23 بدھ , جنوری 2019

اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!

شفيق الرحمان شاڪر

تعليم هڪ سماجي عمل آهي جنهنجو بندوبست سماج جي هٿ ۾ هوندو آهي. ڪنهن به ملڪ جو نظام تعليم سڌيءَ ريت ان ملڪ جي مسئلن ۽ گهرجن تي مدار رکندو آهي.نظام تعليم يا تعليمي عمل سماج جي ضرورتن کي نظرانداز ڪري نٿو سگھي.تعليمي عمل جو سماج سان گهرو لاڳاپو ٿئي ٿو جو هر ماڻهو سماج جو حصو هوندو آهي ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ تعليم يافتا هئڻ نهايت ضروري آهي پر هتي ته هميشه ابتي گنگا وهندي آئي آهي.

اسان جي ملڪ ۾ علم جو تعلق پئسي سان ڳنڍيو ويندو آهي.اسان جي ملڪ ۾ نوي سيڪڙو امير ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پڙهيل لکيل ناهن.علم جي باري ۾ ته چيو ويندو آهي ته علم انسان جي غيبي اک آهي جنهن ذريعي هو ڪيتريون ئي شيون پسي سگھي ٿو پر اسان جي ملڪ ۾ ته تعليم جو معيار ئي ختم ٿي چڪو آهي. اسان جي قوم جيڪا اڳ ئي هڪ ٽڙيل پکڙيل قوم هئي هاڻي هڪ هجوم جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.ان ٽڙيل پکڙيل قوم کي هڪ خوبصورت تعليمي نظام ذريعي ڳنڍي سگھجي ها پر هتي ته تيرهن قسمن جا تعليمي نظام هلي رهيا آهن جن جو حاصل نتيجو ٻڙي آهي.اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم،مشينري اسڪول ۽ مدرسن وغيره قوم کي وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائي رکيو آهي.اڻ پڙيل هئڻ ڪو ڏوهه ناهي پر جاهل رهڻ ضرور ڏوهه آهي.

جهالت جو وڏي ۾ وڏو مثال اهو آهي جو اسان مان ڪنهن کي به ڪو قانون ٽوڙڻ کان منع ڪئي وڃي ته هو اهو ئي جواب ڏئي ٿو ته ٻيا به ته قانون ٽوڙي رهيا آهن.جاهل شخص کي چئجي ته پنهنجي گھر جو گند ڪچرو گھٽيءَ ۾ نه اڇلايو ته جواب ملندو ته ميونسپلٽيءَ  وارا پگھارون ڪهڙي ڪم لاءِ ٿا وصول ڪن؟ ڪنهن اڻ پڙهيل ماڻهوءَ سان ته گذارو ڪري سگھجي ٿو پر ڪنهن جاهل ماڻهوءَ سان گھارڻ وڏو عذاب آهي. جهالت اها به آهي جو جن ماڻهن وٽ اوچتو حرام ذريعن سان اجايو پئسو اچي وڃي ٿو ته اهي سڀ کان پهرين واسڪوٽ سبرائي معتبر بنجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پوءِ گھر بدلائين ٿا ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پئسي جي فضول خرچي ڪن ٿا.

اسان جي سماج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي مقصد هوندو آهي ته ڪٿي ڪا سٺي نوڪري ملي وڃي ۽ جن کي ڪا سٺي نوڪري ملي ٿي ته اهي علمي ۽ معاشي دهشتگردي پکيڙڻ لڳن ٿا.پاڪستان ۾ اڄ تائين جيتري به معاشي دهشتگردي ۽ ڪرپشن ٿي آهي اها انهن پڙهيل لکيل ماڻهن ئي ڪئي آهي.اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام نهايت ئي ناقص ۽ بي مقصد آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو نائيجيريا کان پوءِ اسان جي ملڪ ۾ ئي گھٽ ۾ گھٽ ٻار اسڪول وڃن ٿا.اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ حالت اها آهي جو سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جو انگ وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو آهي.خانگي تعليمي ادارن ۾ مختلف ڳرين فين سان ماڻهن کي ڪٺو پيو وڃي.عام ماڻهون انهن ادارن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائي نٿو سگھي.

اسان جو ملڪ هن وقت جن بنيادي مسئلن جو شڪار آهي انهن مان تعليم هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي. سبب اهو جو اسان پنهنجي جي ڊي پي جو رڳو ٻه سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيون ٿا جنهن جو به هڪ وڏو حصو ڪرپشن حوالي ٿي وڃي ٿو.سرڪاري تعليمي ادارا جتي تدريسي عملي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن اتي انهن ادارن ۾ بنيادي ضروري سهوليتون به اڻ لڀ آهن.استادن جي تربيت جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونهي.جديد دور جي گھرجن مطابق تعليمي نصاب ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي نه ٿي سگھي آهي.ادارن ۾ سياسي مداخلت کي ڪو ٻنجو نه اچي سگھيو آهي .اسڪولن ۾ موجود سائنسي ۽ فني ليبارٽريون سامان جي اڻ هوند جو شڪار آهن.انتظامي ڪرسين تي اهڙا عملدار ويٺل آهن جن جي تعليمي يا تدريسي عمل سان ڪا به عملي دلچسپي نظر نٿي اچي.حالت اها آهي جو اڪثر اسڪولن ۾ ته شاگردن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر به موجود ناهي.جديد دور ۾ جڏهن دنيا انٽرنيٽ ذريعي پورو پورو تعليمي ۽ تدريسي فائدو حاصل ڪري رهي آهي اسان جا تعليمي ادارا ان سهوليت کان اڃا تائين محروم آهن.

تنهن هوندي به چئي سگھجي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ تعليمي ادارا ڪجهه نه ڪجهه تدريسي عمل ته جاري رکندا ٿا اچن پر جيستائين تربيتي عمل جو تعلق آهي ته ان جون ضرورتون بلڪل ئي پوريون نه ٿي رهيون آهن جنهن ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن جي سوچن ۽ روين ۾ به جهالت ئي جهالت ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي.جيڪر هن سماج کي ڏڦير ۽ انتشار مان ڪڍڻو آهي ته تعليمي ادارن ۾ تربيتي نظام کي مضبوط ۽ فعال بنائڻو پوندو.تعليم جو مقصد ماڻهن کي پڙهائڻ نه پر سندن تربيت ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن اهي هن سماج جا سڌريل ۽ مهذب فرد بڻجي سگھن،پنهنجون سماجي ۽ قومي ذميداريون سمجھي انهن کي پورو ڪرڻ جي قابل بڻجي سگھن.منجھن انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جو جذبو بيدار ٿي سگھي ۽ اهي هر قسم جي ڪيني، لالچ ۽ تعصب کان مٿانهان ٿي سوچي سگھن.

جيڪڏهن اسان جو موجوده تعليمي سرشتو اهي ضرورتون پوريون نه ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان پوريون نه ڪري رهيو آهي ته پوءِ اسان پڙهيل لکيل ماڻهن جي اهڙي فوج تيار ڪري رهيا آهيون جن ۾ نه سماجي شعور آهي ۽ نه ئي انساني قدرن جي ڪا سڃاڻپ!

هي به ڏسي سگهو ٿا

سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ شريڪ ٿيلن 52 اڳواڻ تي داخل ڪيس وارو معاملو

 زرار  پيرزادو ¨ سائين جي ايم سيد جي 115 هين سالگرهه جي رد عمل ۾ وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے