13 منگل , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ هٿرادو اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرن هٿرادو ڀاڙن ۾ واڌ ڪري شهرين کان ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ سي اين جي جي تازين قيمتن ۾ ٿيل اضافي شهرين کان اوڳاڙڻ شروع ڪيو ويو آهي. بسن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 10 رپين مان وڌائي 15 رپيه جڏهن ته مني بسن ۽ ڪوچن جو ڀاڙو به 5 رپين مان وڌائي 15 رپين تائين ڪيو ويو آهي. مني بسن، ڪوچن ۽ سي اين جي ڊرائيورن اضافي ڀاڙو وٺڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته سي اين جي ۽ پئٽرول جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ ڀاڙن ۾ واڌ کانسواءِ ڪو به رستو ناهي. شهرين موجب نئين پاڪستان مان معاشي طور آسودگي جي اميد ڪري رهيا هئا پر اهو هڪ خواب ثابت ٿيو آهي. صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران ڀاڙڻ ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے