21 بدھ , نومبر 2018

شاهين ايئر کي سعودي سيڙپڪار خريد ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي خانگي هوائي ڪمپني شاهين ايئر کي سعودي عرب جي سيڙپڪار خريد ڪري ورتو آهي. سعودي سيڙپڪار شاهين ايئر خريد ڪئي آهي جڏهن ته نئين انتظاميه سول ايوي ايشن اٿارٽي سان ڏيڍ ارب رپيه بقايا بابت ڳالهيون پڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.  ذريعن موجب شاهين ايئر پراڻي عملي بدران نئون عملو به ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سمورا ملازم نوان نه هوندا پر گهڻي قدر پراڻن ملازمن کي ئي ايڊجسٽ ڪيو ويندو. دفاع جي اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري  ايئر وائس مارشل رٽائرڊ نجم الاثر کي شاهين ايئر جو چيف آپريٽنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ايئر ڪموڊور رٽائرڊ طاهر محمود کي شاهين ايئر جو ڊائريڪٽر انجنيئرنگ مقرر ڪيو ويو آهي.  شاهين ائير لائن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ عملي جي ڀرتي سميت ٻين اهم معاملن لاءِ اجلاس به به شروع ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے