15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪتاب اسانجا دوست آهن:رکيل مورائي

انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل

شاهه جو رسالو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نالو آهي جيڪو هاڻ نالي مان بدلجي هڪ احساس جي صورت اختيار ڪر ي ويو آهي. هونئن هو سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي علامت پڻ آهي، اسان سنڌي زندگي جي هار معاملي ۾ سندس ڪو نه ڪو شعر کڻي وٺندا آهيون.

اهو به سچ آهي ته شاهه سائينءَ بابت چڱو ئي لکيو ويو آهي، لکجي رهيو آهي، لکيو ويندو. ساڳئي طريقي سان سندس شاعريءَ کي اڌ درجن کن ٻولين ۾ ترجمو به ڪيو ويو آهي. جن ٻولين ۾ انگريزي به شامل آهي ۽ هاڻ جيئن عالمي ٻولين ۾ انگريزي اهم بڻيل آهي، ان ڪري ان ڏانهن ڌيان وڌيڪ رهي ٿو ۽ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب جيستائين انگريزي ٻولي ۾ ترجمو نٿو ٿئي اهو علائقائي رهجي وڃي ٿو، ايئن عالمي ادب توڻي هن ملڪ جي ادب ۾ شاهه سائين علائقائي شاعر بڻيل آهي.

ظاهر آهي ته شاهه سائين جنهن ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي اها هتان جي مڙني لکت ۾ آيل ٻولين کان وڏي ڄمار رکندي به علائقائي آهي يا سمجهي وئي آهي، ان ڪري به شاهه سائين کي عالمي شاعرن جي لسٽ ۾ آڻڻ ڏکيو معاملو آهي، جيستائين اهوا نگريزيءَ ۾ ترجمو نٿو ڪيو وڃي.

ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ثقافت واري کاتي جي پهرئين سيڪريٽري ۽ اڄ تائين کاتي جي سڃاڻپ بڻيل حميد آخوند صاحب جي ڪوشش سان غالبن پهريون ترجمو آغا محمد يعقوب صاحب کان ڪرايو ويو، جيڪو ٽن جلدن ۾ ڇپرايو ويو ۽ اڄ تائين ڪيترائي ڇاپا ڇاپيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ شاهه سائين جي انگريزي ترجمي نگارن ۾ امينا خميساڻي صاحبه جو نالو اهميت وارو آهي، ويجهڙ ۾ ئي آغا سليم صاحب پڻ شاهه جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

ڪيئن به هاڻ جيڪو شاهه سائين جو رسالو انگريزي ۾ ترجمو ٿي آيو آهي، اهو اسان جي احترام لائق اديب اڪبر ڊکڻ صاحب ڪيو آهي. اڪبر ڊکڻ صاحب ادب دوست رهيو آهي، پاڻ الڳ الڳ وقتن تي لکندو به رهيو آهي ته پڙهندو به رهيو آهي پر سچ پچ سندس هيءُ شاهه جي رسالي وارو ڪم نهايت اهميت ڀريو ۽ ساراهڻ جهڙو آهي.

اڪبر ڊکڻ صاحب شاهه سائينءَ جو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي وارو رسالو اڳيان رکيو آهي ظاهر آهي ته هن کانئس اڳ ۾ جيڪي رسالا انگريزي ترجما آيل آهن، انهن کي به نظر مان ڪڍيو هوندو. اهو ضروري آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي شاعري جو ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪنهن به مترجم جو انهيءَ ٻنهي ٻولين تي ضابطو هجڻ ضروري آهي، جنهن کي ترجمو ڪيو ٿو وڃي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي.

ڊکڻ صاحب سنڌي ڪامورو رهيو آهي ان ڪري سندس سنڌي ته پڪ سان مادري ٻولي آهي، انگريزي ترجمو اڀياس کان پوءِ پرکي سگهبو ته ڪيئن بيٺو آهي.

بهرحال شاهه سائين جي رسالي کي ترجمو ڪرڻ پڪ سان شاهه صاحب سان عشق جو نتيجو سمجهڻ گهرجي ۽ ڪنهن به طرح ان عمل جي تعريف ڪرڻ گهرجي.

اڄ جي حالتن ۾ شاهه جي رسالي جا جيترا به ترجما ٿيندا، خاص طور انگريزي ٻوليءَ ۾ اوترو شاهه سائين جي شاعريءَ کي اسان عالمي ادب ۾ جڳهه ڏياري سگهنداسين. اسان جا عالم اديب ۽ ڪامورا جيتريون ٻوليون ڄاڻن ٿا اوترين ٻولين ۾ شاهه سائينءَ کي ترجمو ڪرڻ گهرجي، اهو انهن مٿان ٻوليءَ جو فرض آهي ته سنڌ هڪ سنڌي هجڻ ناتي فرض به آهي، ڪنهن به طرح کين اهو قومي فرض نڀائڻ گهرجي، جيئن اڪبر ڊکڻ صاحب نباهيو آهي، اسين سڀ جيڪي شاهه سائينءَ ۽ سندس ٻوليءَ توڻي شاعريءَ سان پيار ڪريون ٿا اهي ڊکڻ صاحب جا سچ پچ ته احسان مند آهيون جو هن گهڻي نيڪيءَ وارو ڪم ڪيو آهي.

اڳتي هلي شاهه سائين جا پارکو ڊکڻ صاحب جي ترجمي کي ڪهڙي پد تي بيهاريندا/قبول ڪندا اهو ايندڙ وقت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن وقت شاهه جي رسالا جي بيشمار ترجمان سامهون ايندا، تيستائين جيڪو ڪم سامهون آيو آهي، اهو  ضرور ساراهڻ گهرجي.

صفحن تي ٻڌل هي ترجمو آفسيٽ پيپر تي نهايت وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان رسالي سائيز ۾ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي، اداري ڏانهن به هيءَ نيڪي وڃي ٿي جنهن پنهنجي ساک جو خيال رکندي رسالي کي سهڻو ڪري ڇاپيو آهي هن رسالي جو ملهه هڪ هزار رپيا آهي.

گوهر سنڌيءَ جو ڪهاڻي ڪتاب

ريڙهه پيڙهه

گوهر سنڌي اسان جو شاعر، قومي ڪارڪن، استاد آهي، سندس مٿين سڃاڻپن ۾ هڪ وڌيڪ سڃاڻپ ڪهاڻي به آهي، جن کي سهيڙي هن ”ريڙهه پيڙهه“ جي نالي سان ڪتاب آندو آهي، هن ڪتاب ۾ لکت موجب ستر 70 جديد ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. اهي جديد ڪهاڻين جو ڪيترو حق ادا ڪن ٿيون، اهو اڳتي هلي اسان کي ڪهاڻيءَ جا نقاد ٻڌائيندا، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ تنقيد جي گهٽ هجڻ سبب ادب جي ڪٿ ڪرڻ ڏکي ٿي پئي آهي.

ٻيءَ طرح گوهر سنڌي اسان جو قومي ڪارڪن آهي، سندس لکڻين ۾۽ ايئن هنن لکڻين ۾ جن کي هن ڪهاڻيون ڪوٺيو آهي ان ۾ جدوجهد، قومي آجپي، آدرشي سماج جو پيغام آهي. جيڪو مجموعي طور سنڌ جي ليکڪ آڏو هجڻ گهرجي، گوهر سنڌي نه رڳو پنهنجي لکڻ وسيلي سنڌ جي آجپي جو پيغام ڏئي ٿو پر هو عملي طرح به ان پيغام پکيڙڻ لاءِ جدوجهد ۾ رڌل آهي، پوءِ اهو ادب هجي، سنڌي ادبي سنگت هجي يا قومي تحريڪ، هو لڳاتار جدوجهد ۾ آهي. ان ڪري کيس جيترو به جس جڳائي اوترو ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هو لاڳيتو لکي رهيو آهي، جيڪا پڻ ادب جي خدمت آهي.

گوهر سنڌي جو هيءُ ڪهاڻي ڪتاب پڪ سان ان ڪهاڻي ادب ۾ اضافو آهي، جيڪا اسان جي قومي ڪهاڻي ڪوٺجي ٿي ۽ جيڪا سنڌ جي دردن جي ڪهاڻي آهي. اهو درد جيڪو سنڌ سالن کان ڀوڳي رهي آهي، نهايت سڌي سرل ۽ بنا ڪنهن ابهام جي اظهاريل هي ڪهاڻيون اسان جي پڙهندڙن کي هڪ اتساهه بخشينديون. اهڙي پڪ آهي ، هنن ڪهاڻين جا پڙهندڙ هر وقت ۾ موجود رهن ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ جا مسئلا جيستائين آهن، هيءُ ڪهاڻيون تيستائين زنده رهڻيون آهن، گوهر سنڌي کي پنهنجي قومي شاعريءَ کان پوءِ هيءُ ڪتاب ڇپائڻ تي مبارڪ هجي.

هن ڪتاب بابت ساجد سومري، نذير ناشاد سومري، يار محمد چانڊيي، تنوير حيدر ۽ آدرش جا ويچار پڙهڻ جهڙا آهن، هن ڪهاڻي ڪتاب کي سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب ۾ اڍائي سئو صفحا آهن، پڪي جلد ۾ وڻندڙ ٽائٽل واري هن ڪتاب جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. ڪتاب ڪهاڻيءَ جي حوالي ۾ هڪ انگ جو واڌارو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي خوشي ڏئي ٿو.

سيما ابڙو جو پهريون ڪهاڻي مجموعو

خواب ۽ حقيقت

مان سمجهان ٿو ته اسان جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سائين قبول ابڙو صاحب اهڙو ڀاڳن وارو لکندڙ هو جنهن خود ڪهاڻيءَ ۾ خاص طور نئين ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو حصو ڳنڍيو اهو ته پنهنجي حوالي ۾ اهم آهي ئي پر هن سنڌي ٻوليءَ کي ٻه واڌو تخليقي ليکڪ ڏنا آهن، اهو ڀاڳ ڪنهن سنڌي اديب جي نصيب ۾ گهٽ آيو آهي. پرويز ابڙي سنڌيءَ ۾ ڀل ٻه ناول ڏنا پر هن پنهنجو نالو ادب ۾ محفوظ ڪري ورتو آهي.

۽ هاڻ ادي سيما ابڙو جڏهن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب سهيڙي ”خواب ۽ حقيقت“ جي نالي سان آندو آهي ته بيحد خوشي ٿي آهي، ڪهاڻي پنهنجو سفر ڪري اڄ ڪٿي پهتي آهي. اهو اندازو لڳائڻ ڀيڻ سيما جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ٿي ويندو. جيتوڻيڪ هي سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب آهي ۽ سندس پهرين سڃاڻپ آهي،ا ڳتي هلي هوءَ ڪهاڻيءَ کي ڪٿي بيهاري ٿي اهو وقت گذرڻ کان پوءِ خود طئي ٿيڻو آهي.

”خواب ۽ حقيقت“ ڪتاب ڪتاب ٻڌائي ٿو ته هي هڪ تخليقي ڪتاب آهي، ان ۾ ڪهاڻين جا موضوع، ڪهاڻين جي ٻولي ماحول سڀ هڪ تخليقڪار جو تخليق ڪيل آهي ۽ اهوسڀ ٻڌائي ٿو ته سيما ابڙو جيڪڏهن سچ پچ ڪهاڻيءَ کي وقت ڏنو ته سنڌي ادب ۾ ڪيئي ڪهاڻيون اچي وينديون، جيڪي ادب ۾ وري وري حوالي ۾ آڻي سگهبيون، اهڙي اميد سيما ابڙو جون هي ڪهاڻيون ليکيون پيون وڃن، انهن جي وچ ۾ پنهنجي لکڻ جي انفراديت محسوس ڪرائڻ ۽ ادب ۾ پنهنجو مخصوص چهرو ڏيکارڻ گهڻو گهڻو ڏکيو ته آهي ئي، ساڳئي وقت محنت طلب پڻ.

ڀيڻ سيما کي هڪ ادبي گهر ۽ ادبي ماحول ميسر آهي، اهو فائدو ته کيس آهي پر ان ماحول ۾ کيس پنهنجي نجي سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي آهي، ادب زندگيءَ جو رياض آهي، ان ۾ شارٽ ڪٽ جي گنجائش بنهه آهي، اهڙو مثال سيما جي گهر ۾ ئي موجود آهي. ان ڪري منجهائنس گهڻي اميد آهي ته هوءَ ادب کي جيڪو به ڏيندي اهو نج هوندو ۽ بنهه تخليقي هوندو، جيئن هن ڪتاب ۾ آهي.

شايد هت آغا سليم صاحب جا لفظ منهنجي رهنمائي ڪري رهيا آهن جيڪي هن پياري پرويز ابڙي کي چيا هئا.

سٺي ۽ خراب لکڻيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو آهي پر مان تولاءِ اهو ئي چوندم تون رائيٽر آهين باقي سٺو يا خراب توکي ايندڙ وقت ٻڌائيندو.

پر ادب ۾ تڪڙ/شارٽ ڪٽ اهي ڪندا آهن جن کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه هوندو آهي. ڀيڻ سيما جو هيءُ پهريون ڪهاڻي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته کيس پاڻ تي ۽ پنهنجي لکڻ تي اعتماد آهي.ا ن ڪري ڪهاڻيءَ  جو مستقبل کيس آجيان ڪرڻ لاءِ آتو آهي. اهڙو کيس اعتماد هجڻ گهرجي. هوءَ ڪهاڻيڪار آهي، اعليٰ ڪهاڻيڪار هن کي پنهنجي محنت ۽ تخليق بنائيندي، اسان جون نيڪ خواهشون ساڻس گڏ رهنديون ئي.

ويهن ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ سيما ابڙو جيڪو پنهنجو تخليقي چهرو ظاهر ڪيو آهي، ان جا رنگ سڀاڻي وڌيڪ چٽا ٿيندا ۽ چمڪندا اهڙي اميد سان ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ جي آجيان.

هي وڻندڙ ڪتاب هڪ سئو نوي صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن جو مهاڳ اسان جي نامياري ليکڪه ميڊم تنوير جوڻيجو صاحبه لکيو آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ڪجهه سٽون پرويز ابڙي جون لکيل آهن. ميڊم خورشيد عباسي صاحب جي ننڍڙي راءِ سان ڇپيل هن ڪتاب کي ڪاڇو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي، پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو ملهه ٻه سئو چاليهه رپيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے