17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز:دولتپورصفن:لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

*دولتپورصفن ۾ لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ ۾ آپباشي عملدارن طرفان پاڻي ءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

آبادگارن ۽ ڪڙمين  چاچا علي نواز انڙ، خادم حسين انڙ، حافظ زين ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو ويو

آبادگارن الزام هنيو ته آبپاشي کاتي جا عملدار لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور شاخ  جي منڍ جي آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن

هنن الزام مڙهيو ته آپباشي عملدار منڍ جي آبادگارن کي لفٽ مشنيون، پائيپ ۽ نوليون هڻائي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن.

 آبادگارن ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے