15 ہفتہ , دسمبر 2018

فيصل واوڊا صاحب! نفرت جي سياست کي هٿي نه ڏيو

حميده گهانگهرو

صبح سان اخبار جي پهرين سرخي ڄڻ دل ۽ دماغ تي هٿوڙي کان خطرناڪ ڌڪ هنيو، هٿوڙي جو ڌڪ ته ماري سگهي ٿو پر هي اهڙو ڌڪ آهي جنهن سان نه مري سگهجي ٿو ته نه ڪنڌ کڻي جي سگهجي ٿو ته جنهن ملڪ جا حڪمران اهم ذميداريون کڻڻ کان پوءِ غير مهذب ۽ تڪليف ڏيندڙ زبان استعمال ڪن ته غريب جيڪو اڳي ئي بي وسيءَ جي زندگي گذاري ٿو ان جو ڪهڙو حال ٿيندو.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا عوام جي اميدن جا ڏيئا ٻارڻ لاءِ ٿر جو دورو ڪيو ته سندن سنڌ لاءِ جذباتي ۽ همدرداڻي سوچ نکري نروار ٿي جڏهن وفاقي وزير فيصل واوڊا اهو چيو ته ڪراچي جو پاڻي سنڌ کي ڏيندڙن جا پيٽ ڦاڙينداسين. واوڊا صاحب وفاقي وزير آهي ڪنهن به وفاقي وزير کي اهو زيب نٿو ڏئي ته هو پاڪستان جي ڪنهن به هڪ علائقي جي ڌرتيءَ تي اهڙا لفظ استعمال ڪن جن سان نه صرف نفرت جي لهر اٿي پر نفسانفسي جو به رجحان وڌي سگهي.

ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ وڏو شهر آهي. ڪراچي کي ڌار ڪرڻ معنيٰ سسي کان ڌڙ کي ڌار ڪرڻ آهي. گذريل سالن ۾ جيڪو نفرت ۽ دهشت گردي جو ماحول رهيو آهي، اتي امن جي فضا قائم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. انهن ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي ڳالهه ڪرڻ وفاقي وزير کي نٿو سونهين. عوام جيڪو اڳي ئي فاقاڪشي تي آهي، ڏتڙيل آهي، ڪومايل آهي، پيٽ بکيو آهي، غريبن جي تن تي صحيح ڪپڙا به ناهن، تن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو پاڻيءَ جي ڍڪ کان به کين محروم ڪجي.

سنڌ جي وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ جيڪو پاڻيءَ جو بحران آهي، اهو بلڪل ختم ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ڪراچيءَ ۾ هر مذهب هر ٻوليءَ هر مڪتب فڪر جا ماڻهو رهن ٿا. هيءُ صنعتي شهر به آهي، جتي هر پاسي جا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن، جنهن ۾ پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل مل جهڙا وڏا ادارا آهن ۽ ايئن چئجي ته هي شهر پاڪستان جي دل آهي پر هن شهر جي صنعتي ترقي به تڏهن مٿي چڙهي ٿي جڏهن زرعي پيداوار جيڪا اڪثر پوري سنڌ جي سرزمين تي ٿئي ٿي ۽ زرعي بحران کان بچائي ٿي، ڇا زراعت جو دارومدار پاڻيءَ سان ناهي ۽ پاڻيءَ جي بحران جي اصل ويڙهه سنڌ ۾ نه آهي پر خود مرڪز کي سوچڻ کپي ته درياهه سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ مطابق سنڌ کي پاڻي پورو نٿو ملي.

درياهه سنڌ ۾ پاڻي جي گهٽتائي ڪري سمنڊ جي ويجهو زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. ماهيگيري ختم ٿيندي ٿي وڃي، سنڌو جي ڪپ تي ڪشمور، سکر، ڪوٽڙي، ميربحرن جي ٻيڙين جون رونقون ۽ روزگار سڀ ختم ٿي ويو آهي. خشڪ ساليءَ ڪري زمين اندر سم ۽ ڪلر وڌندو ٿو وڃي. اهي سڀ ڳالهيون ڇا سنڌ سان لاڳاپيل ناهن، سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ جي نقشي جي وچ سير مان سنڌو اچي ٿو ۽ سڀ پاڻيءَ ڍڪ لاءِ پريشان آهن، انهيءَ ڪري سنڌ حڪومت کي به سمجهڻ گهرجي ته اهڙين پاليسين جن ۾ علائقن جي ورهاست ۽ عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ کان اڳ واضح پاليسي سامهون آڻڻ گهرجي. ٿر ڏڪار جو شڪار آهي، اناج من پسند علائقن ڏانهن ٿو موڪليو وڃي، موجوده وفاقي حڪومت جي وڏي دعوا اها رهي آهي ته ماڻهن کي انتشار واري پاليسي کان بچائيندا.

دنيا جي مهذب ملڪن تڏهن ترقي ڪئي آهي جڏهن عالمي لاڳاپن کي ترجيح ڏني وئي، ڪنهن به ملڪ جي پيداواري ذريعن جي ڏي وٺ تي ملڪن جي ترقي ٿيندي آهي. هاري ۽ مزدور جي برابري واري محنت تي انسان ترقي ڪئي آهي. هاريءَ لاءِ سائنسي ترقيءَ ۾ مشين ايجاد ٿيڻ کان پوءِ هاريءَ جو ڪم سولو ٿي ويو آهي. هو ڀلي هر نه هلائي، ٽريڪٽر ۽ ٿريشر هلائي پر زميني پيداوار جي سڃاڻپ هاريءَ سان منسوب آهي ۽ هاريءَ جو گهرو تعلق زمين، پاڻي ۽ پوکيءَ سان آهي ان ڪري ڪنهن به قوم سان انصاف ڪرڻ لاءِ زميني حقيقتن جي فلسفي کي سمجهڻ ضروري آهي.

حقيقت اها آهي ته اڄ جو صنعتي شهر ڪراچي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ زرعي شهر هو، ۽ لڏپلاڻ وقت هندستان کان لڏي آيل ماڻهن لاءِ زرعي زمينون ختم ڪري عوام جي آبادي جو شهر ٺاهيو ويو. ڇاڪاڻ جو لڏپلاڻ کان پوءِ انسانن جي رهائش ۽ آباديءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻو هو. ڪراچيءَ جا مسئلا به بلڪل ايئن آهن، جيئن سڀني وڏن شهرن جا مسئلا آهن، سکر ۾ اڄ به گندي پاڻيءَ جي سپلاءِ آهي، هفتن جا هفتا ماڻهن کي پاڻي پيئڻ لاءِ به نٿو ملي. ملڪ ترقي ڪندا آهن، صنعتي ترقيءَ جو ڄار وڇائڻ معنيٰ دنيا سان ڳانڍاپو جوڙڻ سبب انهيءَ ۾ عوام جو اعتماد ۽ ويساهه به شامل هئڻ گهرجي.

موجوده حڪومت سان عوام جون اميدون لاڳاپيل آهن، پوري سنڌ جي عوام سان ڪيل واعدن مطابق هڪجهڙو رويو هئڻ گهرجي. برصغير جي طاقتور ٻن قومن هندن ۽ مسلمانن انگريزن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ آزادي ماڻي پر وري انهيءَ ٻن قومن جي ورهاست ڪري پاڪستان ٺاهيو ويو، ته ڇا پاڪستاني قوم اها ترقي ڪري سگهي آهي جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي تصور ۾ هئي. بحرانن جو شڪار ۽ قرض ۾ ٻڏل هن ملڪ جا حڪمران جڏهن اقتدار جون واڳون سنڀالن ٿا ته سندن زبان تي اهي ئي لفظ آهن ته ماضيءَ جي حڪومت قرض ورتا. انهيءَ حد تائين جو عمران خان صاحب ٻاهرين ملڪ کان قرض وٺڻ کان خودڪشي ڪرڻ بهتر سمجهيو هو، سو به اڄ پاڪستان جي ٻڏندڙ حالتن کي ڏسي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. سو قرضي ملڪ جي زنده عوام کي جيئڻ لاءِ نفرتن جي باهه کان بچائي برابريءَ جي بنياد تي انساني حقن جي پاسداري ڪري تڏهن ئي صوبن جي اعتماد ۽ قوم کي بچائي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے