21 پیر , جنوری 2019

آمريڪا سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ سياسي بحران پيدا ڪيو: مولانا فضل الرحمان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا سي پيڪ کي پنهنجي لاءِ چيلينج سمجهيو ۽ پاڪستان ۾ سياسي بحران پيدا ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ (ف) جي بندوبست هيٺ ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا سي پيڪ کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن مني بجيٽ بعد ايتري مهانگائي ناهي ٿي، جيتري هن حڪوتم جي دور ۾ ٿي آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن جي اندر ڊالر 120 کان 137 تائين هليو ويو جيڪو پريشان ڪندڙ آهي. هن اليڪشن ڪميشن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته هن ڀيري ٿيل اليڪشن کي ڪنهن ميوزيم ۾ رکڻ گهرجي ها، ان تي اسان جا خدشا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپال ۾ جهنگلي هاٿي عورت کي ماري وڌو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ هڪ هاٿي عورت کي سندس گهر سامهون ئي ماري ڇڏيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے