17 ہفتہ , نومبر 2018

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ميڊيا جو هڪ حصو منهنجي خلاف خبر هلائي، آئون صحافين سان رابطا ناهيان رکي سگهندو شايد ان ڪري مون کي ان جي سزا ڏني وئي. آفاق احمد جو چوڻ هو ته مهاجر لفظ تي متحده باني سان مفاهمت ناهي ڪئي ته عامر خان ڪيئن اتحاد ٿي سگهي ٿو. مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته اهو شهر اسان جو هو، اسان جو آهي ۽ اسان کي ئي بچائڻو آهي. آفاق احمد چيو ته عامر خان ننڍو ڀاءُ آهي، مختلف تقريبن ۾ ملندو رهندو آهي پر ڪڏهن به سياست تي ڳالهيون ناهن ٿيون. هن چيو ته منهنجو پنهنجو نظريو آهي منهنجي پنهنجي سوچ آهي، آئون ان شهر ۾ بلڪل مفاهمت ۽ ڀائي چاري جي هوا چاهيان ٿو. اسان ان شهر جي نالي تي ڪا به سياسي مفاهمت ته ڪري سگهون ٿا پر پاريت جي الحاق جو ڪو به سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽرن وارو بيان: صدرکانپوءِ  گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم جي بيان جو دفاع ڪندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے