21 بدھ , نومبر 2018

چوٿين ڪلاس جو ذهين شاگرد حسن علي پٺاڻ جنهن کي چار مُلڪ ڏسڻ جو اعزاز حاصل آهي:سڪينه امام

چوندا آهن ته ٻار دنيا جي سڀ کان خوبصورت تخليق آهي ۽ ذهانت ڪنهن جي ميراث ناهي. اهو جي طرفان اسان لاءِ هڪ انمول تحفو آهي، اها ذهانت ئي آهي جنهن ڪري انسان هن دنيا کي مختلف شيون ٺاهي وڌيڪ وڻندڙ ڪيو آهي.

اڄ اسان توهان کي هڪ ننڍڙي ذهين شاگرد حسن علي پٺاڻ سان ٿا ملايون، جيڪو ڪلاس چوٿين ۾ Avicenna اسڪول ۾ پڙهندو آهي، جنهن ٻڌايو ته هن جو والد بينڪر آهي ۽ سندس والده مونٽيسري ڊائريڪٽر آهي جيڪا هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائي ٿي، حسن علي چيو ته هو نرسري کان وٺي پوزيشن هولڊر رهيو آهي، هيل تائين هو مختلف شيلڊز ۽ سرٽيفڪيت حاصل ڪري چڪو آهي جن ۾

سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ (نرسري ڪلاس ۾)

سرٽيفڪيٽ آف بيسٽ پرفارمنس )ڪلاس Pre II)

شيلڊز آف ڪنسٽنس پرفارمر آف دي ايئر (ڪلاس I, II)

بيسٽ ريڊنگ سرٽيفڪيٽ به مليو اٿس،

هو شارپ مائينڊ آهي، جنهن ڪري هو شيون  جلدي سکي ويندو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجو پسنديده مضمون ڊرائنگ آهي ڇو ته مون تصويرون ٺاهڻ ۽ انهن ۾ رنگ ڀرڻ سٺو لڳندو آهي ۽ ڊرائنگ ڪرڻ هن کي سولي لڳندي آهي، هن جو پسنديده راند فٽ بال آهي ۽ ميسي هن جو پسنديده رانديگر آهي.

هن ٻڌايو ته هن جي پسنديده ٽيچر مس بشريٰ آهي جيڪا تمام دوستانا ماحول ۾ پڙهائيندي آهي، کيس ترڻ  تمام گهڻو وڻندو آهي، هن جي پسنديده شخصيت Roman Reings آهي. هن کان پڇيم ته سڀني کان وڌيڪ محبت ڪنهن سان ڪندا آهيون؟ ته هن چيو ته مان پنهنجي ٻنهي والدين سان محبت ڪندو آهيان ڇو ته اسان جي والدين اسان کي پاليو آهي. پيار ڪيو آهي ۽ اسان لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي.

حسن علي وڌيڪ ٻڌايو ته هو هيل تائين چار ملڪ گهمي چڪو آهي. جن ۾ ملائيشيا، ٿائلينڊ، دبئي ۽ آمريڪا، سڀني کان وڌيڪ هن کي دبئي وڻيو، اتان جون شيون جن ۾ سفاري ڊيزرٽ، وائلڊ وادي، برج خليفه، دبئي مال  جيڪو ڏاڍو خوبصورت هو، هن کان پڇيم ته ٻين ملڪن ۾ ۽ پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ته هن چيو ته صفائي جو. اتي تمام گهڻي صفائي آهي ۽ اسان جو ملڪ گدلو ۽ ميرو آهي.

هن چيو ته مان روزانو 6 وڳي اٿندو آهيان ۽ ڪڏهن به ناشتي کان بغير اسڪول نه ويندو آهيان، ڇو ته صحتمند رهڻ لاءِ ناشتو ضروري آهي، ناشتي کان بغير جيڪڏهن ٻار اسڪول ويندا ته هو ذهين نه ٿيندا ۽ پڙهائي تي ڌيان به نه ڏيندا. توهان کي جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته پاڪستان ۾ ڪهڙي تبديلي آڻيندئو؟ ته هن چيو ته مان سرڪاري اسڪولن ۾ تبديلي آڻيندس، انهن کي معياري ۽ بهترين اسڪول ڪندس، هو وڏو ٿي بزنس مين ٿيڻ ٿو چاهي. هن چيو ته هو اسڪول جي سڀني سرگرمين ۾ حصو وٺندو آهي، خاص ڪري هو Debates ۾ ضرور حصو وٺندو آهي.

کاڌي ۾ هن کي ڪڪڙ جي ڪڙاهي پسند آهي.

هن ٻڌايو ته O’ Levels ۾ سنڌي نه ٿا پڙهائين پر منهنجي والده جيئن ته لاڙڪاڻي مان پڙهي آهي، ان ڪري هو اسان کي اڪثر سنڌي بيت ۽ سنڌي کوڙا پڙهائيندي آهي، جن کي ٻڌي ۽ پڙهي اسان تمام گهڻو مزو وٺندا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے