21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | نوابشاھ: پ پ پاران ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

نوابشاھ ۾ پيپلز پارٽي ضلعي شھيد بينظيرآباد پاران  18 آڪٽومبر  ڪار ساز جي  شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  تقريب ڪوٺائي وئي .

ضلعي سيڪريٽ پيپلز پارٽي  بينظيرآباد  ۾ شھيدن جو  ڏھاڙو ملھايو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي پ پ  ضلعي  صدر  علي اڪبر جمالي ايم پي اي  غلام قادر چانڊيو،  عبد النبي جمالي ، راشد چانڊيو ، غلام شاهه لغاري،  بشير جمالي ۽ ٻين چيو ته  هو ڪار ساز  جي شھيدن  کي سلام پيش ڪن ٿا، جن پنھنجي  قائد شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

ھنن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به خطي يا ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جھڙا ڪارڪن نه ھوندا جيڪي پنهنجي ليڊرن  خاطر  باھ ۾ سڙڻ لا۽ تيار ھجن .

ھنن وڌيڪ چيو ته 18 آڪٽومبر  تاريخ جو اھو ڪارو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي عظيم ليڊر محترما بينظير ڀٽو تي حملو ٿيو ۽ سوين ڪارڪن  شھيد ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمھر: سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

خانپورمھر  ۾ سرورڪائتات جي آمد جو ڏهاڙو نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے