10 پیر , دسمبر 2018

اڇڙي ٿر جو ڏڪار ختم نه ٿيڻ جا ڪارڻ

سانوڻ راڄڙ

سنڌ صوبي جو هي واحد ريگستان جنهن تي حڪومتي ادارا خاموش تماشائي  بڻيل آھن سانگهڙ ضلعي جي تعلقي کپرو، خيرپور جي تعلقي ناري ۽  سکر ضلعي جي تعلقي روهڙي ۽ گهوٽڪي ضلعي  ۾  وسيع  ايراضي يعني 23000چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل اڇڙو ٿر سدائين وس وارن ۽ اقتدار ڌڻين کان وسري وڃي ٿو،  هن ٿر تي نه ته ڪابجيٽ رکي ٿي وڃي ۽ نه ئي ته ڪا بنيادي سهولت ڏني وڃي ٿي.

ملڪ جي دفاع ۽ حُرتحريڪ جو مرڪز به هي خطو رهيو آھي.دنيا جي نقشي تي موجود ٻين خطن ۾ جتي به وارياسي علائقا آھن جنهن ۾ دبئي جو ريگستان، چين، مصر ۽ انڊيا جو ريگستان به شامل آھن.انهن صحرائي علائقن ۾ جڏھن ڪو ڏڪار پوي ٿو يا اهڙي صورتحال ٿئي ٿي ته اتي جون حڪومتون سندن مال جو چارو گهرگهر وڃي سرڪاري ٽرانسپورٽ تي پهچائي ٿو ۽ ان علائقي جي ماڻھن جي روزگار جو بندوبست به سندن گهرن جي ويجهو بنيادي سهولتن جهڙن انهن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ رستن کي پڪوڪرڻ ،اسڪولن ۽ اسپتالن  جون عمارتون ٺاهڻ کوھ ۽ ٽانڪا، تلاءِ پڪاڪرڻ جي اسڪيمن جو ڄار وڇائي انهن مسئلن تي ضابطو آندو وڃي ٿو ته جيئن اتان جا ماڻھون ڪنهن امداد تي ڀاڙڻ جي  بجاءِ محنت مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پالي سگهن.

اتان جي سرڪار کي پري کان مهانگا مزدور نٿا آڻڻا پون ۽ انهن جي رهائش جي بندوبست جي به خرچ کان بچي پون ٿا جڏھن ته مقامي ماڻھن کي گهرويٺي روزگار ملي ٿو ۽ گڏوگڏ تر ۽ علائقن ۾ اهڙاڪم ڪرڻ سان ترقي به ٿئي ٿي باقي ان 50ڪلوگرام سڄوسال نه هلندو ان سان پن ۽ محتاجي جو زور پوندو هتي ڏڪار جو اصل سبب ته بنيادي سهولتون نه هجڻ جو آھي هڪ اڳئي ڏڪار جي بک ماڻھن ۽ مال کي ڏٻرو ڪري ڇڏيو آهي جو هتان جاماڻھون سفري سهولتن جي نه جڻ جي ڪري گاڏين جي ڀاڙي خرچ کي ڀرڻ جي به سگهه نٿا رکن جو هن وقت پنج ست ٻڪريون به وڪڻي ته وڏي مشڪل سان صرف گاڏي جو ڪرايو ٿا ڏئي سگهن. خدارا انهن مالوندن مسڪينن تي رحم ڪيو ۽ اڇڙي ٿر ۾ بنيادي سهولتون ڏئي سندن ڏکن کي گهٽايو، مقامي ۽ سنڌ حڪومت جو هن پاسي ڪو به توجهھ ناهي ، جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڏڪارجهڙي صورتحال  اڇڙي ٿر ٿر جا اهنج وڌائي ڇڏياآھن.خوراڪ ۽ مال جي چاري جي نه هجڻ سان چوپايي مال ۾خاص ڪري پتي ۽ ڦڦڙي، ساماهڙو، گوگو، سميت ٻي بيماري به پکڙي وئي آھي ان ڪري اڇڙي ٿر کي ڏڪارسٽيل علائقو قرار ڏنو ويو پر ان تي اڄ تائين ڪوبه عمل نه ٿيو آھي وس وارن کي گذارش آهي ته خدارا هتان جي ماڻھن جي هن ڏک جي گهڙي ۾ مدد ڪئي وڃي، ڪجھه ميڊيا جي دوستن جون ٽيمون جن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتراچند صحافي دوست پنهنجي وس آھر اڇڙي ٿر جي تر ۾ وڃي هن گرميءَ ۾ ڪوريج ڪري رهياآھن انهن کي جس هجي. اڇڙي ٿر سان لاڳاپيل جهڙوڪ ڍورونارو، غلام نبي شاهه، هٿونگو، کپرو، چوٽياريون ۽ سانگهڙ جااهي صحافي، ليکڪ، اديب جن هن سنگين صورتحال تي اڃان لفظ به لکي ناهن سگهيا تن کي گذارش آهي ته پارٽي بازي جي سياست واري صحافت کي ڇڏي ڪري هن وقت اڇڙي ٿر جي حال تي رحم ڪن ۽ پنهنجوفرض نڀائين. اڇڙي ٿر جي سمورن تڙن ۽ ڳوٺن جن ۾ خاص ڪري چوٽياريون کان اتر طرف اڇڙي ٿر جي ضلعي ۽ تعلقي سانگهڙ جي ڳوٺ منوراڄڙ ،ڳوٺ اڳهمون، کاري تڙ ، پڙائي، اوقر، ڇاڙ، وڪهين، موکٽ سميت اڇڙي ٿرجي جي کپروتعلقي جي تڙرابلاهو، تڙجيسرو، تڙجيڻھار،کٿوراهو ۽ ٻيئن ننڊن وڏن ڳوٺن ۾ ڏڪارسبب ٿري ماڻھن جومال بک ۽ بيماري سبب ڏٻروٿي مري رهيو آھي. هتي جي رهائشي مالوندن ماروئڙن جوچوڻ آھي ته اسان وٽ شديد ڏڪارواري ڪيفيت آھي.اسان جو مال بک ۽ بيماري سبب مري رهيو آھي مال جو چارو ختم ٿي چڪو آھي.هتي ويجهو ڪا مال جي اسپتال به ناهي.سموري علائقي ۾ صرف چوٽياريون ۾ مال جي اسپتال آھي.جتي به دوائون پوريون ناهن.هنن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي سانگهڙڊي سي عمرڪوٽ ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري اسان جي هن اڇڙي ٿرجي سموري علائقي  جي مدد ڪئي وڃي.جيئن اسان جو مال بچي سگهي.هتان جي ڳوٺاڻن چيو ته اسان مسڪين مارو ماڻھو آھيون. اسان جو گزر سفرمال تي آھي.هن سال سخت ڏڪار سبب اسان جي علائقي مان مال جو چارو بلڪل ختم ٿي ويو آھي.ان کان علاوه مال ۾ بيماري پکڙجي وئي آھي.

خدارا اسان مسڪين اڇڙي ٿرجي رهواسين تي رحم ڪريو.اسان جي مدد ڪريو.اسين هاڻي بکون ڪاٽڻ تي مجبورآھيون.هنن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اڇڙي ٿرجي علائقي کي ٿرپارڪر وانگر بنيادي سهولتون ڏئي احساس محرومي ختم ڪئي وڃي ۽ مال جو چارو مهيا ڪيو وڃي.اڇڙي ٿر جي ماروئڙن جو مقدر بڻيل بک ۽ بدحالي جيڪا وسڪاري جي نه هجڻ  ڪري ۽ اختيار ڌڻين جي بي ڌياني سبب اڇڙي ٿر ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت وڌي وئي آھي جڏهن ته هن تڙجيڻھار،کٿورائو، تڙکاري، سيدائو، اوقر ڪيتلور،  راڻاهو،  اسوڏر کاريو،  جعفرائو ڪاڪ ڪلور،  ماڻڪائو، ڀورائو  سميت ويجهن علائقن ۾ پاڻي جا کوھ ، ٽانڪا، ترايون ۽ نلڪا سڪل آهن ان  ڪري عورتون، مرد،۽  ٻارڙا پري پري کان گرمي ۾ به ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جوپيادل  پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور ٿي وياآھن.

اڇڙوٿر ٿر جيڪوسدائين خوشحال رهيو آھي تنهن ۾ ھن وقت پاڻي ۽ مال جو گاهه  نه هجڻ ڪري هتان جو چوپايو مال به مرڻ لڳوآھي.۽ مال ۾  بيمارين منهن ڪڍيو آهي. چوپائي مال کي بچائڻ ۽ بيمارين ۾ ورتل جانورن جي لاءِ سانگهڙ لائيو اسٽاڪ واري کاتي ڪو به جوڳو قدم ناهي  کنيوان کي هن ٿري ماڻھن جو ڏک سمجهھ ۾اچڻ گھرجي، هتي جا رهواسي مٺي پاڻي جي نه ملڻ  جي ڪري کوهن جو  کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن کارو پاڻي پيئڻ سان هتي جي رهواسين ۾ ڪيتريون ئي بيماريون خاص ڪري گيسٽرو سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن اهڙي ڏڪار جهڙي صورتحال هجڻ باوجود اڇڙي ٿر جي رهواسين جي ڪنهن به  حڪومتي عهديدار سار ناهي لڌي ان  ڪري هتان جا ماڻهون ڏکن ۽ سورن واري زندگي گزاري رهيا آهن.هتي جو گزرسفرجوواحد ذريعومال ب هاڻ مري رهيوآهي. حڪومت پاران اسان لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

اڇڙي ٿر ۾ مال جي اسپتالن واري عملي جي کوٽ جي ڪري جانورن جوعلاج به نٿو ٿئي. اڇڙي ٿر جو سموروگذر سفر جو واحد ذريعو چوپايو مال ئي آھي  پر اڇڙي ٿر۾ چوپائي مال جي علاج لاءِ ڪا به جانورن جي اسپتال ناهي حڪومت طرفان ان تي توجهھ ڏيئڻ گھرجي بيماريون پکڙجڻ ڪري ڪافي  تعداد ۾ مال مري پوي ٿو جڏھن ته سانگهڙ،کپرو ۽ نارو تعلقي جا جانورن وارا ڊاڪٽر ٿر جي ويجهوواري علائقن ۾ به پهچڻ کان لاچار آهن..

ان اهم مسئلي تي حڪومت ۽ وس وارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ ميڊياجي نمائندن کي گذارش ٿي ڪجي ته اوهان هن علائقي جي آواز کي ايوانن تائين پهچائي پنهنجو حق ادا ڪيو ڪٿي ايئن نه ٿئي جو وقت گزري وڃي ۽ اسين اڇڙي ٿر جي اٻوجهھ عوام جا مياري بڻجي وڃون.

اڇڙي ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سانگهڙکپرو۽ خيرپورجا ايم پي اي ۽ ايم اين اي سان گڏوگڏ اڇڙي ٿرسان لاڳاپيل يونين ڪائونسلن ۽ ضلع جا چيئرمين ڪوب ڪم نه پيا ڪن آخر ڇو؟؟

انهن مان ڪيربه اڄ تائين اڇڙي ٿر ۾ نه ويو ٻنهين ڌرين جا هڪ ٻئي تي صرف الزام آهن باقي ڪم هڪ آني جو به ڪنهن نه ڪيو سانگهڙ ضلع چيئرمين وٽ ايمرجنسي فنڊ به اڇڙي ٿر تي خرچ نه ٿيوجڏهن ته يونين ڪائونسلن کي به هرمهيني پنج لک ملن ٿا پر مان ڪوبه اڇڙي ٿر لاءِ ڪم نه ٿيو .

سانگهڙ ۽ سنڌ حڪومت جواڇڙي ٿرجي بجاءِ صرف ڪس وارن ويجهن علائقن ۾ پنجاھ ڪلوڪڻڪ جو ڪٽو به من پسند ماڻھن کي ڏيئي ويڊيو ۽ فوٽوسيشن ڪري ڏڪارتان ۽ بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو اڇڙي ٿر مان ووٽ وٺي ويندڙن مان صرف قاضي شمس دين راڄڙ سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو باقي شازيامري، نويد ڏيرو فقيرعلي غلام نظاماڻي به اڃان تائين اڇڙي ٿر ۾ لڙي نه آيا

ٻئي پارٽيون صرف هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ ۾ پوريون سانگهڙ ۽ سنڌ جي بجيٽ ۾ اڇڙي ٿر جو نالو به شامل نه ڪيوويو آخرسوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اڇڙي ٿر۾ بنيادي سهولتون ڏيڻ ڪنهن جو ڪم آھي مسلسل پي پي کي به پندرهون سال آھي سانگهڙ ۾ ۽ سنڌ ۾ حڪومت جو ۽ ان کان اڳ فنڪشنل جو به وڏو عرصو حڪومت رهي پر سڀن اڄ تائين رڳوپنهنجا پيٽ پاليا ڪنهن هڪ کي به خداجو خوف نه ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے