21 پیر , جنوری 2019

محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب ”سئو لفظ سئو ڪهاڻيون“ تي هڪ نظر:امر پيرزادو

محمد علي پٺاڻ طويل ڪهاڻيون توڙي قسط وار ڊراما لکندڙ سينئر نثر نويس رهيو آھي. جديد دور ۾ مختصر ڪهاڻي جنهن کي ”فليش ڪهاڻي“ به چيو وڃي ٿو گهڻي مقبوليت ماڻي آھي. اردو ادب ۾ ان حوالي سان مبشر زيدي جو ”سئو لفظون ڪي ڪهاني“ گهڻيون مشھور ٿيون ۽ ڪتابي شڪل ۾ هاڻي سامهون اچي چڪيون آھن.

هن وٺ وٺان واري دور ۾ ادب ۽ خبرون به ماڻھو فاسٽ فوڊ وانگر هلندي گهمندي تڪڙ ۾ فيس بڪ واٽس ايپ يا ڪنهن ويب سائٽ تي پڙھي وٺندا آھن ايئن سندن مشيني زندگي ۾ ادب انسانيت اوتيندو ٿو رهي. محمد علي پٺاڻ جون هن ڪتاب ۾ ڇپيل ڪهاڻيون اهي ڪهاڻيون آھن جيڪي اسان روز اخبارن، سوشل ميڊيا يا ٽي وي تي ڏسندي نظر انداز ڪري اڳتي وڌي ويندا آھيون پر اهي نظر انداز ٿيل سماجي مسئلا ۽ ناانصافيون ادب ۾ وڏا مسئلا ٿي سامهون ايندا آھن ۽ عوام توڙي حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائيندا آھن.

محمد علي، اهڙو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. مختصر ڪهاڻي ڪري پڙھندڙ ڪهاڻي جي پلاٽ، منظر نگاري، ڪردارن جي ڄاڻ واري ڊيگهه مان بچي وڃي ٿو ۽ ڪهاڻي ڪنهن ڊائلاگ کان به شروع ٿي وڃي ٿي ۽ پڙھندڙ مقصد واري منزل تڪڙ۾ طي ڪري ٿو.

محمد علي سدائين وانگر هن ڪتاب ۾ به عام ماڻھن جي مسئلن تي فوڪس ڪيو آھي ۽ اهم ڳالهه اها آھي ته مختصر لفظن ۾ ھو ڪهاڻي جو درد بيان ڪرڻ ۾ سڦل آھي جنهن جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا جيئن دور انديشي, عيد جي خرچي, ٽچ اسڪرين,گهر ۾ لک ٿا گهمن وغيره پر سندس ڪهاڻي هوا جو رخ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آھي. سنڌي ادب کي اهڙن ڪتابن جو اڳتي به انتظار رهندو

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ديبل يا ڀنڀور تاريخ جي نظر ۾:خدابخش بروهي

موسمي، ماحولياتي تبديلين، زلزلن، سامونڊي طوفانن قدرتي آفتن، خدائي عذابن قومن ڳوٺن ۽ واهڻن وسندين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے