17 ہفتہ , نومبر 2018

ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پگهارون جاري نه ڪرڻ تي سيڪريٽري صحت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪيس ۾ پنجن مهينن جي پگهار جاري نه ڪرڻ تي صحت واري سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پنج نومبر تائين پگهارون جاري ڪيون وڃن، پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ليڊي هيلٿ ورڪرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ٻڌايو ته اسان کي پنجن مهينن کان پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن. چيف جسٽس چيو ته عيد کان اڳ حڪم ڏنو هو اڃا تائين پگهار جاري نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ليڊ هيلٿ ورڪرز هر علائقي ۾ وڃي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پيارين ٿيون ان خدمت تي کين پگهارون به جاري نه ٿيون ڪيون وڃن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته صحت وارو سيڪريٽري ڇو پيش نه ٿيو آهي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته هو ٿر جي حوالي سان گڏجاڻي ۾ آهيان. عدالت پنجن مهينن جي پگهار جاري نه ڪرڻ تي سيڪريٽري صحت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته توهين عدالت نوٽيس جاري ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے