17 جمعرات , جنوری 2019

سعودي عرب پاڪستانين لاءِ عمري جي واڌو فيس معاف ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت ٻن سالن دوران ٻيهر عمرو ڪرڻ تي لاڳو ٻه هزار ريال فيس ختم ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستاني اختيارين ۽ عمرو/حج آپريٽرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امڪان آهي ان جو باضابطا اعلان ايندڙ هفتي ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ عمري فيس بابت معاملو اٿاريو هو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سعودي ولي عهد کي عمري جي فيس ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي پاڪستانين لاءِ ٻه هزار ريال فيس ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فواد چوڌري پنهنجي بيان تي گوڏا کوڙي ڇڏيا….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان تي مسلم ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے