17 ہفتہ , نومبر 2018

ٿر ڪول گيسيفڪيشن جاچ نيب حوالي، آڊٽ جو حڪم، منصوبو ماحول لاءِ خطرناڪ قرار

Railway Case: Supreme Court issued notice to Chief Secretary and Attorney General of the Provincial Provincial Affairsاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ٿرڪول ۾ گيسيفڪيشن مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جي جاچ نيب اختيارين حوالي ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ٿرڪول پاور پراجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، منصوبي جو چيئرمين ڊاڪٽر ثمرمبارڪ مند به عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت آڊيٽر جنرل کي ٿرڪول منصوبي جي فرازنڪ آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم  ڏيندي 15  ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته منصوبي جو سمورو سامان قبضي ورتو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڏسون ته هن منصوبي ۾ ته ڪرپشن ناهي ڪئي وئي، عدالتي معاون سلمان اڪرم راجا عدالت کي ٻڌايو ته منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ واضح ناهي، 30 سالن تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي جو چيو ويو هو، ماهرن مطابق منصوبي سان زمين هيٺ پاڻي گهٽجي ويندو ۽ ان سان ماحوليات تي خراب اثر پوندا. سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته هڪ ڪميٽِي چيو آهي ته هي ناڪام منصوبو آهي، وڌيڪ رقم نه ڏيڻ گهرجي، ثمر مبارڪ جي منصوبي جي منظوري ڏيندڙ کي به ڏسڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ارب ڇا هوندو آهي، اربين رپيا وڻ جي پنن جيان اڏايا ويا . 3.8 بلين ته هن منصوبي تي لڳي چڪا آهن، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند کي اهي پيسا ڏيڻا آهن؟ چيف جسٽس عدالتي معاون کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيڏانهن ويون. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جون اهي دعوائون؟ ڇا هن معاملي کي ايف آءِ اي حوالي نه ڪيو وڃي؟ يا هن جي نئين سِر جاچ ڪرائي وڃي. چيف جسٽس چيو ته منصوبي تي تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو ته مان اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو اڄ تائين ڪنهن سائنسدان ناهي ڪيو، 100 ميگاواٽ جي منصوبي ۾ مان 3 ميگا واٽ بجلي نه به پئي ملي.چيف جسٽس چيو ته پاڪستان غريب ملڪ آهي، ڇا ان جو پيسو ائين ضايع ڪرڻو آهي؟ ٿرڪول گيسي فڪيشن مان بجلي ٺاهڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو بندرگاهن تي پلانٽ لڳل آهن. نيب پراسيڪيوٽر اصغر حيدر عدالت ۾ منصوبي بابت رپورٽ پيش ڪئي ۽ چيو ته انجنيئرن مطابق زمين هيٺ گيسي فڪيشن مان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي.عدالتي معاونن سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي به پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ڇا پوزيشن آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته ان منصوبي جو سمورو پئسو وفاق ڏنو، جڏهن ته زمين سنڌ  حڪومت جي آهي. ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو ته منصوبي  سان ڪا به ماحولياتي آلودگي ناهي ٿي،  آسٽريليا جي هڪ ڪمپني به زمين هيٺ گيسي فڪيشن ڪري رهي آهي، وڪيل ان منصوبي بابت نه ٻڌائي سگهيا. چيف جسٽس ڊاڪٽر ثمر سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي خبر هئي ته توهان اهو ئي چوندا، جڏهن ثمر مبارڪ دعويٰ ڪئي ته رومانس ٿي ويو، چيو ويو ته مفت بجلي ملندي، پر خزاني کي چار ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے