15 جمعرات , نومبر 2018

اين ايف سي ۾ فاٽا لاءِ صوبن جي حصي مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي، ڪراچي جي ترقي تي ڪميٽي قائم

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا قومي مالياتي ڪميشن جي ورڇ جوڳي پول مان 3 سيڪڙو فنڊ فاٽا کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ڪمند جي پيڙائي 15 نومبر کان شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزيرن جي پرڏيهي دورن ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس دوران گئس اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومت کي 100 ڏينهن جي پلان تي عمل جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ مختلف ٽاسڪ فورسز جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي بابت به ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويو، منصوبي لاءِ زمين جي موجودگي ۽ معاشي پلان تي لاڳاپيل وزارتن بريفنگ به ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي ۽ معاشي صورتحال سميت 10 نڪاتي ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ڪراچي جي ترقي ۽ شهر جي فنڊن جي استعمال جي نگراني لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي بڻائي وئي آهي. اسلام آباڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڪراچي جي لاءِ بڻايل اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جنهن جي سربراهي سنڌ جو گورنر ڪندو ۽ ڪراچي جو ڪمشنر صالح فاروقي سيڪريٽري هوندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي 6 ميمبرن جو تعلق ڪراچي سان آهي، وفاق مان ملندڙ فنڊ ڪراچي ۾ صحيح طريقي سان خرچ نه ٿيڻ جي شڪايت آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي کي ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي. اختياري ڪميٽي صوبائي حڪومت کي به گڏ کڻي هلندي ڇو ته هن کان سواءِ معاملا مڪمل نٿا ٿي سگهن. فواد چوڌري حڪومتي معاملن ۾ تبديلي بابت ٻڌيو ته پرڏيهي وزير کان سواءِ ڪو به وزير سال ۾ 3 کان وڌيڪ پرڏيهي دورا نه ڪندو. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ايڊجسٽمنٽ ڪرڻي آهي جنهن ۾ فاٽا کي 3 سيڪڙو حصو ويندو، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبو پنهنجو حصو گهٽ ڪري فاٽا کي ڏيندو. اهم فيصلن بابت هن ٻڌايو ته اسان کنڊ جو وڪرو وڌائڻ جو چيو هو ته هارين کي سهولت ملي ۽ مل مالڪ کنڊ وڪڻي انهن کي پيسا ڏين. هن چيو ته هاڻ مل جا مالڪ چئي رهياآهن ته ڪرشنگ سيزن دير سان شروع ڪئي ويندي جيڪا سراسر غلط آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان پاڻ ڏٺو هو ته هارين کي ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هن چيو ته اسان هارين سان گڏ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪرشنگ سيزن هر حال ۾ 15 نومبر تي شروع ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا ايل اين جي امپورٽ ڪرڻ جي معاهدي ۽ ايل اين جي جي ٽرمينل معاهدي تي نظرثاني جي لاءِ ڌرين سان نئين سري سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، بندش پيل هٿيارن جي لائسنس جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف وفاق جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل واپس وٺڻ، ايرا کي اين ڊي ايم اي ۾ ضم ڪرڻ ۽ انضمام تائين اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي ايرا جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ فاٽا ريفارمز جو جائزو ورتو ويو، فاٽا جي انتظامي معاملن کي به ڏسڻو آهي ان لاءِ ان شين جو مڪمل طور تي جائزو ورتو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان فاٽا جي عدالتي نظام تي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر کي هدايت ڪئي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪي 3 سيڪڙو فاٽا کي فنڊ ڏيڻا آهن انهن کي ڏٺو وڃي. هن چيو ته ڪابينا بندش پيش بور جي هٿيارن جي لائسنس تي پابندي جو فيصلو واپس ورتو آهي. ارڙهين ترميمن کانپپوءِ هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جو معاملو صوبن جو آهي هاڻي صوبن کي ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ان حوالي سان ڪهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت اها اپيل فوري طور تي واپس وٺي ۽ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته هو چئني صوبن سان گڏجي هٿيارن جي پاليسي ٺاهي، ايرا جي 950 ملازمن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو ۽ ان بابت ٻن صوبائي ايجنسين کي صوبائي ادارن ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڪنهن کي به نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو. وزارتن ۾ صرف انتهائي اهم دورا ئي ڪري سگهبا، پهرين وزيرن جا ساليانا دورا 622 هئا، جن کي گهٽ ڪري 428 ڪيو ويو آهي، سڀني وزيرن جا غير ملڪي دوران وزيراعظم جي اجازت سان مشروط هوندا، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ لڳايل ايل اين جي ٽرمينلز جي آڊٽ ڪرڻ سان وڏا وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، احتساب جو عمل اڳيان وڌي ٿو ته احتجاج ۽ ظلم ٿيڻ جو ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، هي ماڻهو پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ڪري ويا آهن ان تي انهن کي ته گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فاٽا جو ڪنٽرول چيف منسٽر سيڪريٽريٽ وٽ هوندو.  هن چيو ته پاڪستان کي 12 ارب ڊالر گهربل آهن ۽ ان گهربل رقم جي لاءِ آءِ ايم ايف سميت مختلف دوست ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، هن چيو ته وال اسٽريٽ جرنل جي ڪي اليڪٽرڪ معاهدي ۾ نواز شريف جي ڪمپني کي 20 ملين ڊالر ڏيڻ جي خبر ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، پر اهو ته شريف ڀائرن جي ڪارنامن جو معمول آهي، شريف ڀائرن جي ڪرپشن جا ته ايترا واقعا سامهون اچي رهيا آهن جو عوام وٽ ڳڻپ جي لاءِ ٻڙي جو انگ ئي ختم ٿي ويو آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے