20 منگل , نومبر 2018

ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو انڪشاف

Funds collected from Karachi via ransom, extortion for banned terrorist group: reportڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪري دهشگرديءَ ۾ استعمال لاءِ افغانستان موڪلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب فنڊ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتي جي مد  ۾  وصول ٿيند رهيا آهن . ڀتو اقليتي برادري ۽ بلوچستان ۾ مائنز اينڊ منرلز وارن کان ورتو پيو وڃي. ڪوئيٽا ۾ اقليتي برادري جي مذهبي هنڌ تي حملي کانپوءِ ڪراچي ۾ ڀتو  ورتو ويو. اغوا ۽ ڀتي جي رقم حوالا ۽ هنڊي ذريعي افغانستان موڪلي وئي. نيڪٽا ان ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس طور ورتو  ۽ گڏيل تياري کانپوءِ فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وفد جي پاڪستان جي تازي دوري ۾ ان کي سامهون رکيو ويو. اغوا ۽ ڀتي جي رقم حوالا ۽ هنڊي ذريعي افغانستان موڪلي وئي، رقم افغانستان موڪلڻ لاءِ 40 بئنڪ اڪائونٽن جو استعمال ڪيو ويو ، ڀنگ عيوض اغوا ڪيل جي رقم افغانستان پهچندي هئي ته مغوي کي آزاد ڪيو ويندو هو. عالمي پابندي مڙهيل تنظيم جي اهڙن ڌنڌن جو انڪشاف گلستان جوهر ۾ اغوا جي ڪاروائي مان ٿيو، هڪ شهري کي اغوا ڪري ان کان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڀنگ جي رقم وصول ڪئي وئي. عالمي پابندي مڙهيل تنظيم جو اهو نيٽ ورڪ ڪراچي کان بلوچستان ۽ پوءِ افغانستان تائين پکڙيل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هڪ اندازي موجب هن وقت تائين 8 ڪروڙ کان 10 ڪروڙ رپيا افغانستان موڪليا ويا آهن. اها ئي عالمي پابندي مڙهيل تنظيم سول اسپتال ڪوئيٽا سانحي، پوليس ٽريننگ سينٽر ڪوئيٽا، چيني شهرين جي قتل ۽ ڪوئيٽا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ پڻ ملوث آهي.نيڪٽا اغوا جي ڪيس سميت وڌيڪ هڪ فنڊنگ ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس طور تي ورتو، نيڪٽا طرفان انهن ٻنهي ڪيسن جي جي تفصيلن کي جامع طور تي گڏ ڪيو ويو، ٽيسٽ ڪيسن کي ايف اي ٽي ايف يعني فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وفد جي پاڪستان جي دوري ۾ سندس سامهون رکيو ويو.  ان انڪشاف کانپوءِ حوالا ۽ هنڊي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ اغوا ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے