11 منگل , دسمبر 2018

ٿولهه ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ بيماريون ٪5 وزن گهٽ ڪري ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو:ڊاڪٽر علي مراد راهو

ٿولهه حقيقت ۾ هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهون ڪيترن ئي مرضن ۾ وٺجي ويندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي بيماري ٿلهي ماڻهوءَ کي پنهنجو شڪار ڪري سگهي ٿي. انهن مرضن ۾ شگر جي بيماري، بلڊ پريشر، دل جو دورو، فالج، ڪينسر، ننڊ جو گهٽ اچڻ، هڏن جو ڀرڻ ( آسٽيوپوروسز) فيٽي ليور ۽ گڙدن جون بيماريون شامل آهن. جڏهن ته اهي عورتون جيڪي حمل ٿيڻ کان اڳ وزن ۾ وڌي وڃن. انهن ۾ حمل جي دوران ۽ پيدا ٿيندڙ ٻار ۾ تڪليفن جو وڌي وڃڻ.

ان کان پهرين جو اهڙن مرضن جي مختلف ڪجهه معلومات ٻڌائي وڃي ان ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته طب جي شعبي وڌيڪ وزن ۽ ٿولهه کي الڳ الڳ درجن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن جي جانچ لاءِ هڪ عالمي معيار مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو طبعي اصطلاح ۾ باڊي ماس انڊيڪس Body Mass Index (BMI) چورائي ٿي ( بي ايم آءِ) معلوم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ماڻهو جي قد ۽ جسم جي پکيڙ جي ماپ ڪري هڪ سراسري شمار واضع ڪيو وڃي ٿو. ڪوبه ماڻهو پنهنجو بي ايم آءِ سولائي سان معلوم ڪري سگهي ٿو. جنهن جي لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجو وزن (ڪلوگرام) ۽ پنهنجي قد جي اوچائي ميٽرن ۾ معلوم ڪري پوءِ وزن ۽ قد کي اسڪوائر سان ونڊ ڪبو ته بي آءِ ايم معلوم ٿي ويندو مثال جي طور: توهان جو وزن 80 ڪلو گرام آهي ۽ قد 150 سينٽي ميٽر آهي ته توهان جو قد 5.1 ميٽر ٿيندو. هاڻي ان کي 80 سان ضرب ڪبو ته جواب 25.2 ايندو. هاڻي وزن کي 80 سان ونڊ ڪيو ته توهان جو بي ايم آءِ 55.35 ٿيندو. عالمي معيار جي مطابق بي ايم آئي کي چار درجن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪڏهن اوهان جو وزن 5.18 کان گهٽ آهي ته اهو انڊر ويٽ آهي. يعني گهٽ وزن آهي جڏهن ته بي ايم آءِ 5.18 کان 9.24 جي وچ ۾ هجي ته پوءِ نارمل وزن آهي جيڪڏهن 25 کان 30 جي وچ ۾ هجي ته ان جو مطلب آهي ته وزن قد جي اعتبار کان وڌيڪ آهي. طبي اصطلاح ۾ وزن کي (Over weight) چيو وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن بي ايم آءِ 30 کان وڌيڪ هجي ته ان کي ٿولهه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٿلهن ماڻهن جي جانچ پيٽ ۽ ڪهلن جي ماپ ڪرڻ سان به ڪري سگهجي ٿي عام طور تي اسان جي معاشري ۾ اهڙا ماڻهو جن جي نڪتل پيٽ هوندو آهي انهن کي ٿلهو سمجهيو وڃي ٿو. ياد رکيو وڃي ته اهڙا ڪيترائي ماڻهو جن جو پيٽ انهن جي ڪلهن کان وڏو هوندو آهي انهن کي طبي اصطلاح ۾ سينٽرل اوبي سٽي (Central obesity) ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جيڪو حقيقت ۾ خطري جي گهنٽي آهي پوءِ ٿولهه جو هڪ اهڙو قسم جيڪو عام طور تي گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان ۾ پورو جسم هڪ هموار طريقي سان هوندو آهي. مثلن ٿلها هٿ ۽ پير پر عام طور تي اهڙن ماڻهن جو پيٽ نڪتل نه هوندو آهي. هڪ ٻيو ٿولهه جو قسم جنهن ۾ جسم جو هيٺيون دڙ ٿلهو هوندو آهي. جيتوڻيڪ انهن مڙني قسمن ۾ سڀ کان گهڻو خطرناڪ پيٽ جو وڌي وڃڻ آهي. جيڪڏهن بي ايم آءِ 30.35 يا 40 هجي ته ان کي به ٿولهه جي شرح مردن جي نسبت عورتن ۾ وڌيڪ هوندي آهي. جيتوڻيڪ اولهه ۽ اوڀر ۾ فرق آهي جڏهن ته ٿلهي طبقي جي نسبت غريب ۽ مسڪين طبقي جي ماڻهن کي به گهڻي ٿولهه ٿيندي آهي. عام طور ٿلها ماڻهو تقريبن 60 سيڪڙو بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. جيڪو طبي اصطلاح ۾ ميٽا بولڪ سينڊروم  (Metabolic Sand Rome)  چورائي ٿي.

هي ڪيترن ئي مرضن جو گڏيل مجموعو آهي ان ۾ بلڊ پريشر، شگر جي بيماري ڪوليسٽرول وغيره شامل آهن. جڏهن ته اهڙن ماڻهن جي رت ۾ شگر جي ليول جانچي وڃي ته اها به وڌيڪ هوندي جيڪڏهن ٿولهه جي وجود جي سبب جي ڳالهه ڪئي وڃي ته عام طور تي پهرين نمبر تي ڪم نه ڪندڙ ماڻهو آهن. جڏهن ته نامناسب طرز زندگي ۽ ورزش نه ڪرڻ جي عمل کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جينياتي طور تي به ٿولهه نسل در نسل ٿيندي رهندي آهي. ٿولهه ۾ ڪابه بيماري ٿيڻ جي باوجود ان بيماريءَ کان محفوظ رهڻ جي لاءِ مختلف احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. مثلن ڪوبه ماڻهو ٿولهه جو شڪار آهي ته اهو ٪5 کان ٪7 وزن گهٽ ڪري ته اهو ماڻهو شگر جي بيماريءَ کان بچي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته روزانو ورزش ڪئي وڃي ۽ تڪڙو تڪڙو پنڌ ڪرڻ گهرجي پنڌ ڪرڻ جو وقت هڪ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ڪلاڪ هئڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته اهڙا مرض جن جي ڪري موت جلد ٿئي ٿو. انهن ۾ شگر جي بيماري ستين نمبر تي آهي. جڏهن شگر جي بيماري ٽائيپ 2 کان متاثر ٪80 ماڻهو ٿولهه جو شڪار هوندا آهن. اهڙي طرح بلڊ پريشر مرض به آهي جنهن کي ”خاموش قاتل“ به چيو ويندو آهي. دل ۽ گڙدن جي ڪارڪردگيءَ تي به خراب اثر وجهي ٿو. جڏهن ته ڪنهنجو وزن وڌي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي ٿولهه به خودبخود وڌي وڃي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ چرٻيءَ ۾ رت جون نيون رڳون ٺهڻ لڳن ٿيون. تقريبن هڪ ڪلو گرام ۾ هڪ سئو ميل نيون رڳون ٺهن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ دل تي غير ضروري دٻاءُ پوي ٿو. ته اهڙا مريض جيڪڏهن پنهنجو وزن بي ايم آءِ 25 تائين کڻي وڃن ته نه صرف بلڊ پريشر نارمل ٿي ويندو. بلڪي چرٻيءَ جو وڌندڙ مقدار جيڪو گڙدن تي اثر انداز ٿئي ٿو. اهو به نارمل ٿي ويندو. ان کان علاوه فربه ماڻهن ۾ ڪينسر جو اهم سبب به چرٻي ۾ ملندڙ هارمونز جو به وڏو مقدار موجود هوندو آهي.

ٿولهه کان متاثر ماڻهو گهڻو ڪري ننڍ دوران کونگرا هڻندا آهن. اسان جي عام معاشري ۾ اهو تصور هوندو آهي ته کونگرن واري ننڊ گهري هوندي آهي. جيڪا ڳالهه صحيح نه آهي اصل حقيقت ۾ اها ننڊ نه هوندي آهي جڏهن ته هر کونگري سان ننڊ ڦٽي ويندي آهي. اهوئي سبب آهي ته جيڪي ماڻهو ننڊ ۾ کونگرا هڻندا آهن. انهن کي جتي موقعو ملندو آهي اتي ننڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن جي ننڊ پوري نه هوندي آهي. ان لاءِ سڄو ڏينهن انهن کي سستي ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي رهندي آهي.

ٿولهه جا اثر هڏن جي جوڙن يا سنڌن ۾ سور جو سبب بنجن ٿا. خاص طور تي گوڏن ۽ پٺي جي ڪرنگهي جي هڏين جا جوڙ متاثر ٿين ٿا. جگر جي چرٻي جنهن کي طبي اصطلاح ۾ فيٽي ليور (Fatty liver) چوندا آهن. جنهن جو سبب اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ هي مرض شگر جي بيماري جي شڪار مريضن ۽ ٿلهن ماڻهن ۾ گهڻو ملي ٿو. ٿولهه جي علاج جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته جيڪڏهن ٿلهو ماڻهو پنهنجو موجوده وزن 5 سيڪڙو تائين گهٽ ڪري ته ڪيترن ئي طبي مسئلن کان محفوظ رهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو وزن 100 ڪلو گرام آهي ته ان کي پنهنجو 5 ڪلو گرام وزن گهٽ ڪرڻو پوندو.

انهيءَ سلسلي ۾ ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته وڌ کان وڌ هڪ ڪلوگرام وزن هڪ هفتي ۾ گهٽ ڪيو وڃي. ۽ اهو ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ نه ٿئي. جنهن جي لاءِ هڪ هفتي ۾ 150 منٽ پنڌ ڪرڻ گهرجي. اڪثر ماڻهو اهو سوچي کاڌي کائڻ کان پوءِ ڪجهه پنڌ ڪندا آهن ته اسان جو وزن گهٽجي ويندو ۽ هاضمو به سهي رهندو. جيڪو بلڪل صحيح نه آهي. وزن جي گهٽتائي ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان بهتر اهو آهي ته اهڙو کاڌو استعمال ڪيو وڃي. جنهن ۾ ڪيليريز گهٽ هجن. جهڙوڪ فروٽ ۽ ڀاڄيون کائڻ گهرجن جڏهن ته ڪڻڪ ۽ چانورن جي بجاءِ جَوَ يا بوسي وارو اٽو بهتر آهي.

وزن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پهريائين پنهنجي پاڻ کي ذهني طور تيار ٿيڻ گهرجي. ته مون کي وزن گهٽائڻو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو وزن گهٽائڻ جي لاءِ دوا استعمال ڪري رهيو آهي. ته ان کي اها دوا وزن گهٽائڻ جي لاءِ بلڪل استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هر ٿلهي ماڻهو جي ٿولهه جو قسم الڳ الڳ هوندو آهي جڏهن ته طبي ماهرن ٿولهه کي گهٽ ڪرڻ وارين دوائن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو آهي هڪ اهو دوائن جو گروپ جنهن ۾ کاڌي ۾ موجود نشاستي کي جذب ٿيڻ نٿيون ڏين. جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ شامل دوائون وري چرٻي کي جذب ٿيڻ نٿيون ڏين مشاهدي ۾ نا تجربي ڪار ڊاڪٽر ۽ عطائي ڊاڪٽر وزن گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دل جون دوائون استعمال ڪرائيندا آهن. هي علاج جو طريقو (انتهائي) تمام گهڻو خطرناڪ آهي. جيتوڻيڪ اسان جي مختلف کاڌن جي حوالي سان به عجيب چوڻيون مشهور آهن، ته بهتر اهو آهي ته ٿولهه کي گهٽائڻ جي لاءِ باقاعدي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي ۽ ان جو علاج به ڪرائجي. ۽ ان تي مڪمل عمل ڪيو وڃي جڏهن ته روزاني جي کاڌ خوراڪ جي لاءِ هڪ ترتيب وار شيڊيول ٺاهيو وڃي. دوائڻ کان ڪيترائي ڀيرا بهتر صحت رکڻ جي لاءِ متوازن ۽ گهٽ سڻڀ وارا کاڌا استعمال ڪرڻ گهرجن. ته جيئن صحت تي خراب اثر نه پون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے