21 بدھ , نومبر 2018

معطل ميمبرن جي بحالي تائين ايوان ۾ نه وينداسين: حمزا شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پنهنجي 6 معطل ٿيل اسيمبلي ميمبرن جي بحالي تائين پنجاب اسيمبلي ۾ نه وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن عام چونڊن جي رات ئي عام چونڊن ۾ ڌانڌليءَ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان ڌانڌلي باوجود نتيجا قبول ڪيا. هن چيو ته اسپيڪر جو ڪم هوندو آهي ته مخالف ڌر کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلي، ايوان ۾ هڪ اهڙو شخص اسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺل آهي جنهن 12 ووٽ چوري ڪيا.  سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي عورتن لاءِ توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا آهن. حمزا شهباز شريف چيو ته مان دعويٰ سان چوان ٿو ته اسيمبلي ۾ ڀڃ ڊاهه جي تصوير جعلي آهي. هن چيو ته اسيمبلي ۾ هنگامي جي جعلي تصوير جاري ڪئي وئي، اهو جعلي اسپيڪر جو جعلي قدم آهي. سندس چوڻ هو ته اسيمبلي ميمبرن جي داخلا تي پابندي سان سندن استحقاق مجروح ٿيو آهي، اسان جي ميمبرن جي توهين ڪئي ويندي ته پوءِ احتجاج ڪنداسين. حمزا شهباز شريف چيو ته پهريون اسان جي ميمبرن کي ايوان ۾ آندو وڃي جيستائين اسان جي ميمبرن جي معطلي جو حڪم واپس نه ٿيندو مان ايوان ۾ نه ويندس. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمران خان جو ڪو به اصول ناهي، بني گالا ۾ ويٺل شخص کي سپريم ڪورٽ ڏنڊ ادا ڪرڻ جو چئي رهي آهي جڏهن ته شهباز شريف کي جنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو تنهن جو هڪ ثبوت پيش نه ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے