17 ہفتہ , نومبر 2018

فيصل واوڊا جو غير ذميواراڻو بيان

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل چُڪي آهي، گذريل ٻن مهينن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي ٻڙيءَکان اڳتي وڌي نه سگهي آهي، ملڪ جا اقتصادي مسئلا، پرڏيهي پاليسي،گهرو مسئلا، پرڏيهي قرضن يا وري ڪرپشن سميت سمورن مسئلن جي اڪلاءَ ۾ ڪا مثبت ڪاميابي سامهون نه آئي آهي.

پي ٽي آءِ جي حڪومت انهن سمورن مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ بنهه ناڪام ٿي آهي، پر اها ڳالهه به افسوس سان چوڻي ٿي پوي ته وزير اعظم سميت سندس مشيرن ۽ وزيرن جي اڍنگين حڪمت عملين ۽ بي وقت بيانن ڪري تحريڪ انصاف ميڊيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻجندي رهي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي اهڙن بيانن مان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ انهن ۾ سياسي سمجهه جي سخت کوٽ آهي، مثلن هندستان سان ڳالهين متعلق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جون پيدا ڪيل خوشفهميون غلط فهميون، گڏيل قومن جي اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هٿ ملائڻ واري معاملي کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي سوڀ سمجهڻ، پي ٽي آءِ حڪومت جي اقتصادي معاملن متعلق مشير عبدالرزاق دائود جو سواءِ سوچ ويچار جي سي پيڪ جي منصوبن جو جائزو وٺڻ ۽ ڪيئي منصوبن کي خارج ڪرڻ متعلق بين الاقومي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ، وزير اعظم عمران خان جو ڪراچيءَ ۾ اچي سنڌ ۾ غير قانوني طور تي ويٺل ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ ان لاءِ اهو منطق پيش ڪرڻ ته افغاني ۽ بنگالي اسٽريٽ ڪرائم  سميت سمورن ڏوهن ۾ ان ڪري ملوث ٿين ٿا جو وٽن پاڪستاني شهريت نه آهي ۽ کين شناختي ڪارڊ نه آهن، تنهنڪري انهن کي ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ۽ هاڻي وري ڪراچيءَ مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي تڪ 249- تان چونڊيل ميمبر ۽ وفاقي ڪابينه ۾ پاڻيءَ جي وسيلن متعلق وفاقي وزير فيصل واوڊا جو بيان ته، ”سنڌ ڪراچيءَ جي پاڻي کي روڪي ان کي پنهنجي جائز حصي کان محروم ڪيو ويو آهي، ڪراچيءَ جو پاڻي روڪي سنڌ جون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، پاڻي چورن جا پيٽ ڦاڙي ان مان پاڻي ڪڍندس، سنڌ ڪجهه به نه آهي ۽ وفاق کي ڪجهه به نه ٿي ڏئي جيڪو ڪجهه وفاق کي ملي ٿو اهو ڪراچي ئي ڏئي ٿي“. هُن ارڙهين تريم ختم ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي جنهن جو هتي ذڪر ڪرڻ مقصود نه آهي.

فيصل واوڊا وفاقي وزير آهي تنهنڪري مٿس اها آئيني ذميواري آهي ته هو جيڪو به عمل ڪري اهو وفاقيت جي تاثر ۽ انصاف جي سمورين تقاضائن کي پورو ڪري، نه ڪي اهڙا بيان ڏئي جيڪي سندس غير ذميوار رويي جي نشاندهي ڪن، سنڌ پاڪستاني وفاق جو واحد صوبو آهي جيڪو پاڪستان جي قيام کان وٺي اڪيچار مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن مسئلن مان پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو پڻ انتهائي بنيادي ۽ اهم آهي، سنڌ جو سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي به حق تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ کيس پنهنجي جائز حصي جو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي، فصلن جي هاڻوڪي ربيع واري مند ۾ پڻ سنڌ 80/ سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي، سنڌوءَ ۾ گذريل پندرنهن سالن کان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڦڙو به نه ويو آهي، هاڻي ته پاڻي ڪوٽڙيءَ کان اڳتي وڌي ئي نه ٿو. جڏهن سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ کي ايتري شديد نموني منهن ڏئي رهي آهي ته مٿس فرض آهي ته هو سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس وڙهي، مٿس اها ذميواري تڏهن به وڌي وڃي ٿي جو هو سنڌ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيل آهي.

فيصل واوڊا جي بيان مان انتهائي غير ذميواريءَ جو اظهار ٿئي ٿو، هو جڏهن ڪراچيءَ جي پاڻي جي چوريءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته کيس اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ 1935ع ۾ انگريز سرڪار جو ڄامشوري کان ڪراچيءَ طرف کوٽيل ڪراچي واهه اڄ به ڪراچيءَ کي پاڻي پهچائي ٿو، جڏهن ته ڪراچيءَ کي پاڻي سنڌ جي عظيم ڍنڍ ڪينجهر مان به مسلسل ملي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ڪينجهر ڍنڍ بذات خود پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪراچيءَ کي پاڻي حب ڊيم مان به ملندو رهي ٿو. ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ڪي – 4 جهڙا منصوبه پڻ تڪميل جي مرحلن ۾ آهن، ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آباديءَ جي غير فطري واڌ ڪري ٿي رهي آهي جيڪا امڪان آهي ته ايندڙ سالن ۾ سنگين ٿي وڃي.

سنڌي عوام تاريخ جي هن موڙ تي جڏهن هر ڌاريو سنڌين جي قومي وقار کي بار بار ۽ بدترين نموني مجروح ڪري ٿو، اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ته،  ” وفاق ۾ آخر ڪار سنڌين جي حيثيت ۽ حق ڪهڙا آهن ۽ انهن ماڻهن جي حيثيت ۽ حق ڪهڙا آهن جيڪي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي تي سنڌين جي سرزمين ۽ سنڌين جي قومي وسيلن تي پنهنجو حق سمجهن ٿا“.

فيصل واوڊا جو بيان ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري مسئلي کان هٽي ڪري به ٻين ڪافي سنجيده  ۽ حساس معاملن تي انتهائي غيرذميواراڻو بيان آهي جيڪو هڪ وفاقي وزير جي حيثيت ۾ ڪنهن به نموني کيس نه ٿو سونهين جو سندس بيان هڪ اهڙي سوچ جو تسلسل آهي جيڪا گذريل 80 سالن کان سنڌ کي توهين جو نشانو بڻائيندي رهي آهي.  اسين تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ وفاقي اختيارين کي پڻ اها گذارش ڪنداسين ته هو فيصل واوڊا جهڙن وزيرن کي بحيثيت وفاقي وزير جي ڪنهن به نامناسب ۽ غيرذميوار بيان ڏيڻ کان روڪين جو تحريڪ انصاف جي قيادت جا بيان ڪيترن معاملن ۽ مسئلن کي جنم ڏيندا رهيا آهن.

ڪراچي سنڌ ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ سنڌ وفاق جو “ ايڪو” آهي، تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ وزير اها ڳالهه جيتري قدر وڌيڪ ذهن نشين ڪري وٺندا اوتري قدر “ وفاق” جي مضبوطيءَ جا امڪان وڌندا ۽ سگهارا ٿيندا.

جمعو 19 آڪٽوبر 2018ع، 9 صفر المظفر  1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے