18 اتوار , نومبر 2018

چوڌري اسلم حملو ڪيس: اجمل پهاڙي آزاد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت بدنام ٽارگيٽ ڪلر اجمل پهاڙي کي چوڌري اسلم ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو. اجمل پهاڙي تي ايس ايس پي ڪراچي چوڌري اسلم تي حملي جو ڪيس هلي رهيو آهي پر هن کي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته واقعي ۾ شريڪ جوابدار اعجاز شاهه کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽي ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 2006ع ۾ چوڌري اسلم تي ٿيل حملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ سموريون ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون. جوابدار 2006 ۾ گذري جي علائقي ۾ چوڌري اسلم تي حملو ڪيو هو حملي ۾ چوڌري اسلم جا ٻن گن مين به شهيد ٿي ويا هئا. 2014ع ۾ ڪراچي جو ايس ايس پي چوڌري اسلم هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه مهينن ۾ فوڊ اٿارٽي جي ڪارروائين ۾ تيزي ايندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے