18 اتوار , نومبر 2018

شاهينن ڪينگروز کي ابوظهبي ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

Abbas stars as Pakistan beat Australia to clinch Test series

ابوظهبي ( اسپورٽس نيو ز) پاڪستان ابوظهبي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي 373 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل  سريز  0-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. محمد عباس جي شاندار بالنگ سبب ڪينگروز ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهي سگهي ۽ عثمان خواجه جي غيرموجودگي سبب پاڪستان مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان مئچ ۾ جتي بيٽسمينن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو اتي محمد عباس مئچ ۾ گڏيل طور تي 10 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو کيس مئچ  ۽ سريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. محمد عباس پهرين اننگز ۾ 33 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون ۽ ٻي اننگز ۾ 62 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون حاصل ڪيون محمد عباس يو اي اي ۾ ٽيسٽ مئچ ۾ 10 وڪيٽون وٺندڙ پهريون فاسٽ  بالر بڻجي ويو. ٻن ٽيسٽ مئچن جي سريز جي ٻي ۽ آخري مئچ ۾ راند جي چوٿين ڏينهن ايرون فنچ 24 ۽ ٽريوس هيڊ 17 رنسن تان نامڪمل اننگز جو آغاز ڪيو، ٻنهي بٽيسمينن ٽيم جو اسڪور 71 تائين پهچايو ته ٽريوس هيڊ 38 رنسون ٺاهي پويلين روانو ٿيو .ٻين رانديگرن اوپنر ايرون فنچ 31، شان مارش 5 ۽ ڪپتان ٽم پين ٻُڙي، مچل اسٽارف 28 ۽ پيٽرل سيڊل 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان محمد عباس شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٻي اننگز ۾ پڻ پنج شڪار ڪيا جڏهن ته ياسر شاهه جي حصي ۾ 3 وڪيٽون آيون. گذريل ڏينهن قومي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 400 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 538 رنسن جو هدف ڏنو. ياد رهي ته پاڪستنا پنهنجي پهرين اننگز ۾ فخر زمان ۽ سرفراز احمد جي 94، 94 رنسن جي اننگز جي مدد سان 282 رنسون اسڪور ڪيون هيون جنهن جي جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 145 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي ڪينگروز تي 137 رنسن جي سرسري حاصل ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سليڪٽرن سعد علي کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪري ويساري ڇڏيو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ)سليڪٽرن سعد علي کي نيوزيلينڊ سان ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري کيس وساري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے