20 منگل , نومبر 2018

گلگت بلتستان: برفباري سبب ڦاٿل ماڻهن کي فوج جي مدد سان ڪڍيو ويو

ديامير (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي علائقي بهسل، گيٽي داس ۽ بابو سرٽاپ ۾ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. برفباري جي نتيجي ۾ ڦاٿل سڀني ماڻهن کي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽرن ڪڍي محفوظ هنڌ پهچايو. هوڏانهن ديوسائي ۾ برفباري سبب ٽن ڏينهن کان ڦاٿل هڪ پرڏيهي عورت سميت سياحن ۽ وائلڊ لائيف اهلڪارن کي پاڪ فوج جي مدد سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي. اطلاعن موجب گلگت بلتستان جي مختلف ضلعن ۾ برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. برفباري سبب بهسل، گيٽي داس ۽ بابو سر ٽاپ ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن هيلي ڪاپٽرن ۽ ميڊيڪل ٽيم حصو ورتو. هيلي ڪاپٽرن ذريعي 6 عورتن ۽ 7 ٻارن سميت 14 ڄڻن کي چترال ۽ کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 12 ڄڻن کي حفاظت سان محفوظ هنڌ پهچايو ويو، ان کانسواءِ بهسل ڀرسان محفوظ هنڌ تي موجود 20 ڄڻن تائين ڪمبل ۽ خوراڪ جا پيڪيٽ به پهچايا ويا. هوڏانهن اسڪردو جي بلند ترين تفريحي ماڳ ديوسائي ۾ برفباري سبب ٽن ڏينهن کان ڦاٿل سياحن ۽ وائلڊ لائيف اهلڪارن کي پاڪ فوج جي مدد سان ريسڪيو ويو ويو. فورس ڪمانڊر گلگت بلتستان ميجر جنرل احسان محمود خان ديوسائي ۾ ڦاٿل ماڻهن سان ملاقات ڪئي، سمورن ماڻهن کي آرمي هيلي ڪاپٽر ذريعي اسڪردو آندو ويندو. گلگت بلتستان حڪومت ريسڪيو آپريشن لاءِ پاڪ فوج جا ٿورا مڃيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاصمه ارباب جي خلاف ڪرپشن ريفرنس، اڪرم دراني ۽ روبينا خالد جي خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وفاقي وزير عاصمه ارباب جي خلاف ڪرپشن جي ريفرنس داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے