17 ہفتہ , نومبر 2018

وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي افغانستان ۾ حملي جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افغان صوبي قنڌار ۾ ٿيندڙ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪري رهي آهي، افغان عوام جي ڏُک کي محسوس ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ به چونڊ عمل دوران اهڙي قسمن جي ئي حملن کي منهن ڏيڻو پيو، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ افغانستان ۾ امن ضروري آهي، پاڪستان امن ڪوششن ۾ افغان حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي. هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي مذمتي بيان ۾ چيو ته افغانستان ۾ امن خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي، افغان ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز کي افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۾ ڪامياب ڏسڻ چاهيون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري جهاز جو استعمال: حڪومت پاران مريم خلاف نيب کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے