيرزادي پاڻ ويهي مريضن جو علاج شروع ڪيو بعد ۾هڪ ڊاڪٽر جي پڻ ڊيوٽي لڳرائي وئي، ان ڊسپينسري جي افتتاح وقت ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي خطاب ڪندي اهي لفظ چيا ته “ ڪميونسٽ پارٽي سڄي سنڌ ۾اهو ڪم نه ڪري سگهي جيڪو ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجي ڪري ڏيکاريو آهي، اهو آهي هاري کي وڏيري جي اوطاق کان پلڻ” . ته اُهي ڳوٺ سڌار سنگت جا اِهي ڪم هئا جن ٻلهڙيجي جي مقبوليت ۾وڌيڪ اضافو ڪيو.

پوءِ جڏهن تنظيم کي فنڊنگ شروع ٿي ته ڪجهه ماڻهن انهن مان ذاتي فائدا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڳالهه تي اختلاف رکي لطف پيرزادو جو تنظيم کان پاسيرو ٿيو ته پويان تنظيم کي سنڀالي نه سگهيا ۽ آهستي آهستي تنظيم ختم ٿي ان جي رجسٽريشن ئي رد ٿي وئي، پوءِ وري جڏهن به لطف پيرزادي کي ڳوٺ جي ڪنهن تنظيم لاءِ سرگرم ٿيڻ جو چيو ويو ته هو چوندو هو جيستائين هي ماڻهو هوندا ڪنهن به نالي سان ٺاهيل ڪا به تنظيم ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهندي.

1990 ع ڌاري هن روزاني عوامي آواز ۾سب ايڊيٽر طور پڻ ڪ ڪيو ۽ عوامي آواز جي موهن جي دڙي کان نمائندگي به ڪئي، ان دوران سندس ڌاڙيلن، چورن، پوليس ۽ وڏيرن سان صحافتي جهيڙو رهيو، جنهن جي موٽ ۾کيس ڌاڙيلن پاران سندس پٽ کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون به مليون پر هي فقير ماڻهو ڪنهن به معاملي تي مصلحت نه ڪندو هو. جڏهن هن صحافت ۽ نمائندي ڇڏي ته پوءِ به سندس مضمون لکڻ جو سلسلو جاري رهيو، هن ڀٽائي ۽ موهن جي دڙي تي تمام گهڻو لکيو، سندس مضمون ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ڇپجندا رهندا هئا، سندس اولاد جوان ٿيڻ ۽ روزگار سان لڳڻ بعد هو 2012 ع ڌاري ڪراچي ۾اچي آباد ٿيو، جتي سندس ڪم صرف لکڻ ئي هو ڇو ته سندس ٻار روزگار سان لڳي ويا هئا، کيس وري هڪ ٻيو صدمو 11 سيپٽمبر 2014 ع تي رسيو جڏهن سندس نوجوان پٽ سرويچ کي کنڀي گم ڪيو ويو، هن فقير ماڻهو پنهنجي پٽ جي ڳولا توڙي سندس آزادي لاءِ وس ڪيو، ٿاڻن، عدالت، احتجاج سميت هر رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي مرشد ڀٽائي صاحب جي در وڃي دانهن به ڏني پر سندس هڪ به نه هلي ۽ سندس نوجوان پٽ کي دماغ ۾گولي هڻي وڍي چيري ۽ چچري سندس لاش روڊ تي اڇلايو ويو.

سرويچ جو شهادت جو گهاءُ به هن دليري سان برداشت ڪيو ۽ سندس لاش به انهن سٽن سان وصول ڪيو ته “ هڪ سر هو اهو به يار جي قدم تان فدا ٿيو، اهو قرض به ادا ٿيو” هن پنهنجي نوجوان پٽ کي ڀٽائي جي بيتن سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو، تڏي تي ويٺل ماڻهو جڏهن خاموش ويٺا هئا ته هن خاموشي ٽوڙيندي چيو “ يار مان ته ڀٽائي صاحب کان سرويچ جي آزاديءَ جي دعا گهري پستي پئي گهري پر هن مونکي بلندي عطا ڪئي آهي، توڙي جو نوجوان پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري وڌو هو پر پوءِ به هن ڪڏهن ٻاف ٻاهر نه ڪڌي ۽ اندر ئي اندر ۾جهرندو رهيو، نيٺ ان گهاءُ کائس حياتي کسي ورتي ۽ هيءُ ڀٽائي جو فقير 9 سيپٽمبر 2018 ع تي وڃي پنهنجي مرشد سان مليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے