22 جمعہ , فروری 2019

نيوز | ميرپوربٺورو: ٽائون انتظاميا جي نااهلي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا

ميرپوربٺورو ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا، گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃڻ ڪري شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، جڏهن ته پبلڪ پارڪ سامهون ڊاڪٽر گلي ۾ گٽر نالو اٿلڻ ڪري گٽر نالي جو گندو پاڻي تلاءَ  جو ڏيک ڏئي پيو

شهرين فاروق احمد ميمڻ، يوسف دراڻي ۽ ٻين صحافين  سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب سڄو شهر گندي جي ور چڙهي ويو آهي

هنن چيو ته گٽر نالي جو بدبودار پاڻي دوڪانن ۽ ڪلينڪن اڳيان بيٺل هجڻ ڪري ڪاروبار تي سخت اثر پئي رهيو آهي،

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته روڊ تي بيٺل گٽر نالي جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شهر جي صفائي ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :ن ليگ آغا سراج دراني جي گرفتاري کي ڪيئن ٿي سمجهي؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه ۽ بلوجستان جي صدر جنرل (ر) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے