21 بدھ , نومبر 2018

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

 

سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ ۽ شاعر هو جنهن جي پيدائش 1950ع ۾ لٽل ماسڪو  جي نالي سان مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ٿي ، جيئن ته ٻلهڙيجي ءَ جي مٽيءَ  ۾ تصوف جو ٻج  پوکيل آهي ۽ هوائن ۾ لطيفي  لات پنهنجي خوشبوءَ سان سالن کان وٺي سڄي سنڌ کي معطر ڪندي پئي آئي آهي اُتي ميان پير بخش مڱريو  شروعاتي  ديني تعليم حاصل ڪري  موهن جو دڙو جي ڀر ۾  سنڌو دريا جي ڪپ تي  پنهنجي ٻنين ۾ آباد ڳوٺ ڪانپور ۾  لڏي آيو .

جيئن ته سگهڙ فقير ميان پير بخش مڱريو   هڪ روايتي ثقافتي سگهڙ هو جنهن  جو عشق الله سان  هو  ۽ ان جي آخري نبي سان  بي انتها محبت هئي  ان محبت جو دائرو  پنجتن  کان وٺي  اوليا اڪرام  تائين رهيو، سندن چيل حمد پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

 

ٻَنِ ڏئي  ٻيائي ڪڍي تون وٺ رنداني راهه کي
پيو يــاد ڪـڍـر الله کي تــون يــاد ڪـر الله کـي

يا

الله کي ڪوئي ايال ڪونهي هو پيار ڪندو آ ٻانهن سان

هو پيار ڪندو آ ٻانهن سان رکي دوستي ٿو ديوانن سان

سگهڙ فقير جو لفظن جي ڪاريگريءَ ۾ عشق ِحقيقي جو نمايان ثبوت ملندوآهي، سندس  صفاتي سينگار به موتن جي داڻن  وانگر آهن جيئن؛

 

يا محمد مصطفيٰ هي جڳ جـڱڙيو تنهنجي ڪري
ارض و سما عرش و بري ۾ چنڊ کڙيو تنهنجي ڪري

 

جهڙا  ڪيترا ئي صفاتي سينگار آهن ۽ عشق حسين تي ته ڪمال لکيو اٿس، فقير ميان پير بخش جو مولا علي جو شان پيش ڪرڻ جو ڪچهريءَ ۾  هڪ انوکو انداز هوندو هو ، مون کي چڱي طرح ياد آهي اهو قصو جيڪو فقير پيش ڪيو  ڪجهه هن طرح هو ،

مولا علي خيبر جو ڪوٽ فتح ڪيو واپس پئي آيو ته رستي تي سرور نالي هڪ اکين کان انڌي ، ڄنگهن کان منڊي ۽ ٻانهن کان رونڊي  پينو فقير وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو ته ڪافلي جا سردار مون پيٽ بکيي  کي ماني کاراءِ  ! مولا ڪافلو روڪي غلام قمبر کي  حڪم ڪيو ،قمبر جلدي ڪر ماني فقير کي ڏي  ، قمبر  چيو ! مولا ماني دسترخوان ۾ آ

مولاعلي! دسترخوان فقيرکي ڏي ، قمبر ! مولا دسترخوان پيٽيءَ ۾ آ

مولا علي! پيٽي فقير کي ڏي ، غلام قمبر ! مولا پيٽي اُٺ تي آ

مولا علي !  اُٺ فقير کي ڏي ، غلام قمبر ! مولا  اُٺ قطار ۾ آ

مولا علي ! اها قطار فقير کي ڏي ، قمبر ! مولا قطار مهار ۾ آ

 

مولا علي ! اها مهار ئي فقير کي ڏي، ته قمبر تڪڙ ۾ مهار سرور فقير جي مٿان فٽي ڪري پري ٿي بيٺو ته ڪٿي ڪير چوي ته مهار قمبر جي هٿ ۾ آ ته قمبر به فقير جي حوالي نه ٿي وڃي ،  هي قصو تمام وڏو آهي جنهن ۾ سرور فقير کي اکيون، ٻانهون، ڄنگهون، نوجواني ۽ اُٺن جي قطار ملي ٿي ۽ هو مالا مال ٿي وڃي ٿو  ، مولا علي جي سخاوت جو هي قصو سگهڙ فقير ميان پير بخش مڱريو جي هڪ مچ ڪچهري دوران وڊيو جي صورت ۾ مون وٽ موجود آهي.

 

سگهڙ ميان پير بخش سگهڙن جي سرتاج پنهنجي استاد فقير محمد ملوڪ عباسي سان ٽي وي ، ريڊيو ، لعل شهباز قلندر، حضرت سچل سرمست ۽ شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ميلن ۾ ڪئي محفلون مچايون .

سگهڙ فقير  ميان پير بخش مڱريي  جيتوڻيڪ جو سگهڙائپ جي سڀني صنفن تي لکيو آهي جنهن ۾  بيت، وايون، ڪافيون سينگار گجهارتون ، ڏٺ پروليون ، معاشرو ، انقلاب وغيره  شامل آهي،

سگهڙ فقير  پنهنجي ماروئڙن ، جهانگيئڙن ۽ هارين نارين جي حق ۾ به ڳچ لکيو آهي ؛

 

جن ماروئڙا ڪيا منهنجا تنگ

تن سان جـــوٽيون جـوڌا جنگ

 

سگهڙ  ملان جي مڪر ۽ ظالم وڏيرن جي خلاف گهڻو لکيو

 

ملان تنهنجي مڪر جي ڪهڙي ڪيان ڳالهه،

اها چنڊا تنهنجي چال منهنجي وڻي ڪانه وجود کي.

۽

هتي ظالم وڏيرا شاهيءَ جو، رعيت جو تدارڪ ڪير ڪري.
بي غيرت ويا آهن زور وٺي، غيرت جو تدارڪ ڪير ڪري.

 

جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڪجهه وقت پنهنجو تر ڇڏي جلاوطني واري زندگي پڻ گذارڻي پئي هئي.

مامي جي مزاح به محفلون لٽي ڇڏيندي هئي، ماڻهو  کيس بار بار سندس شعر کٽمٺڙو  ٻڌائڻ تي اصرار ڪندا هئا.  ماما ! او ماما!  ڇا؟ وارو شعر وري ٿي وڃي !

 

 

مان هتي سڪندو  رهان تو لوڪ ساري  کي ڏنو

ڇا

پيار پيارا آ پرين منهنجي خطا ڪهڙي جناب

 

سگهڙ فقير ميان پير بخش مڱريي جي سڄي حياتي ذڪر فڪر ۽ تهجدگذاريءَ ۾ گذري نبيءَ جي اُمت ۾ اضافو ٿئي تنهنڪري  پاڻ فيملي پلاننگ  واري  سوچ جي سخت خلاف هو  کيس چوڏهن ٻار آهن جن ۾ست پٽ ۽ ست نياڻيون آهن جيڪي به سندس جي نقشِ قدم  تي هلي رهيا آهن جيئن ته مان سگهڙ فقير جو  ڀاڻج ۽ پيارو نياڻو پڻ آهيان  تنهنڪري  منهنجو اڪثر سندس گهر ۾ وڃڻ ٿيندو آهي  سندس گهر جو اڱڻ جريب کن ۾ آهي  جيڪو ساوڻي جي راتن  ۾ کٽن سان ڀريو پيو هوندو آهي ڄڻ ڪا شادي هجي رات جي مانيءَ کان پوءِ  سڀني پٽن پوٽن کي سامهون ڪري ذڪر ڪندو هو ، چوندو هو !

ڪر معاف خطائون منهنجون تون!

ته سڀ ٻار وراڻو ڏيندا هئا ! الله هو الله هو!

اهڙي قسم جا ذڪر ٻڌي سندس گهر مدرسي وارو ڏيک ڏيندو هو،  فقير سگهڙ موت برحق ۽ آخرت واري زندگيءَ  جي باري  ۾ تياريءَ جي تلقين ڪندو رهندو هو سندس هي شعر؛

 

ڇڏيون خان خانيون تونگر هليا ويا.
هن ساڳي سر زمين تان سڪندر هليا ويا.
نه رهيو دنيا تي ڪو دارا سڪندر،
اهڙا مر د غازي، بهادر هليا ويا.
خدا جي زمين تي رهي ٿورڙو،
شهنشاهه ڀٽا ئي قلندر هليا ويا.
خدا جي خدائيءَ جا مالڪ هيا جي،
اهي خود خداجا پيغمبر هليا ويا.
دنيا دم گذر ٿئي   پيرل او مڱريا،
هتان ڪيئي حاطم گداگر هليا ويا.

 

ست نومبر 2018 تي فقير ميان پير بخش مڱريو منهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو  الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين!

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے